065 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 12 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اِذَا طَلَّقْتُمُ النِّسَاۗءَ فَطَلِّقُوْهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَاَحْصُواالْعِدَّةَ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ رَبَّكُمْ ۚ لَا تُخْرِجُوْهُنَّ مِنْۢ بُيُوْتِهِنَّ وَلَا يَخْرُجْنَ اِلَّآ اَنْ يَّاْتِيْنَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۭ وَتِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يَّتَعَدَّ حُدُوْدَ اللّٰهِ فَقَدْ ظَلَمَ نَفْسَهٗ ۭ لَا تَدْرِيْ لَعَلَّ اللّٰهَ يُحْدِثُ بَعْدَ ذٰلِكَ اَمْرًا 1
اي نبي (ﷺ!سڀني مسلمانن کي ٻڌائي ڇڏ ته) جڏهن به توهان پنھنجي گهر وارين کي طلاق ڏيڻ چاهيو ته کين عدت جو وقت گذارڻ جي حساب سان طلاق ڏيندا ڪريو ۽ عدت جي وقت کي باقاعده ڳڻيندا رهو ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄندا رهو. عدت جي دوران توهان انهن کي گهر مان نه ڪڍو ۽ نه ئي هو خود گهر ڇڏي هليون وڃن. سواءِ ان جي جو اُهي ڪو ظاهري بيحيائي جو ڪم ڪري وجهن (ته پوءِ توهان انهن کي گهرن مان ڪڍي سگهو ٿا) هي الله تعالى جون مقرر ڪيل حدون آهن ۽ جيڪو به الله تعالى جي حدن کان اڳتي وڌندو ته سمجهو ته هُن پاڻ تي ظلم ڪري وڌو. (توهان مان) ڪنھن کي به خبر نه آهي ته الله تعالى (طلاق کان پوءِ) شايد توهان ٻنهي کي ملائڻ جي ڪا صورت پيدا ڪري ڇڏي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاِذَا بَلَغْنَ اَجَلَهُنَّ فَاَمْسِكُوْهُنَّ بِمَعْرُوْفٍ اَوْ فَارِقُوْهُنَّ بِمَعْرُوْفٍ وَّاَشْهِدُوْا ذَوَيْ عَدْلٍ مِّنْكُمْ وَاَقِيْمُوا الشَّهَادَةَ لِلّٰهِ ۭ ذٰلِكُمْ يُوْعَظُ بِهٖ مَنْ كَانَ يُؤْمِنُ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ ڛ وَمَنْ يَّتَّقِ اللّٰهَ يَجْعَلْ لَّهٗ مَخْرَجًا 2ۙ
پوءِ جڏهن اُنهن جي عدت پوري ٿئي ته هاڻي توهان انهن کي سھڻي طريقي سان پاڻ وٽ (نڪاح ۾ واپس) رکو يا کين سھڻي طريقي سان رخصت ڪريو ۽ پاڻ مان ٻن انصاف پسند ماڻهن کي ان تي گواهه بڻايو. الله تعالى جي واسطي صحيح صحيح گواهي ڏيندا ڪريو. اهوئي حڪم آهي جنھن جي ذريعي ان ماڻهوءَ کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي جيڪو الله تعالى ۽ آخرت واري ڏينھن تي ايمان آڻي ٿو ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى کان ڊڄندو ته الله تعالى ان جي لاءِ مشڪلاتن مان نڪرڻ جو (ضرور) ڪونه ڪو رستو پيدا ڪندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّيَرْزُقْهُ مِنْ حَيْثُ لَا يَحْتَسِبُ ۭ وَمَنْ يَّتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ فَهُوَ حَسْبُهٗ ۭ اِنَّ اللّٰهَ بَالِغُ اَمْرِهٖ ۭ قَدْ جَعَلَ اللّٰهُ لِكُلِّ شَيْءٍ قَدْرًا 3
۽ ان کي اهڙي طرف کان رزق عطا ڪندو جو سندس اوڏانهن گمان به نه ويندس. ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى تي ڀروسو رکندو ته اهوئي ان لاءِ ڪافي آهي. بيشڪ الله تعالى پنھنجي ڪم کي پورو ڪندڙ آهي. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ جو (پورو) اندازو مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاڿ يَىِٕسْنَ مِنَ الْمَحِيْضِ مِنْ نِّسَاۗىِٕكُمْ اِنِ ارْتَبْتُمْ فَعِدَّتُهُنَّ ثَلٰثَةُ اَشْهُرٍ ۙ وَّاڿ لَمْ يَحِضْنَ ۭ وَاُولَاتُ الْاَحْمَالِ اَجَلُهُنَّ اَنْ يَّضَعْنَ حَمْلَهُنَّ ۭ وَمَنْ يَّتَّقِ اللّٰهَ يَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ اَمْرِهٖ يُسْرًا 4
توهان جي (طلاق ڏنل) گهر وارين مان جيڪي حيض اچڻ کان نا اميد ٿي ويون هجن (يا جن جو حيض اچڻ بلڪل بند ٿي ويو هجي) پوءِ جيڪڏهن انهن جي باري ۾ شڪ ۾ پيل آهيو ته پوءِ (ٻڌي ڇڏيو ته) انهن عورتن جي ۽ جن عورتن کي اڃا حيض ئي نه آيو هجي، تن سڀني جي عدت ٽي مھينا آهي ۽ حمل (يعني ڳورهاري) عورتن جي عدت سندن ٻار ڄڻڻ تائين آهي. ۽ الله تعالى ان لاءِ سندس ڪم ۾ آساني پيدا ڪندو جيڪو ان کان ڊڄندو.
— عبدالسلام ڀُٽوذٰلِكَ اَمْرُ اللّٰهِ اَنْزَلَهٗ ٓ اِلَيْكُمْ ۭ وَمَنْ يَّتَّقِ اللّٰهَ يُكَفِّرْ عَنْهُ سَـيِّاٰتِهٖ وَيُعْظِمْ لَهٗ ٓ اَجْرًا 5
اهو الله تعالى جو حڪم آهي جيڪو هُن توهان ڏي نازل فرمايو آهي ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى کان ڊڄندو ته هو سندس براين کي مٽائي ڇڏيندو ۽ کيس گهڻو اجر ڏيندو.
— عبدالسلام ڀُٽواَسْكِنُوْهُنَّ مِنْ حَيْثُ سَكَنْتُمْ مِّنْ وُّجْدِكُمْ وَلَا تُضَاۗرُّوْهُنَّ لِتُضَيِّقُوْا عَلَيْهِنَّ ۭ وَاِنْ كُنَّ اُولَاتِ حَمْلٍ فَاَنْفِقُوْا عَلَيْهِنَّ حَتّٰى يَضَعْنَ حَمْلَهُنَّ ۚ فَاِنْ اَرْضَعْنَ لَكُمْ فَاٰتُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ ۚ وَاْتَمِرُوْا بَيْنَكُمْ بِمَعْرُوْفٍ ۚ وَاِنْ تَعَاسَرْتُمْ فَسَتُرْضِــعُ لَهٗ ٓ اُخْرٰى 6ۭ
(طلاق ڏيڻ کان پوءِ) اُنهن عورتن کي اُتي ئي رهايوجتي توهان خود رهو ٿا. انهن کي تنگ ڪرڻ خاطر نه ايذايو ۽ حمل جي صورت ۾ اُنهن تي ٻار ڄڻڻ تائين خرچ ڪندا رهو. پوءِ جيڪڏهن هُو توهان جي ٻار کي توهان جي اجازت سان کير پيارين ته اُن جي کين اُجرت ڏيو ۽ اجرت سھڻي طريقي سان پاڻ ۾ مشورو ڪري طئي ڪريو پر جيڪڏهن (کير پيارڻ تي) اتفاق نه ٿي سگهي ته پوءِ ٻار کي ٻي ڪا عورت کير پياري (بھرحال ٻار جي ماءُ ان کي کير پيارڻ جي ذميدار نه آهي)
— عبدالسلام ڀُٽولِيُنْفِقْ ذُوْ سَعَةٍ مِّنْ سَعَتِهٖ ۭ وَمَنْ قُدِرَ عَلَيْهِ رِزْقُهٗ فَلْيُنْفِقْ مِمَّآ اٰتٰىهُ اللّٰهُ ۭ لَا يُكَلِّفُ اللّٰهُ نَفْسًا اِلَّا مَآ اٰتٰىهَا ۭ سَيَجْعَلُ اللّٰهُ بَعْدَ عُسْرٍ يُّسْرًا 7ۧ
خوشحال ماڻهو پنھنجي خوشحالي مطابق خرچ ڪري ۽ تنگدست ۽ غريب پنھنجي حال سارون خرچ ڪري، جيڪو به کيس الله تعالى مال عطا ڪيو آهي الله تعالى جنھن کي جيترو عطا ڪيو آهي اُن کان وڌيڪ هُو ڪنھن به شخص جي مٿان ذميداري نه رکندو آهي. عنقريب الله تعالى تنگي کان پوءِ آساني پيدا ڪري ڇڏيندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَكَاَيِّنْ مِّنْ قَرْيَةٍ عَتَتْ عَنْ اَمْرِ رَبِّهَا وَرُسُلِهٖ فَحَاسَبْنٰهَا حِسَابًا شَدِيْدًا ۙ وَّعَذَّبْنٰهَا عَذَابًا نُّكْرًا 8
ڪيترائي شھر هئا جن پنھنجي پالڻھار ۽ اُن جي رسول سڳورن جي حڪم جي نافرماني ڪئي ته اسان به انهن کان ڇڪي حساب ورتوسين ۽ کين سخت عذاب ڏنو.
— عبدالسلام ڀُٽوفَذَاقَتْ وَبَالَ اَمْرِهَا وَكَانَ عَاقِبَةُ اَمْرِهَا خُسْرًا 9
انهن پنھنجي عمل جو مزو چکيو ۽ انهن جي ڪم جي پڇاڙي وڏي خساري واري ٿي وئي.
— عبدالسلام ڀُٽواَعَدَّ اللّٰهُ لَهُمْ عَذَابًا شَدِيْدًا ۙ فَاتَّقُوا اللّٰهَ يٰٓاُولِي الْاَلْبَابِ ڂ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ٽ قَدْ اَنْزَلَ اللّٰهُ اِلَيْكُمْ ذِكْرًا ۙ10
الله تعالى انهن لاءِ (آخرت ۾) سخت عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي. اي عقلمند مؤمنو! الله تعالى کان ڊڄو. الله تعالى اوهان ڏانھن ذڪر (يعني قرآن مجيد) نازل فرمايو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽورَّسُوْلًا يَّتْلُوْا عَلَيْكُمْ اٰيٰتِ اللّٰهِ مُبَيِّنٰتٍ لِّيُخْرِجَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ ۭ وَمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ وَيَعْمَلْ صَالِحًا يُّدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَآ اَبَدًا ۭ قَدْ اَحْسَنَ اللّٰهُ لَهٗ رِزْقًا 11
۽ هڪ رسول سڳورو (به موڪليو آهي) جيڪو توهان کي الله تعالى جي واضح آيتون تلاوت ڪري ٻڌائي ٿو ته جيئن هو ايمان وارن ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارن کي انڌيرن مان ڪڍي روشني ڏانھن آڻي ۽ جيڪو الله تعالى تي ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪندو ته هو انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهنديون،هُو اُن ۾ هميشه هميشه لاءِ رهندا. بيشڪ الله تعالى اهڙي شخص لاءِ سھڻو رزق رکيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواَللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ وَّمِنَ الْاَرْضِ مِثْلَهُنَّ ۭ يَـتَنَزَّلُ الْاَمْرُ بَيْنَهُنَّ لِتَعْلَمُوْٓا اَنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ڏ وَّاَنَّ اللّٰهَ قَدْ اَحَاطَ بِكُلِّ شَيْءٍ عِلْمًا ۧ12
الله تعالى ئي آهي جنھن ست آسمان پيدا ڪيا ۽ انهن وانگر زمين پيدا ڪئي، اُنهن ٻنهي جي وچ ۾ حڪم نازل ٿيندو رهندو آهي ته جيئن توهان کي چڱي طرح معلوم ٿي وڃي ته بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. بيشڪ الله تعالى پنھنجي علم سان هر شيءِ کي گهيري ۾ ورتو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽو