049 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 18 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تُـقَدِّمُوْا بَيْنَ يَدَيِ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَـمِيْعٌ عَلِيْمٌ 1
اي ايمان وارؤ! الله تعالى ۽ رسول سڳوري کان (ڪنهن به ڳالهه ۾) اڳتي وڌڻ جي ڪوشش نه ڪندا ڪريو. الله تعالى جو خوف رکو. بيشڪ الله تعالى خوب ٻڌندڙ ۽ خوب ڄاڻندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَرْفَعُوْٓا اَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ النَّبِيِّ وَلَا تَـجْـهَرُوْا لَهٗ بِالْقَوْلِ كَـجَــهْرِ بَعْضِكُمْ لِبَعْضٍ اَنْ تَـحْبَــطَ اَعْــمَالُكُمْ وَاَنْتُمْ لَا تَشْعُرُوْنَ 2
اي ايمان وارؤ! پنھنجي آوازن کي نبي سڳوري جي آواز کان ڏاڍيان نه رکو ۽ نه اُن سان ايئن ڏاڍيان ڳالهائيندا ڪريو جيئن توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڏاڍيان ڳالهائيندا آهيو. ايئن نه ٿئي جو توهان جا سڀ عمل ضايع ٿي وڃن ۽ توهان کي خبر به نه پوي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ الَّذِيْنَ يَغُضُّوْنَ اَصْوَاتَهُمْ عِنْدَ رَسُوْلِ اللّٰهِ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ امْتَحَنَ اللّٰهُ قُلُوْبَهُمْ لِلتَّقْوٰى ۭ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ عَظِيْمٌ 3
بيشڪ جيڪي ماڻهو پنھنجي آوازن کي الله تعالى جي رسول (ﷺ) جي اڳيان آهستي رکندا آهن (درحقيقت) هي اُهي ماڻهو آهن جن جي دلين کي الله تعالى پرهيزگاري لاءِ پرکي ڇڏيو آهي. ۽ انهن جي لاءِ بخشش ۽ وڏو اجرآهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ الَّذِيْنَ يُنَادُوْنَكَ مِنْ وَّرَاۗءِ الْحُـجُرٰتِ اَكْثَرُهُمْ لَا يَعْقِلُوْنَ 4
بيشڪ جيڪي ماڻهو توکي گهرن جي ٻاهران (زور زور سان) سڏين ٿا انهن مان گهڻا ماڻهو بي عقل آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَوْ اَنَّهُمْ صَبَرُوْا حَتّٰى تَـخْرُجَ اِلَيْهِمْ لَكَانَ خَيْرًا لَّهُمْ ۭ وَاللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
۽ جيڪڏهن هي ماڻهو تنھنجي اچڻ تائين صبر ڪن ها ته اهو انهن جي لاءِ ئي بھتر هو ۽ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنْ جَاۗءَكُمْ فَاسِقٌۢ بِنَبَاٍ فَتَبَيَّنُوْٓا اَنْ تُصِيْبُوْا قَوْمًۢا بِجَــهَالَةٍ فَتُصْبِحُوْا عَلٰي مَا فَعَلْتُمْ نٰدِمِيْنَ 6
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان وٽ ڪو بدڪردار ماڻهو ڪا خبر کڻي اچي ته (پھريائين) اُن جي تحقيق ڪندا ڪريو. ايئن نه ٿئي ته متان توهان اڻ ڄاڻائي ۾ ڪنھن قوم جو نقصان ڪري ويھو ۽ پنھنجي ڪيل ڪم تي ويھي شرمسار ٿيو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاعْلَمُوْٓا اَنَّ فِيْكُمْ رَسُوْلَ اللّٰهِ ۭ لَوْ يُطِيْعُكُمْ فِيْ كَثِيْرٍ مِّنَ الْاَمْرِ لَعَنِتُّمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ حَبَّبَ اِلَيْكُمُ الْاِيْـمَانَ وَزَيَّنَهٗ فِيْ قُلُوْبِكُمْ وَكَرَّهَ اِلَيْكُمُ الْكُفْرَ وَالْفُسُوْقَ وَالْعِصْيَانَ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الرّٰشِدُوْنَ 7ۙ
۽ توهان اها ڳالهه ذهن ۾ ويھاري ڇڏيو ته (هن وقت) الله تعالى جو رسول سڳورو توهان ۾ خود موجود آهي. جيڪڏهن هو گهڻن معاملن ۾ توهان جي ڳالهه مڃي ته توهان خود پريشاني ۾ اچي ويندا. پر الله تعالى توهان کي ايمان سان محبت عطا ڪئي آهي ۽ توهان جي دلين ۾ ايمان کي اڃا وڌيڪ سھڻو ڪري ڏيکاريو آهي ۽ توهان کي ڪفر، بدڪاري ۽ نافرمانيءَ کان نفرت ڏياري آهي. اهي ئي ماڻهو بلڪل سڌي رستي تي هلڻ وارا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوفَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَنِعْمَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 8
الله تعالى جي مھرباني ۽ احسان جي ڪري ئي اهي سڌي راهه تي آهن. الله تعالى وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِنْ طَاۗىِٕفَتٰنِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ اقْتَتَلُوْا فَاَصْلِحُوْا بَيْنَهُمَا ۚ فَاِنْۢ بَغَتْ اِحْدٰىهُمَا عَلَي الْاُخْرٰى فَقَاتِلُوا الَّتِيْ تَبْغِيْ حَتّٰى تَفِيْۗءَ اِلٰٓى اَمْرِ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ فَاۗءَتْ فَاَصْلِحُوْا بَيْنَهُمَا بِالْعَدْلِ وَاَقْسِطُوْا ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُقْسِطِيْنَ 9
۽ جيڪڏهن مؤمنن مان ٻه ڌريون پاڻ ۾ وڙهي پون ته انهن جي وچ ۾ صلح ڪرايو. پوءِ انهن مان جيڪڏهن ڪا هڪ ڌر ٻي ڌر تي زيادتي ڪري ته زيادتي ڪندڙ ڌر جي خلاف الله تعالى جي حڪم ڏي موٽي اچڻ تائين طاقت استعمال ڪريو ۽ جيڪڏهن اها ڌر موٽي پنھنجي ڳالهه تان هٿ کڻي ته پوءِ انهن ٻنهي جي وچ ۾ انصاف سان صلح ڪرايو ۽ (آئنده) انصاف سان ئي هلندا ڪريو. بيشڪ الله تعالى انصاف ڪرڻ وارن کي پسند ڪندو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ اِخْوَةٌ فَاَصْلِحُوْا بَيْنَ اَخَوَيْكُمْ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَـمُوْنَ ۧ10
بيشڪ مؤمن ته (پاڻ ۾) ڀائر هوندا آهن تنهنڪري پنھنجي ڀائرن ۾ صلح ڪرايو ۽ (هر وقت) الله تعالى کان ڊڄندا رهو ته جيئن توهان تي رحم ڪيو وڃي.
— عبدالسلام ڀُٽويٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَسْخَرْ قَوْمٌ مِّنْ قَوْمٍ عَسٰٓى اَنْ يَّكُوْنُوْا خَيْرًا مِّنْهُمْ وَلَا نِسَاۗءٌ مِّنْ نِّسَاۗءٍ عَسٰٓى اَنْ يَّكُنَّ خَيْرًا مِّنْهُنَّ ۚ وَلَا تَلْمِزُوْٓا اَنْفُسَكُمْ وَلَا تَنَابَزُوْا بِالْاَلْقَابِ ۭ بِئْسَ الِاسْمُ الْفُسُوْقُ بَعْدَ الْاِيْـمَانِ ۚ وَمَنْ لَّمْ يَتُبْ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الظّٰلِمُوْنَ 11
اي ايمان وارؤ! ڪوبه ماڻهو ٻين تي ٽوڪ نه ڪري. ٿي سگهي ٿو ته هُو هِن کان بھتر هجن ۽ نه ئي ڪا عورت ٻين تي ٽوڪ ڪري، ٿي سگهي ٿو ته هُو هِن کان بھتر هجن ۽ نه پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا عيب ڪڍو ۽ نه ئي هڪ ٻئي کي بُرن لقبن سان سڏيو. ايمان کان پوءِ برو نالو وٺڻ ڏاڍو خراب آهي. جيڪڏهن هي ماڻهو (هاڻي به) باز نه ايندا ته حقيقت ۾ اهي ئي ظالم آهن.
— عبدالسلام ڀُٽويٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اجْتَنِبُوْا كَثِيْرًا مِّنَ الظَّنِّ ۡ اِنَّ بَعْضَ الظَّنِّ اِثْمٌ وَّلَا تَجَسَّسُوْا وَلَا يَغْتَبْ بَّعْضُكُمْ بَعْضًا ۭ اَيُـحِبُّ اَحَدُكُمْ اَنْ يَّاْكُلَ لَحْمَ اَخِيْهِ مَيْتًا فَكَرِهْتُمُوْهُ ۭ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ تَوَّابٌ رَّحِيْمٌ 12
اي ايمان وارؤ! هر وقت شڪ ڪرڻ کان پاسو ڪريو. ڇوته ڪي شڪ گناهه هوندا آهن. هڪ ٻئي جي جاسوسي به نه ڪندا ڪريو ۽ نه توهان مان ڪو ڪنھن جي گلا ڪري. ڇا توهان مان ڪو اها ڳالهه پسند ڪندو ته هو پنھنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي. توهان ان شيءِ کان (ضرور) نفرت ڪندا تنهنڪري الله تعالى کان ڊڄو. بيشڪ الله تعالى توبہ قبول ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ ذَكَرٍ وَّاُنْثٰى وَجَعَلْنٰكُمْ شُعُوْبًا وَّقَبَاۗىِٕلَ لِتَعَارَفُوْا ۭ اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰهِ اَتْقٰىكُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِيْمٌ خَبِيْرٌ 13
اي انسانو! بيشڪ اسان توهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو (پوءِ) اسان توهان کي خاندانن ۽ قبيلن جي صورت ڏني ته جيئن توهان هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهو. بيشڪ الله تعالى وٽ توهان مان وڌيڪ عزت وارو شخص اهو آهي جيڪو توهان مان سڀ کان وڌيڪ پرهيزگار آهي. بيشڪ الله تعالى وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي خبر رکندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالَتِ الْاَعْرَابُ اٰمَنَّا ۭ قُلْ لَّمْ تُؤْمِنُوْا وَلٰكِنْ قُوْلُوْٓا اَسْلَمْنَا وَلَمَّا يَدْخُلِ الْاِيْـمَانُ فِيْ قُلُوْبِكُمْ ۭ وَاِنْ تُطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ لَا يَـلِتْكُمْ مِّنْ اَعْـمَالِكُمْ شَـيْـــــًٔا ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 14
(عرب جا) ڳوٺاڻا ماڻهو چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي. کين چؤ ته توهان ايمان نه آندو آهي، توهان رڳو (زباني) مسلمان ٿيا آهيو. ايمان ته توهان جي دلين ۾ اڃا داخل ٿيو ئي نه آهي. جيڪڏهن توهان الله تعالى ۽ ان جي رسول سڳوري جي (دل سان) فرمانبرداري ڪندا ته هو توهان جي عملن مان ڪا شيءِ نه گهٽائيندو. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ ثُـمَّ لَمْ يَرْتَابُوْا وَجٰهَدُوْا بِاَمْوَالِهِمْ وَاَنْفُسِهِمْ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصّٰدِقُوْنَ 15
بيشڪ (حقيقي) مؤمن ته اُهي ماڻهو آهن جن الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) تي ايمان آندو. ۽ پوءِ (ڪڏهن به انهن جي دلين ۾) شڪ پيدا نه ٿيو. هو پنھنجي مالن ۽ جانين سان جھاد ڪندا رهن ٿا. اهي ئي سچا ماڻهو آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوقُلْ اَتُعَلِّمُوْنَ اللّٰهَ بِدِيْنِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 16
(اي نبيﷺ!) انهن (ظاهري ايمان آڻيندڙن) کي چؤ ته ڇا توهان پنھنجو دين الله تعالى کي ظاهر ڪري ڏيکارڻ چاهيو ٿا؟ الله تعالى کي ته آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ معلوم آهي ۽ الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويَـمُنُّوْنَ عَلَيْكَ اَنْ اَسْلَمُوْا ۭ قُلْ لَّا تَـمُنُّوْا عَلَيَّ اِسْلَامَكُمْ ۚ بَلِ اللّٰهُ يَـمُنُّ عَلَيْكُمْ اَنْ هَدٰىكُمْ لِلْاِيْـمَانِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 17
هي ماڻهو پنھنجي مسلمان ٿيڻ جو تنھنجي مٿان احسان ڳائن ٿا. چؤ ته پنھنجي مسلمانيءَ جو مون تي احسان نه ڳايو. بلڪه الله تعالى توهان جي مٿان وڏو احسان ڪيو آهي جو هُن توهان کي ايمان آڻڻ جو رستو ڏيکاريو. جيڪڏهن توهان (پنھنجي ڳالهه ۾) سچا آهيو (ته پوءِ پنهنجي ڳالهه تي وري سوچيو ته چؤ ڇا ٿا؟)
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ اللّٰهَ يَعْلَمُ غَيْبَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ18
بيشڪ الله تعالى آسمانن ۽ زمين جي ڳجهه کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو توهان ڪريو ٿا ان تي ان جي گهري نظر آهي.
— عبدالسلام ڀُٽو