033 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 73 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اتَّقِ اللّٰهَ وَلَا تُطِـعِ الْكٰفِرِيْنَ وَالْمُنٰفِقِيْنَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِـيْمًا حَكِــيْمًا 1ۙ
اي نبي (ﷺ!) الله تعالى کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏي. بيشڪ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاتَّبِـعْ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرًا 2ۙ
تنھنجي پالڻھار جي طرفان جيڪا شيءِ توڏي وحي ڪئي وڃي ٿي سو تون رڳو ان جي پيروي ڪر. بيشڪ الله تعالى توهان جي هر عمل کان خوب واقف آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَّتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ ۭ وَكَفٰي بِاللّٰهِ وَكِيْلًا 3
الله تعالى جي ذات تي ڀروسو رک ۽ الله تعالى جي ذات ئي معاملا درست رکڻ لاءِ ڪافي آهي.
— عبدالسلام ڀُٽومَا جَعَلَ اللّٰهُ لِرَجُلٍ مِّنْ قَلْبَيْنِ فِيْ جَوْفِهٖ ۚ وَمَا جَعَلَ اَزْوَاجَكُمُ اڿ تُظٰهِرُوْنَ مِنْهُنَّ اُمَّهٰتِكُمْ ۚ وَمَا جَعَلَ اَدْعِيَاۗءَكُمْ اَبْنَاۗءَكُمْ ۭ ذٰلِكُمْ قَوْلُكُمْ بِاَفْوَاهِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَـقُوْلُ الْــحَـقَّ وَهُوَ يَهْدِي السَّبِيْلَ 4
الله تعالى ڪنھن به ماڻهوءَ جي سيني ۾ ٻه دليون نه ٺاهيون آهن ۽ نه ئي اوهان جي گهر وارين کي مائرون بنايو آهي، جن کي توهان وات سان ماءُ چئي ويٺا آهيو ۽ اهڙي طرح توهان جي وات سان چيل پٽن کي به ڪو حقيقي پُٽ نه بنايو آهي. اهي سڀ ڳالهيون توهان جي وات جون چيل آهن. الله تعالى ته اُها ڳالهه ڪندو آهي جيڪا بلڪل سچي هوندي آهي ۽ اهو ئي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواُدْعُوْهُمْ لِاٰبَاۗىِٕهِمْ هُوَ اَقْسَطُ عِنْدَ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ لَّمْ تَعْلَمُوْٓا اٰبَاۗءَهُمْ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ وَمَوَالِيْكُمْ ۭ وَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ فِيْمَآ اَخْطَاْتُـمْ بِهٖ ۙ وَلٰكِنْ مَّا تَعَمَّدَتْ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِـيْمًا 5
تنهنڪري وات سان چيل پٽن کي حقيقي پيءُ جي نالي سان سڏيندا ڪريو. الله تعالى وٽ اها ئي انصاف واري ڳالهه آهي پر جيڪڏهن توهان کي انهن جي پيئرن جي نالن جي خبر نه هجي ته پوءِ هُو توهان جا ديني ڀائر ۽ ساٿي آهن. جيڪو اڳ ۾ توهان غلط ڪم ڪري چڪا آهيو سو ان تي هاڻي ڪوبه گناهه نه آهي پر جيڪڏهن وري ٻيھر دل جي نيت سان ساڳيا لفظ چوندا ته پوءِ اهو گناهه آهي. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواَلنَّبِيُّ اَوْلٰى بِالْمُؤْمِنِيْنَ مِنْ اَنْفُسِهِمْ وَاَزْوَاجُهٗ ٓ اُمَّهٰتُهُمْ ۭ وَاُولُوا الْاَرْحَامِ بَعْضُهُمْ اَوْلٰى بِبَعْضٍ فِيْ كِتٰبِ اللّٰهِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُهٰجِرِيْنَ اِلَّآ اَنْ تَفْعَلُوْٓا اِلٰٓى اَوْلِيٰۗىِٕكُمْ مَّعْرُوْفًا ۭ كَانَ ذٰلِكَ فِي الْكِتٰبِ مَسْطُوْرًا 6
نبي (سڳوري) جو حق ايمان وارن تي سندن جانين کان به وڌيڪ آهي ۽ ان جون گهر واريون مؤمنن جون مائرون آهن ۽ الله تعالى جي قانون ۾ مٽ مائٽ ٻين مؤمنن ۽ مھاجرن جي مقابلي ۾ وڌيڪ حقدار آهن، پر (ميراث جي حقن کي الڳ رکي) توهان پنھنجي ساٿين سان ڪا ڀلائي ڪرڻ گهرو ته اهو توهان جي لاءِ جائز آهي. اهو حڪم ڪتاب ۾ لکيل آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَ اِذْ اَخَذْنَا مِنَ النَّـبِيّٖنَ مِيْثَاقَهُمْ وَ مِنْكَ وَمِنْ نُّوْحٍ وَّ اِبْرٰهِيْمَ وَ مُوْسٰى وَ عِيْسَى ابْنِ مَرْيَـمَ ۠ وَاَخَذْنَا مِنْهُمْ مِّيْثَاقًا غَلِيْظًا 7ۙ
۽ (اي نبيﷺ!) ياد ڪر جڏهن اسان سڀني نبين کان سندن انجام ورتو ۽ توهان کان به، نوح، ابراهيم، موسى ۽ عيسى پُٽ مريم (ؓ) کان به. (بھرحال) اسان انهن سڀني کان پڪو انجام ورتو.
— عبدالسلام ڀُٽولِّيَسْـَٔـلَ الصّٰدِقِيْنَ عَنْ صِدْقِهِمْ ۚ وَاَعَدَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابًا اَلِـــيْمًا 8ۧ
ته جيئن سندن پالڻھار سچن ماڻهن کان سندن سچائي جي باري ۾ پڇا ڪري ۽ ڪافرن لاءِ الله تعالى دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَاۗءَتْكُمْ جُنُوْدٌ فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا وَّجُنُوْدًا لَّمْ تَرَوْهَا ۭ وَكَانَ اللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرًا 9ۚ
اي ايمان وارؤ! توهان پنھنجي مٿان الله تعالى جي ان احسان کي ياد ڪريو جڏهن توهان تي (ڪافرن جي) لشڪرن وڏي چڙهائي ڪئي هئي ته اسان مٿن طوفاني هوا موڪلي ۽ اهڙا به لشڪر موڪليا جن کي توهان نه پيا ڏسي سگهو. الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسي رهيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِذْ جَاۗءُوْكُمْ مِّنْ فَوْقِكُمْ وَمِنْ اَسْفَلَ مِنْكُمْ وَاِذْ زَاغَتِ الْاَبْصَارُ وَبَلَغَتِ الْقُلُوْبُ الْحَـنَاجِرَ وَتَظُنُّوْنَ بِاللّٰهِ الظُّنُوْنَا 10
جڏهن اهي لشڪر هر طرف کان توهان جي مٿان چڙهائي ڪري آيا ان وقت توهان جي اکين جا دوڏا نڪري آيا، دليون نڙگهٽن تائين وڃي پھتيون ۽ توهان الله تعالى جي باري ۾ مختلف گمان ڪرڻ لڳا.
— عبدالسلام ڀُٽوهُنَالِكَ ابْتُلِيَ الْمُؤْمِنُوْنَ وَزُلْزِلُوْا زِلْزَالًا شَدِيْدًا 11
اهڙي وقت (مضبوط) ايمان وارن کي آزمايو ويو ۽ کين سخت ڌونڌاڙيو ويو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذْ يَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَالَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ مَّا وَعَدَنَا اللّٰهُ وَرَسُوْلُهٗ ٓ اِلَّا غُرُوْرًا 12
ان وقت منافقن ۽ جن ماڻهن جي دلين ۾ (بدنيتي جي) بيماري هئي، تن چيو ته الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) طرفان اسان سان جيڪي به وعدا ڪيا ويا هئا، سي سڀ رڳو ڌوڪو ثابت ٿيا.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذْ قَالَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ مِّنْهُمْ يٰٓاَهْلَ يَثْرِبَ لَا مُقَامَ لَكُمْ فَارْجِعُوْا ۚ وَيَسْتَاْذِنُ فَرِيْقٌ مِّنْهُمُ النَّبِيَّ يَقُوْلُوْنَ اِنَّ بُيُوْتَنَا عَوْرَةٌ ړ وَمَا هِىَ بِعَوْرَةٍ ڔ اِنْ يُّرِيْدُوْنَ اِلَّا فِرَارًا 13
انهن مان هڪ ٽولي چيو ته اي مديني وارؤ! توهان جي لاءِ هاڻي موٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه آهي. هڪ ٽولي ته نبي (ﷺ) کان واپس وڃڻ جي اجازت به گهري ۽ چيائين ته اسان جا گهر اڪيلا آهن. حالانڪه انهن جا گهر اڪيلا نه هئا، هو ته رڳو (جنگ جي ميدان مان) ڀڄڻ چاهين پيا.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَوْ دُخِلَتْ عَلَيْهِمْ مِّنْ اَقْطَارِهَا ثُـمَّ سُىِٕلُوا الْفِتْنَةَ لَاٰتَوْهَا وَمَا تَلَبَّثُوْا بِهَآ اِلَّا يَسِيْرًا 14
جيڪڏهن انهن جي مٿان آس پاس کان ڪا فوج ڪاهه ڪري اچي ها ۽ کين (مسلمانن کي ختم ڪرڻ لاءِ) آمادهه ڪري ها ته هي ماڻهو دير ئي نه ڪن ها ۽ ضرور انهن سان وڃي ملن ها.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَقَدْ كَانُوْا عَاهَدُوا اللّٰهَ مِنْ قَبْلُ لَا يُوَلُّوْنَ الْاَدْبَارَ ۭ وَكَانَ عَهْدُ اللّٰهِ مَسْـُٔــوْلًا 15
حالانڪه انهن ان کان اڳ الله تعالى سان پُٺي نه ڦيرڻ جو وعدو ڪيو هو. ۽ الله تعالى سان ڪيل وعدن جو پڇاڻو ته ضرور ٿيڻو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوقُلْ لَّنْ يَّنْفَعَكُمُ الْفِرَارُ اِنْ فَرَرْتُمْ مِّنَ الْمَوْتِ اَوِ الْقَتْلِ وَاِذًا لَّا تُـمَـتَّعُوْنَ اِلَّا قَلِيْلًا 16
(اي نبيﷺ!) چؤ ته جيڪڏهن توهان موت يا قتل ٿيڻ کان ڀڄو ٿا ته اهو ڀڄڻ توهان کي بلڪل به فائدو نه ڏيندو، پر جيڪڏهن فائدو مليو به ته تمام ٿورڙن ڏينھن جو ملندو.
— عبدالسلام ڀُٽوقُلْ مَنْ ذَا الَّذِيْ يَعْصِمُكُمْ مِّنَ اللّٰهِ اِنْ اَرَادَ بِكُمْ سُوْۗءًا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ رَحْـمَةً ۭ وَلَايَجِدُوْنَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلِيًّا وَّلَا نَصِيْرًا 17
تون چؤ ته جيڪڏهن الله تعالى اوهان کي ڪا تڪليف ڏيڻ چاهي ته ڪير آهي جيڪو توهان کي بچائي؟ ۽ جيڪڏهن هُو توهان سان مھرباني ڪرڻ گهري ته (ڪير ان کي روڪي سگهي ٿو؟) الله تعالى کان سواءِ کين ٻيو ڪير به حامي ۽ مددگار نه ملي سگهندو.
— عبدالسلام ڀُٽوقَدْ يَعْلَمُ اللّٰهُ الْمُعَوِّقِيْنَ مِنْكُمْ وَالْقَاۗىِٕلِيْنَ لِاِخْوَانِهِمْ هَلُمَّ اِلَيْنَا ۚ وَلَا يَاْتُوْنَ الْبَاْسَ اِلَّا قَلِيْلًا ۙ18
بيشڪ الله تعالى انهن سڀني کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جيڪي (ماڻهن کي جنگ کان) روڪين ٿا ۽ پنھنجي ڀائرن کي چون ٿا ته جنگ کي ڇڏي اسان ڏي اچو. هي ماڻهو ته جنگ ۾ تمام ٿورڙو ئي حصو وٺن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽواَشِحَّةً عَلَيْكُمْ ښ فَاِذَا جَاۗءَ الْخَوْفُ رَاَيْتَهُمْ يَنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ تَدُوْرُ اَعْيُنُهُمْ كَالَّذِيْ يُغْشٰى عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۚ فَاِذَا ذَهَبَ الْـخَوْفُ سَلَقُوْكُمْ بِاَلْسِـنَةٍ حِدَادٍ اَشِحَّةً عَلَي الْـخَــيْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَمْ يُؤْمِنُوْا فَاَحْبَطَ اللّٰهُ اَعْـمَالَهُمْ ۭ وَكَانَ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرًا 19
بس! اُهو به ڪيٻائي ڪيٻائي حصو وٺن ٿا پوءِ جڏهن (کين) خوف واري صورتحال (نظر) ايندي اٿن ته کين ڏسندين ته هو ٿڪل اکين سان توکي ايئن پيا ڏسندا جيئن مرڻ واري ماڻهوءَ کي بيهوشي اچي ويندي آهي. پوءِ جڏهن خوف ختم ٿي ويندو آهي، (يعني مسلمانن کي فتح نصيب ٿيندي آهي ته) غنيمت جو مال وٺڻ لاءِ لالچي ۽ تيز ترار ٿي ڳالهائيندا آهن. انهن ماڻهن حقيقت ۾ ايمان ئي نه آندو هو. تنھنڪري الله تعالى سندن سمورا عمل ضايع ڪري ڇڏيا. اهو ڪم الله تعالى جي لاءِ تمام سولو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويَحْسَبُوْنَ الْاَحْزَابَ لَمْ يَذْهَبُوْا ۚ وَاِنْ يَّاْتِ الْاَحْزَابُ يَوَدُّوْا لَوْ اَنَّهُمْ بَادُوْنَ فِي الْاَعْرَابِ يَسْاَلُوْنَ عَنْ اَنْۢبَاۗىِٕكُمْ ۭ وَلَوْ كَانُوْا فِيْكُمْ مَّا قٰتَلُوْٓا اِلَّا قَلِيْلًا ۧ20
هُو سمجهن ٿا ته (مڪي جا) لشڪر اڃا واپس نه ويا آهن پر جيڪڏهن اُهي وري حملو ڪن ته هنن جي اهائي خواهش هوندي ته (هو مسلمانن کان) الڳ ٿي ٻاهر وڃي عرب جي ڳوٺاڻن سان گڏ ويھي رهن ۽ اتان ئي توهان جو حال احوال وٺندا رهن. جيڪڏهن توهان سان گڏ هوندا به ته هي جنگ ۾ تمام ٿورو حصو وٺندا.
— عبدالسلام ڀُٽو