032 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
الۗمّۗ 1ۚ
الف ــ لام ــ ميم
— عبدالسلام ڀُٽوتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ لَا رَيْبَ فِيْهِ مِنْ رَّبِّ الْعٰلَمِيْنَ 2ۭ
ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ سڀني جھانن جي پالڻھار جي طرف کان ئي آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۚ بَلْ هُوَ الْـحَـقُّ مِنْ رَّبِّكَ لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اَتٰىهُمْ مِّنْ نَّذِيْرٍ مِّنْ قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ يَهْتَدُوْنَ 3
ڇا هي ماڻهو چون ٿا ته هن ڪتاب کي هن شخص خود ٺاهي الله تعالى ڏانھن منسوب ڪيو آهي؟ (بلڪل غلط ڳالهه آهي) اهو ته تنھنجي پالڻھار جي طرف کان بلڪل سچو آهي ته جيئن تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جنھن وٽ اڳ ۾ ڪوبه ڊيڄارڻ وارو نه آيو آهي. شايد هي ماڻهو سڌي رستي تي اچن.
— عبدالسلام ڀُٽواَللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِيْ سِـتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰي عَلَي الْعَرْشِ ۭ مَا لَكُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّلِيٍّ وَّلَا شَفِيْعٍ ۭ اَفَلَا تَتَذَكَّرُوْنَ 4
اهو الله تعالى ئي آهي جنھن آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق کي ڇهن ڏينھن جي اندر پيدا فرمايو. پوءِ هو (زمين ۽ آسمان ۾ پيدا ڪيل مخلوق جي نگھباني ڪرڻ لاءِ) جلوهه افروز ٿيو (جو ڪير به ان جي نگھباني کي ظاهري طور تي نٿو ڏسي سگهي) ان کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪير به نه مددگار آهي ۽ نه ئي ڪو سفارش ڪندڙ آهي ،پوءِ به توهان نصيحت نٿا وٺو.
— عبدالسلام ڀُٽويُدَبِّرُ الْاَمْرَ مِنَ السَّمَاۗءِ اِلَى الْاَرْضِ ثُـمَّ يَعْرُجُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ ٓ اَلْفَ سَـنَةٍ مِّـمَّا تَعُدُّوْنَ 5
اهو ئي آسمان کان وٺي زمين تائين سڀني معاملن کي هلائي ٿو. پوءِ انهن سڀني معاملن جو تفصيل هڪ اهڙي ڏينھن تي روبرو پيش ڪيو وڃي ٿو، جنھنجي ڳڻپ توهان وٽ هڪ هزار سالن جي برابر آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوذٰلِكَ عٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 6ۙ
اهوئي هر لڪيل ۽ ظاهري شين کي ڄاڻندڙ زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوالَّذِيْٓ اَحْسَنَ كُلَّ شَيْءٍ خَلَقَهٗ وَبَدَاَ خَلْقَ الْاِنْسَانِ مِنْ طِيْنٍ 7ۚ
جنھن هر شيءِ کي تمام سھڻي انداز ۾ بنايو ۽ انسان کي پھريائين مٽيءَ مان ٺاهيائين.
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ جَعَلَ نَسْلَهٗ مِنْ سُلٰلَةٍ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ 8ۚ
پوءِ ان جي نسل کي پاڻي جي حقير نطفي جي ذريعي اڳتي وڌايائين.
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ سَوّٰىهُ وَنَفَخَ فِيْهِ مِنْ رُّوْحِهٖ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْاَبْصَارَ وَالْاَفْـــِٕدَةَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ 9
پوءِ هن جي شڪل شباهت ٺاهي ان ۾ پنھنجو روح ڦوڪيائين ۽ ان جي اندر ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي صلاحيت پيدا ڪيائين ۽ سوچڻ لاءِ دل به بنايائين. (ايتريون نعمتون ڏيڻ کان پوءِ به) توهان ٿورا ئي ماڻهو شڪرگذار ٿيو ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽووَقَالُوْٓا ءَاِذَا ضَلَلْنَا فِي الْاَرْضِ ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ بَلْ هُمْ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ كٰفِرُوْنَ 10
هي ماڻهو چون ٿا ته جڏهن اسان مٽيءَ ۾ رَلجي مَلجي وينداسون ته ڇا اسان کي نئين سر پيدا ڪيو ويندو؟ بلڪه هي ماڻهو ته پنھنجي پالڻھار جي آڏو پيش ٿيڻ جا ئي انڪاري آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوقُلْ يَتَوَفّٰىكُمْ مَّلَكُ الْمَوْتِ الَّذِيْ وُكِّلَ بِكُمْ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ تُرْجَعُوْنَ ۧ11
تون چؤ ته جيڪو موت وارو فرشتو توهان تي مقرر آهي اهوئي توهان جو روح قبضي ۾ وٺندو. پوءِ توهان پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽايا ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَوْ تَرٰٓي اِذِ الْمُجْرِمُوْنَ نَاكِسُوْا رُءُوْسِهِمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ ۭ رَبَّنَآ اَبْصَرْنَا وَسَمِعْنَا فَارْجِعْنَا نَعْمَلْ صَالِـحًا اِنَّا مُوْقِنُوْنَ 12
ڪاش! جيڪڏهن تون اهو وقت ڏسين جڏهن هي گنهگار پنھنجي پالڻھار جي آڏو مٿا هيٺ ڪري بيٺا هوندا ۽ چوندا ته اي اسان جا پالڻھار! اسان چڱي طرح ڏسي ورتو ۽ چڱي طرح ٻڌو. تون اسان کي دنيا ۾ موٽاءِ ته اسان نيڪ عمل ڪريون. هاڻي اسان کي يقين اچي ويو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَوْ شِئْنَا لَاٰتَيْنَا كُلَّ نَفْسٍ هُدٰىهَا وَلٰكِنْ حَقَّ الْقَوْلُ مِنِّيْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الْــجِنَّةِ وَالنَّاسِ اَجْـمَعِيْنَ 13
جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته سڀني کي هدايت وارو ڪري ڇڏيون ها پر ان کان اڳ مان (به) هڪ قول ڪري چڪو آهيان ته مان جھنم کي انسانن ۽ جنن سان ضرور ڀريندس.
— عبدالسلام ڀُٽوفَذُوْقُوْا بِـمَا نَسِيْتُمْ لِقَاۗءَ يَوْمِكُمْ ھٰذَا ۚ اِنَّا نَسِيْنٰكُمْ وَذُوْقُوْا عَذَابَ الْـخُلْدِ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 14
بس! هاڻي عذاب جو مزو چکو جو توهان هن پيش ٿيڻ واري ڏينھن کي وساري ڇڏيو هو سو هاڻي اسان به توهان کي وساري ڇڏيو آهي. توهان پنھنجي عملن جي بدلي ۾ هميشه وارو عذاب چکو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّـمَا يُؤْمِنُ بِاٰيٰتِنَا الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِّرُوْا بِهَا خَرُّوْا سُـجَّدًا وَّسَبَّحُوْا بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُوْنَ ۞ 15
اسان جي آيتن تي اهي ماڻهو ايمان آڻيندا آهن جن جو حال هي آهي ته جڏهن کين اسان جون آيتون ٻڌائي نصيحت ڪئي ويندي آهي ته هُو فوراً سجدي ۾ ڪري پوندا آهن ۽ پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ پاڪيزگي بيان ڪندا آهن ۽ ڪڏهن به غرور نه ڪندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوتَـتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِـعِ يَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَّطَمَعًا ۡ وَّمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 16
سندن پُٺيون بسترن کان پري هونديون آهن (يعني سمهڻ تي سندن دل ئي نه چوندي آهي) پنھنجي پالڻھار کي خوف ۽ اميد سان ياد ڪندا آهن ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّآ اُخْفِيَ لَهُمْ مِّنْ قُرَّةِ اَعْيُنٍ ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 17
ڪنھن به ساهواري کي معلوم نه آهي ته سندس اعمال جي بدلي ۾ پردي پويان ڪهڙيون نه اکين ٺار نعمتون رکيون ويون آهن؟
— عبدالسلام ڀُٽواَفَـمَنْ كَانَ مُؤْمِنًا كَمَنْ كَانَ فَاسِقًا ڼ لَا يَسْـتَوٗنَ ۬18
ڇا مؤمن ماڻهو نافرمان ماڻهوءَ جھڙو ٿي سگهي ٿو؟ (نه ) اهي ٻئي ڪڏهن به برابر نٿا ٿي سگهن.
— عبدالسلام ڀُٽواَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُمْ جَنّٰتُ الْمَاْوٰي ۡ نُزُلًۢا بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 19
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن جي مھماني طور رهڻ واريون جايون جنتون آهن جيڪي کين اعمال جي بدلي ۾ ڏنيون وينديون.
— عبدالسلام ڀُٽووَاَمَّا الَّذِيْنَ فَسَقُوْا فَمَاْوٰىهُمُ النَّارُ ۭ كُلَّمَآ اَرَادُوْٓا اَنْ يَّخْـرُجُوْا مِنْهَآ اُعِيْدُوْا فِيْهَا وَقِيْلَ لَهُمْ ذُوْقُوْا عَذَابَ النَّارِ الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَ 20
۽ جن ماڻهن نافرماني ڪئي ته انهن ماڻهن جي رهڻ واري جاءِ دوزخ آهي. جڏهن به اُهي ان مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته کين واپس ان ۾ پٺتي ڌڪيو ويندو ۽ چيو ويندو ته هاڻي ان باهه جو عذاب چکو جنھن کي توهان ڪوڙو ڀانئيندا هئا.
— عبدالسلام ڀُٽو