004 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 176 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
يٰٓاَيُّھَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمُ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ وَّخَلَقَ مِنْھَا زَوْجَهَا وَبَثَّ مِنْهُمَا رِجَالًا كَثِيْرًا وَّنِسَاۗءً ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْ تَسَاۗءَلُوْنَ بِهٖ وَالْاَرْحَامَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلَيْكُمْ رَقِيْبًا 1
اي انسانو! پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو، جنھن توهان کي هڪ جان (يعني آدم) مان پيدا ڪيو، ان مان ئي سندس گهر واري (يعني بيبي حوا) پيدا ڪيائين، پوءِ ٻنهي مان ڪيترا ئي مرد ۽ عورتون پيدا ڪري زمين تي پکيڙيائين، الله تعالى کان ڊڄو جنھن جي نالي تي توهان هڪ ٻئي کان (پنھنجا حق ) گهرندا رهو ٿا ۽ مٽي مائٽي ڇِنڻ کان بچو، بيشڪ الله تعالى توهان جي مٿان نگھباني ڪري رهيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاٰتُوا الْيَــتٰـمٰٓى اَمْوَالَھُمْ وَلَا تَتَبَدَّلُوا الْـخَبِيْثَ بِالطَّيِّبِ ۠ وَلَا تَاْكُلُوْٓا اَمْوَالَھُمْ اِلٰٓى اَمْوَالِكُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ حُوْبًا كَبِيْرًا 2
۽ يتيمن کي پنھنجا (وراثت ۾ مليل اصل) مال ڏيو، خراب شيءِ کي سٺي شيءِ سان نه بدلايو ۽ نه ئي انهن جي مالن کي پنھنجي مالن سان ملائي کائو. بيشڪ اهو وڏو گناهه آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تُقْسِطُوْا فِي الْيَتٰـمٰى فَانْكِحُوْا مَا طَابَ لَكُمْ مِّنَ النِّسَاۗءِ مَثْنٰى وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ ۚ فَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَةً اَوْ مَا مَلَكَتْ اَيْـمَانُكُمْ ۭ ذٰلِكَ اَدْنٰٓى اَلَّا تَعُوْلُوْا 3ۭ
جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته يتيمن سان انصاف نه ڪري سگهندا، ته پوءِ عورتن مان جيڪي عورتون (اولاد سان گڏ بيوهه ٿي چڪيون آهن) توهان کي پسند اچن، ته انهن سان نڪاح ڪري وٺو، ٻن ٻن، ٽن ٽن ۽ چئن چئن عورتن سان هڪ ئي وقت ۾ نڪاح ڪري سگهو ٿا، پر جيڪڏهن توهان کي انهن سان انصاف نه ڪرڻ جو ڊپ هجي، ته پوءِ هڪ سان ئي نڪاح ڪريو يا ٻانهيءَ کي پنھنجي حق ۾ استعمال ڪريو (جيڪا توهان کي اسلامي رياست طرفان ڏني وئي هجي)، بي انصافي ڪرڻ کان ته اهوئي طريقو وڌيڪ مناسب آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاٰتُوا النِّسَاۗءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِـحْلَةٍ ۭ فَاِنْ طِبْنَ لَكُمْ عَنْ شَيْءٍ مِّنْهُ نَفْسًا فَكُلُوْهُ هَنِيْۗــــــًٔـا مَّرِيْۗـــــــًٔـا 4
۽ عورتن کي انهن جا مھر (ڪابينو) خوشيءَ سان ادا ڪري ڇڏيندا ڪريو، پوءِ جيڪڏهن هو پنھنجي رضا خوشيءَ سان، ان مان ٿورو گهڻو معاف ڪري ڇڏين ته توهان ان کي خوشيءَ ۽ مزي سان پنھنجي استعمال ۾ آڻي سگهو ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَا تُؤْتُوا السُّفَھَاۗءَ اَمْوَالَكُمُ الَّتِىْ جَعَلَ اللّٰهُ لَكُمْ قِيٰـمًا وَّارْزُقُوْھُمْ فِيْھَا وَاكْسُوْھُمْ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 5
توهان پنھنجا مال ناسمجهه ماڻهن جي حوالي نه ڪريو، ڇو جو الله تعالى توهان جي زندگي گذارڻ جو دارومداران مال تي رکيو آهي، اوهان ان مال مان ناسمجهه ماڻهن کي کارايو، پياريو ۽ ڪپڙا لٽا وٺي ڏيو ۽ انهن سان سھڻي طريقي سان ڳالهائيندا ڪريو.
— عبدالسلام ڀُٽووَابْتَلُوا الْيَتٰـمٰى ﱑ اِذَا بَلَغُوا النِّكَاحَ ۚ فَاِنْ اٰنَسْتُمْ مِّنْھُمْ رُشْدًا فَادْفَعُوْٓا اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ ۚ وَلَا تَاْكُلُوْھَآ اِسْرَافًا وَّبِدَارًا اَنْ يَّكْبَرُوْا ۭ وَمَنْ كَانَ غَنِيًّا فَلْيَسْتَعْفِفْ ۚ وَمَنْ كَانَ فَقِيْرًا فَلْيَاْكُلْ بِالْمَعْرُوْفِ ۭ فَاِذَا دَفَعْتُمْ اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ فَاَشْهِدُوْا عَلَيْھِمْ ۭ وَكَفٰى بِاللّٰهِ حَسِـيْبًا 6
يتيمن جي ذهني سوچ تي چڱيءَ طرح نظر رکندا ڪريو، ايستائين جو هو نڪاح ڪرڻ جي لائق ٿي وڃن، پوءِ جيڪڏهن توهان انهن جي اندر سٺي سوچ (۽ لياقت) ڏسو ته انهن جا مال سندن ئي حوالي ڪري ڇڏيو، انهن جي مالن کي سندن بالغ ٿيڻ جي ڀؤ کان، اڳ ۾ ئي جلدي هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو، يتيمن جو سنڀاليندڙ جيڪڏهن خود مالدار آهي ته کيس کپي ته هو يتيم جي مال کائڻ کان پاسو ڪري، پر جيڪڏهن سنڀاليندڙ غريب آهي ته اهو مناسب طريقي سان ڪجهه کائي سگهي ٿو. (۽ يتيمن جي بالغ ٿيڻ کان پوءِ) جڏهن توهان سندن مال کين واپس ڪريو ته انهن تي شاهد بيھاريو، باقي الله تعالى حساب وٺڻ لاءِ ڪافي آهي.
— عبدالسلام ڀُٽولِلرِّجَالِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ ۠ وَلِلنِّسَاۗءِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ مِـمَّا قَلَّ مِنْهُ اَوْ كَثُرَ ۭ نَصِيْبًا مَّفْرُوْضًا 7
مردن جي لاءِ والدين ۽ مائٽن طرفان ڇڏيل مال ۾ حصو مقرر آهي. اهڙيءَ طرح عورتن لاءِ به والدين ۽ مائٽن طرفان ڇڏيل مال ۾ حصو مقرر آهي. ڇڏيل مال ٿورو هجي يا گهڻو، الله تعالى جي طرفان حصا مقرر ٿي چڪا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا حَضَرَ الْقِسْمَةَ اُولُوا الْقُرْبٰي وَالْيَتٰـمٰى وَالْمَسٰكِيْنُ فَارْزُقُوْھُمْ مِّنْهُ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 8
مال ورهائڻ وقت جيڪڏهن اوهان وٽ ڪو مائٽ، يتيم يا ڪو مسڪين اچي وڃي (۽ انهن جو شرعي لحاظ سان ڪوبه حصو نٿو لڳي) ته اهڙي صورت ۾ (رحم دليءَ جي نظر ڪندي) انهن کي (پنهنجي پنهنجي حصي مان ) ڪجهه نه ڪجهه ڏيندا ڪريو، پر جيڪڏهن وارث انهن کي ڏيڻ تي متفق ناهن ته پوءِ انهن کي سھڻي طريقي سان ئي جواب ڏيو.
— عبدالسلام ڀُٽووَلْيَخْشَ الَّذِيْنَ لَوْ تَرَكُوْا مِنْ خَلْفِھِمْ ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خَافُوْا عَلَيْھِمْ ۠ فَلْيَتَّقُوا اللّٰهَ وَلْيَقُوْلُوْا قَوْلًا سَدِيْدًا 9
ورثو ورهائيندڙن ۽ سنڀاليندڙن کي نا انصافي ڪرڻ کاڻ ڊڄڻ کپي جو جيڪڏهن هو خود پنھنجي پويان ننڍڙو اولاد ڇڏي وڃن ته ان جي باري ۾ کين ڪهڙي قسم جا انديشا سامهون ايندا؟ کين الله تعالى کان ڊڄڻ کپي ۽ سڌي ڳالهه ڪرڻ کپي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ الَّذِيْنَ يَاْكُلُوْنَ اَمْوَالَ الْيَتٰـمٰى ظُلْمًا اِنَّـمَا يَاْكُلُوْنَ فِيْ بُطُوْنِھِمْ نَارًا ۭ وَسَيَصْلَوْنَ سَعِيْرًا ۧ10
بيشڪ جيڪي ماڻهو يتيمن جا مال ظلم سان کائين ٿا، حقيقت ۾ هو پنھنجي پيٽ ۾ باهه ٿا وجهن ۽ سگهو ئي هو باهه ۾ اڇلايا ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽويُوْصِيْكُمُ اللّٰهُ فِيْٓ اَوْلَادِكُمْ ۤ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الْاُنْثَيَيْنِ ۚ فَاِنْ كُنَّ نِسَاۗءً فَوْقَ اثْنَتَيْنِ فَلَھُنَّ ثُلُثَا مَا تَرَكَ ۚ وَاِنْ كَانَتْ وَاحِدَةً فَلَھَا النِّصْفُ ۭ وَلِاَبَوَيْهِ لِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ مِـمَّا تَرَكَ اِنْ كَانَ لَهٗ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّهٗ وَلَدٌ وَّوَرِثَهٗ ٓ اَبَوٰهُ فَلِاُمِّهِ الثُّلُثُ ۚ فَاِنْ كَانَ لَهٗ ٓ اِخْوَةٌ فَلِاُمِّهِ السُّدُسُ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ اٰبَاۗؤُكُمْ وَاَبْنَاۗؤُكُمْ لَا تَدْرُوْنَ اَيُّھُمْ اَقْرَبُ لَكُمْ نَفْعًا ۭ فَرِيْضَةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِيْـمًا حَكِـيْـمًا 11
الله تعالى توهان کي اولاد جي باري ۾ حڪم ڏئي ٿو، ته هڪ پٽ جو حصو ٻن ڌيئرن جي برابر آهي، جيڪڏهن مَيَّتَ جون (ٻه يا) ٻن کان وڌيڪ ڌيئرون هجن، ته انهن سڀني ڌيئرن ۾ ڇڏيل ملڪيت مان ٻه ٽھايون حصو ورهايو ويندو، پر جيڪڏهن هڪ ئي ڌيءَ وارث آهي، ته ان کي ڇڏيل ملڪيت جو اڌ حصو ڏنو ويندو، مَيَّتَ جو اولاد هجڻ جي صورت ۾ ان جي والدين مان هر هڪ کي الڳ الڳ ڇھون حصو ڏنو ويندو، جيڪڏهن ميت جو اولاد نه آهي ۽ والدين ئي ان جا وارث آهن، ته ماءُ کي ٽيون حصو ڏنو ويندو ۽ باقي بچيل ٻه ٽھايون پيءُ کي ڏنو ويندو ۽ جيڪڏهن ميت جا وارث هڪ کان وڌيڪ ڀائر ۽ ڀينر هجن، ته ان صورت ۾ ماءُ کي ڇھون حصو ملندو، هي سڀ حصا ميت جي طرفان ڪيل وصيت ۽ ورتل قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ، باقي بچيل ملڪيت مان ڪڍيا ويندا، توهان کي اندازو ئي نه آهي، ته توهان جا پيئر ۽ توهان جا پٽ انهن مان ڪير توهان جي لاءِ وڌيڪ فائديمند آهن؟ هي سڀ حصا الله تعالى فرض ڪري ڇڏيا آهن. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَكُمْ نِصْفُ مَا تَرَكَ اَزْوَاجُكُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّھُنَّ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَھُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْنَ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَلَھُنَّ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّكُمْ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَكُمْ وَلَدٌ فَلَھُنَّ الثُّمُنُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ مِّنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ تُوْصُوْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَاِنْ كَانَ رَجُلٌ يُّوْرَثُ كَلٰلَةً اَوِ امْرَاَةٌ وَّلَهٗ ٓ اَخٌ اَوْ اُخْتٌ فَلِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ ۚ فَاِنْ كَانُوْٓا اَكْثَرَ مِنْ ذٰلِكَ فَھُمْ شُرَكَاۗءُ فِي الثُّلُثِ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصٰى بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۙ غَيْرَ مُضَاۗرٍّ ۚ وَصِيَّةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَلِيْمٌ ۭ12
جيڪڏهن عورت مري وئي ۽ کيس ڪوبه اولاد نه آهي، ته سندس مڙس کي پوري ملڪيت مان اڌ حصو ملندو، جيڪڏهن ان جو اولاد آهي، ته پوءِ مڙس کي چوٿون حصو ملندو، هي سڀ حصا وصيت ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ ڪڍيا ويندا، جيڪڏهن ميت مرد هجي ۽ ان جو ڪوبه اولاد نه هجي، ته سندس گهر واريءَ کي سموري مال جو چوٿون حصو ملندو، پر جيڪڏهن ان جو اولاد آهي، ته سموري ڇڏيل ملڪيت مان کيس اٺون حصو ملندو، هي سڀ حصا وصيت ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪڍيا ويندا، جيڪڏهن ميت مرد هجي يا عورت، ٻنهي جو اولاد به نه هجي ۽ انهن جا ماءُ پيءُ به نه هجن، رڳو ان جا ڀاءُ ۽ ڀيڻ آهن، ته انهن مان هر هڪ کي ڇھون حصو ملندو، پر جيڪڏهن ڀاءُ ۽ ڀيڻ هڪ کان وڌيڪ آهن، ته پوءِ سڀني کي ڪل ملڪيت مان ٽيون حصو ملندو، جيڪو هو سڀ پاڻ ۾ برابر برابر ورهائي کڻندا، هي سڀ حصا وصيت ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪڍيا ويندا، وصيت به اُها پوري ڪئي ويندي، جنھن سان ڪنھن به حقدار جي حصي کي نقصان نه پھچي، اهو حڪم الله تعالى جي طرفان آهي، بيشڪ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ نرمي ڪندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوتِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ يُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِھَا الْاَنْھٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْھَا ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 13
هي سڀ الله تعالى جون مقرر ڪيل حدون آهن، هاڻي جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪندو، ته هو اهڙي جنت ۾ داخل ڪيو ويندو، جنھن جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهنديون هونديون، هو هميشه ان ۾ رهندو ۽ اها ئي وڏي ڪاميابي آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَنْ يَّعْصِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَيَتَعَدَّ حُدُوْدَهٗ يُدْخِلْهُ نَارًا خَالِدًا فِيْھَا ۠ وَلَهٗ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ ۧ14
پر جيڪڏهن ڪو الله تعالى ۽ سندس رسول ﷺ جي نافرماني ڪندو ۽ مقرر ڪيل حدون ٽوڙيندو، ته هو جھنم ۾ داخل ڪيو ويندو، جنھن ۾ هو هميشه رهندو ۽ ان جي لاءِ ذليل ڪندڙ عذاب آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَالّٰتِيْ يَاْتِيْنَ الْفَاحِشَةَ مِنْ نِّسَاۗىِٕكُمْ فَاسْتَشْهِدُوْا عَلَيْهِنَّ اَرْبَعَةً مِّنْكُمْ ۚ فَاِنْ شَهِدُوْا فَاَمْسِكُوْھُنَّ فِي الْبُيُوْتِ حَتّٰى يَتَوَفّٰىھُنَّ الْمَوْتُ اَوْ يَـجْعَلَ اللّٰهُ لَھُنَّ سَبِيْلًا 15
جيڪڏهن توهان جي عورتن مان ڪي بدڪاريءَ جو ڪم ڪري وجهن، ته انهن تي پاڻ مان چار ماڻهو شاهد بيھاريو، جيڪڏهن هو شاهدي ڏين ته انهن عورتن کي گهر ۾ سخت نگرانيءَ ۾ رکو، ايستائين جو کين موت اچي يا انهن لاءِ الله تعالى ٻيو ڪو رستو ڪڍي (ٻيو رستو بعد ۾ سورة نور ۾ ٻڌايو ويو آهي).
— عبدالسلام ڀُٽووَالَّذٰنِ يَاْتِيٰنِھَا مِنْكُمْ فَاٰذُوْھُمَا ۚ فَاِنْ تَابَا وَاَصْلَحَا فَاَعْرِضُوْا عَنْهُمَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ تَوَّابًا رَّحِـيْـمًا 16
توهان مان جيڪڏهن ٻه مرد (شادي شده ۽ غير شادي شده) بدڪاريءَ جو ڪم ڪري وجهن، ته کين سزا ڏيو پوءِ جيڪڏهن هو توبہ ڪن ۽ پنھنجي اصلاح ڪن، ته کين ڇڏي ڏيو، بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّـمَا التَّوْبَةُ عَلَي اللّٰهِ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السُّوْۗءَ بِـجَهَالَةٍ ثُـمَّ يَتُوْبُوْنَ مِنْ قَرِيْبٍ فَاُولٰۗىِٕكَ يَتُوْبُ اللّٰهُ عَلَيْھِمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِــيْـمًا حَكِـيْـمًا 17
(اهو ذهن ۾ رکو) ته الله تعالى تي صرف انهن ماڻهن جي توبہ قبول ڪرڻ جو حق ٿِئي ٿو، جن رڳو ناسمجهي ۾ اهو برو عمل ڪيو هوندو ۽ هڪدم توبہ ڪئي هوندي، اهڙن ماڻهن کي الله تعالى معاف ڪندو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ جي خبر رکندڙ ۽ حڪمت وارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَيْسَتِ التَّوْبَةُ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السَّـيِّاٰتِ ۚ ﱑ اِذَا حَضَرَ اَحَدَھُمُ الْمَوْتُ قَالَ اِنِّىْ تُبْتُ الْــٰٔنَ وَلَا الَّذِيْنَ يَـمُوْتُوْنَ وَھُمْ كُفَّارٌ ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَعْتَدْنَا لَھُمْ عَذَابًا اَلِـــيْـمًا 18
هي توبہ انهن ماڻهن جي لاءِ نه آهي، جيڪي لڳاتار برا ڪم ڪندا رهن، پوءِ جڏهن انهن مان ڪنھن کي موت جو وقت اچي پھچي، ته ان وقت هو چوي ته بيشڪ هاڻي مان توبہ ڪئي، سو اهڙن ماڻهن جي ڪا به توبہ ناهي، جيڪي مرڻ گهڙي تائين ڪافر ٿي رهيا، انهن سڀني لاءِ اسان تڪليف وارو عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَـحِلُّ لَكُمْ اَنْ تَرِثُوا النِّسَاۗءَ كَرْهًا ۭ وَلَا تَعْضُلُوْھُنَّ لِتَذْهَبُوْا بِبَعْضِ مَآ اٰتَيْتُمُوْھُنَّ اِلَّآ اَنْ يَّاْتِيْنَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۚ وَعَاشِرُوْھُنَّ بِالْمَعْرُوْفِ ۚ فَاِنْ كَرِھْتُمُوْھُنَّ فَعَسٰٓى اَنْ تَكْرَهُوْا شَـيْـــــًٔـا وَّيَـجْعَلَ اللّٰهُ فِيْهِ خَيْرًا كَثِيْرًا 19
اي ايمان وارؤ! توهان لاءِ اهو حلال نه آهي، ته اوهان (بيوهه عورتن کي به فوت ٿيل مڙسن جي ڇڏيل ملڪيت سمجهي) زبردستي انهن جا وارث ٿي بيھو ۽ نه ئي عورتن کي تنگ ڪري ڏنل مھر مان ڪجهه حصو ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪريو، ها جيڪڏهن هو ڪنھن پڌري بدڪاريءَ ۾ ملوث ٿي چڪيون آهن، ته پوءِ کين سيکت ڏيڻ لاءِ تنگ ڪري سگهو ٿا (باقي مھر ڦٻائڻ لاءِ پوءِ به تنگ نٿا ڪري سگهو)، انهن سان سھڻي طريقي سان زندگي گذاريو، جيڪڏهن توهان انهن کي پسند نٿا ڪريو، ته ٿي سگهي ٿو ته جيڪا شيءِ اوهان کي پسند نه اچي، ان ۾ ئي الله تعالى ڪا وڏي ڀلائي رکي هجي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِنْ اَرَدْتُّـمُ اسْتِبْدَالَ زَوْجٍ مَّكَانَ زَوْجٍ ۙ وَّاٰتَيْتُمْ اِحْدٰىھُنَّ قِنْطَارًا فَلَا تَاْخُذُوْا مِنْهُ شَـيْـــًٔـا ۭ اَتَاْخُذُوْنَهٗ بُھْتَانًا وَّاِثْـمًا مُّبِيْنًا 20
جيڪڏهن توهان هڪ زال کي ڇڏي، ٻي زال آڻڻ چاهيو ٿا، ته ڇڏڻ واري زال کي اوهان ڪيترو به ڍير سارو مال ڏنو هجي، ان مال مان ڪجهه به واپس نٿا وٺي سگهو، ڇا توهان الزام لڳائي ۽ ظلم سان ان کان مال واپس وٺندا؟
— عبدالسلام ڀُٽو