070 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 44 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
سَاَلَ سَاۗىِٕلٌۢ بِعَذَابٍ وَّاقِعٍ 1ۙ
هڪ گهرڻ واري عذاب گهري ورتو آهي جيڪو ضرور ايندو.
— عبدالسلام ڀُٽولِّلْكٰفِرِيْنَ لَيْسَ لَهٗ دَافِعٌ 2ۙ
(اهو عذاب) ڪافرن لاءِ ئي آهي. ان کي ٽارڻ وارو ڪير نه آهي.
— عبدالسلام ڀُٽومِّنَ اللّٰهِ ذِي الْمَعَارِجِ 3ۭ
جيڪو وڏن مرتبن واري الله تعالى جي طرف کان ايندو
— عبدالسلام ڀُٽوتَعْرُجُ الْمَلٰۗىِٕكَةُ وَالرُّوْحُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ خَمْسِيْنَ اَلْفَ سَـنَةٍ 4ۚ
ملائڪ ۽ جبرائيل ($) ان ڏانھن چڙهي ويندا آهن هڪ اهڙي ڏينهن ۾ جنھن جو مقدار پنجاهه هزار سال آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاصْبِرْ صَبْرًا جَمِيْلًا 5
(اي نبي ﷺ!)پوءِ تون سھڻي طريقي سان صبر ڪر.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّهُمْ يَرَوْنَهٗ بَعِيْدًا 6ۙ
هي ماڻهو (ان عذاب کي في الحال) پري ڏسن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽووَّنَرٰىهُ قَرِيْبًا 7ۭ
پر اسان ته ان کي (تمام) ويجهو ايندي ڏسون ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽويَوْمَ تَكُوْنُ السَّمَاۗءُ كَالْمُهْلِ 8ۙ
جنھن ڏينھن آسمان پگهريل ٽامي جھڙو ٿي ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَتَكُوْنُ الْجِبَالُ كَالْعِهْنِ 9ۙ
۽ جبل رنگ برنگي (پڃيل) اُن وانگر ٿي ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَا يَسْـَٔــلُ حَـمِيْمٌ حَمِـيْمًا ښ 10
(ان ڏينھن) ڪير به گهرو دوست پنھنجي دوست کان پڇندو ئي نه.
— عبدالسلام ڀُٽويُّبَصَّرُوْنَهُمْ ۭ يَوَدُّ الْمُجْرِمُ لَوْ يَفْتَدِيْ مِنْ عَذَابِ يَوْمِىِٕذٍۢ بِبَنِيْهِ ۙ11
توڙي جو هو انهن کي ڏسڻ ۾ به ايندا، ان ڏينھن ڏوهاري ماڻهو چاهيندو ته جيڪر اڄوڪي ڏينھن پنھنجا پُٽ عذاب جي بدلي ۾ ڏئي ڇڏي.
— عبدالسلام ڀُٽووَصَاحِبَتِهٖ وَاَخِيْهِ ۙ12
پنھنجي گهر واري ۽ پنھنجو ڀاءُ (به ڏي).
— عبدالسلام ڀُٽووَفَصِيْلَتِهِ الَّتِيْ تُـــــْٔوِيْهِ ۙ13
پنهنجي ان خاندان کي به جنھن کيس پاڻ وٽ رهايو.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ ثُـمَّ يُنْجِيْهِ ۙ14
۽ زمين جي هر شيءِ فديي ۾ ڏئي هو پاڻ نجات حاصل ڪري.
— عبدالسلام ڀُٽوكَلَّا ۭ اِنَّهَا لَظٰى ۙ15
(پر) ايئن هرگز نٿو ٿي سگهي. اُها ڀڙڪندڙ باهه آهي.
— عبدالسلام ڀُٽونَزَّاعَةً لِّلشَّوٰى ښ 16
جيڪا جسم جي چمڙي کي ڇڪي پٽڻ واري آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوتَدْعُوْا مَنْ اَدْبَرَ وَتَوَلّٰى ۙ17
اها باهه (حق کان) پُٺي ڦيريندڙ ۽ منھن موڙيندڙ کي ته پاڻ ڏانھن (پري کان) سڏيندي.
— عبدالسلام ڀُٽووَجَمَعَ فَاَوْعٰى 18
ان مال جمع ڪيو ۽ (خرچ ڪرڻ بجاءِ ان کي) سنڀالي رکيو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ الْاِنْسَانَ خُلِقَ هَلُوْعًا ۙ19
بيشڪ انسان کي (فطري طور) ڊڄڻي طبيعت وارو پيدا ڪيو ويو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِذَا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزُوْعًا ۙ20
جڏهن به مٿس ڪا مصيبت اچي پوندي آهي ته کڻي روڄ راڙو ڪرڻ شروع ڪندو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽو