031 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 34 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
الۗمّۗ 1ۚ
الف ــ لام ــ ميم
— عبدالسلام ڀُٽوتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْـحَكِيْمِ 2ۙ
هي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوهُدًى وَّرَحْــمَةً لِّلْمُحْسِنِيْنَ 3ۙ
هي (آيتون) نيڪوڪارن لاءِ رحمت ۽ هدايت جو ذريعو آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
جيڪي نماز قائم ڪن ٿا، زڪوات ادا ڪن ٿا ۽ اُهي آخرت تي يقين رکن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽواُولٰۗىِٕكَ عَلٰي هُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
اهڙائي ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي طرفان (ٻڌايل) سڌي رستي تي آهن ۽ اهي ئي ماڻهو ڪامياب آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّشْتَرِيْ لَهْوَ الْـحَدِيْثِ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ ڰ وَّيَتَّخِذَهَا هُزُوًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ 6
ماڻهن مان ڪو اهڙو به ماڻهو آهي جيڪو فضول ڳالهين کي اهميت ڏيندو آهي ته جيئن (ان جي ذريعي) ماڻهن کي الله تعالى جي رستي کان بغير علم جي گمراهه ڪري ڇڏي ۽ حق جي دعوت کي مذاق ۾ اڏائي ڇڏي. اهڙن ماڻهن لاءِ ذليل ۽ خوار ڪندڙ عذاب آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰتُنَا وَلّٰى مُسْتَكْبِرًا كَاَنْ لَّمْ يَسْمَعْهَا كَاَنَّ فِيْٓ اُذُنَيْهِ وَقْرًا ۚ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ اَلِيْـمٍ 7
۽ جڏهن کيس اسان جون آيتون تلاوت ڪري ٻڌايون وڃن ٿيون ته وڏائيءَ سان پُٺي ڦيري ڪن لاٽار ڪري ٿو ڄڻ ته هن ٻڌو ئي ناهي، ڄڻ ته سندس ڪن ئي ٻوڙا هجن. (بس!) تون اهڙي ماڻهوءَ کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ جَنّٰتُ النَّعِيْمِ 8ۙ
بيشڪ (باقي) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن سڀني لاءِ نعمتن وارا باغ آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوخٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ وَعْدَ اللّٰهِ حَقًّا ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9
هو ان ۾ هميشه رهندا، الله تعالى جو وعدو بلڪل سچو آهي ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوخَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيْرِ عَـمَدٍ تَرَوْنَهَا وَاَلْقٰى فِي الْاَرْضِ رَوَاسِيَ اَنْ تَـمِيْدَ بِكُمْ وَبَثَّ فِيْهَا مِنْ كُلِّ دَاۗبَّةٍ ۭ وَاَنْزَلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً فَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 10
هُن آسمانن کي بغير ٿنڀن جي بنايو آهي، جن کي توهان باقاعده ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل کوڙيائين ته جيئن زمين توهان کي لوڏا نه کارائي ۽ ان ۾ هر جنس جا جانور ڦھلائي ڇڏيا ۽ اسان آسمان مان پاڻي نازل ڪيوسين ۽ (ان جي ذريعي) زمين مان هر قسم جون بھترين شيون ڦُٽايوسين.
— عبدالسلام ڀُٽوھٰذَا خَلْقُ اللّٰهِ فَاَرُوْنِيْ مَاذَا خَلَقَ الَّذِيْنَ مِنْ دُوْنِهٖ ۭ بَلِ الظّٰلِمُوْنَ فِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنٍ ۧ11
هي سڀ شيون ته الله تعالى جون پيدا ڪيل آهن (هاڻي) توهان مون کي ڏيکاريو ته توهان جي شريڪن ڇا پيدا ڪيو آهي؟ بلڪ هي ظالم ماڻهو کُلي گمراهي ۾ پيل آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَقَدْ اٰتَيْنَا لُقْمٰنَ الْحِكْمَةَ اَنِ اشْكُرْ لِلّٰهِ ۭ وَمَنْ يَّشْكُرْ فَاِنَّـمَا يَشْكُرُ لِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ كَفَرَ فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِيٌّ حَمِيْدٌ 12
۽ بيشڪ اسان لقمان ($) کي دانائي عطا ڪئي ته جيئن هو الله تعالى جو شڪر ادا ڪري ۽ جيڪو شڪر ادا ڪندو آهي ته اهو شڪر سندس فائدي لاءِ ئي هوندو آهي ۽ جيڪو ناشڪري ڪندو ته بيشڪ الله تعالى بيپرواهه ۽ تعريف جي لائق آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذْ قَالَ لُقْمٰنُ لِابْنِهٖ وَهُوَ يَعِظُهٗ يٰبُنَيَّ لَا تُشْرِكْ بِاللّٰهِ ڼ اِنَّ الشِّرْكَ لَظُلْمٌ عَظِيْمٌ 13
۽ جڏهن لقمان ($) پنھنجي پُٽ کي سمجهائيندي چيو ته اي منھنجا پٽڙا! الله تعالى سان گڏ ڪنھن کي به شريڪ نه ڪجانءِ. بيشڪ شرڪ ڪرڻ وڏي ۾ وڏو ظلم آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ ۚ حَمَلَتْهُ اُمُّهٗ وَهْنًا عَلٰي وَهْنٍ وَّفِصٰلُهٗ فِيْ عَامَيْنِ اَنِ اشْكُرْ لِيْ وَلِوَالِدَيْكَ ۭ اِلَيَّ الْمَصِيْرُ 14
۽ اسان انسان کي پنھنجي ماءُ پيءُ جي باري ۾ (سھڻي سلوڪ ڪرڻ جو) تاڪيد ڪيو آهي. سندس ماءُ تڪليف مٿان تڪليف برداشت ڪري کيس پنھنجي پيٽ ۾ رکيو، پوءِ ٻن سالن تائين کيس کير پياريندي رهي ته جيئن هو الله تعالى ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ جو شڪر گذار ٿئي. آخرڪار (سڀني کي) اسان ڏي ئي موٽڻو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِنْ جَاهَدٰكَ عَلٰٓي اَنْ تُشْرِكَ بِيْ مَا لَيْسَ لَكَ بِهٖ عِلْمٌ ۙفَلَا تُطِعْهُمَا وَصَاحِبْهُمَا فِي الدُّنْيَا مَعْرُوْفًا ۡ وَّاتَّبِعْ سَبِيْلَ مَنْ اَنَابَ اِلَيَّ ۚ ثُـمَّ اِلَيَّ مَرْجِعُكُمْ فَاُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 15
پر جيڪڏهن ماءُ پيءُ توتي زور رکن ته تون الله تعالى سان گڏ اهڙن کي شريڪ ڪر جن جي باري ۾ تو وٽ ڪو دليل نه هجي ته اهڙي ڳالهه ۾ انهن جو ڪڏهن به چيو نه مڃجانءِ پر دنيا ۾ انهن سان سھڻي سلوڪ سان پيش اچجانءِ ۽ ان ماڻهوءَ جي پيروي ڪجانءِ جيڪو مون ڏي لاڙو رکندو هجي پوءِ توهان سڀني کي مون ڏانھن ئي موٽڻو آهي. توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا مان توهان کي سڀ ڪجهه ٻڌائيندس.
— عبدالسلام ڀُٽويٰبُنَيَّ اِنَّهَآ اِنْ تَكُ مِثْقَالَ حَبَّةٍ مِّنْ خَرْدَلٍ فَتَكُنْ فِيْ صَـخْـرَةٍ اَوْ فِي السَّمٰوٰتِ اَوْ فِي الْاَرْضِ يَاْتِ بِهَا اللّٰهُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَطِيْفٌ خَبِيْرٌ 16
اي منھنجا پٽڙا! جيڪڏهن سَرنهن جي داڻي جي برابر به ڪا شيءِ هوندي پوءِ اها چاهي جبل جي هيٺان هجي يا آسمانن ۾ هجي يا زمين جي اندر هجي ته به الله تعالى ان کي ٻاهر آڻي حاضر ڪندو. بيشڪ الله تعالى انتهائي باريڪ بين ۽ خبر رکندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويٰبُنَيَّ اَقِـمِ الصَّلٰوةَ وَاْمُرْ بِالْمَعْرُوْفِ وَانْهَ عَنِ الْمُنْكَرِ وَاصْبِرْ عَلٰي مَآ اَصَابَكَ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ مِنْ عَزْمِ الْاُمُوْرِ ۚ17
اي منھنجا پٽڙا! نماز قائم ڪر، نيڪي جي تلقين ڪندو رهه ، برائي کان روڪيندو رهه ۽ جيڪا تڪليف توکي پھچي ان تي صبر ڪندو رهه. بيشڪ هي سڀ ڪم وڏي همت وارا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَا تُصَعِّرْ خَدَّكَ لِلنَّاسِ وَلَا تَـمْشِ فِي الْاَرْضِ مَرَحًا ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُـحِبُّ كُلَّ مُـخْـتَالٍ فَـخُــوْرٍ ۚ18
۽ تون وڏائيءَ سان منھن ڦيري ماڻهن سان نه ڳالهاءِ ۽ زمين تي آڪڙجي نه هل. بيشڪ الله تعالى کي وڏائي خور ۽ پاڻ پڏائيندڙ ماڻهو پسند نه آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَاقْصِدْ فِيْ مَشْيِكَ وَاغْضُضْ مِنْ صَوْتِكَ ۭ اِنَّ اَنْكَرَ الْاَصْوَاتِ لَصَوْتُ الْـحَمِيْرِ ۧ19
پنھنجي هلڻ ۾ نرمي اختيار ڪر ۽ پنھنجي آواز کي هلڪو رک. بيشڪ آوازن مان بُري ۾ بُرو آواز گڏهن جو هوندو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواَلَمْ تَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ سَـخَّرَ لَكُمْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَاَسْبَغَ عَلَيْكُمْ نِعَمَهٗ ظَاهِرَةً وَّبَاطِنَةً ۭ وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّلَا هُدًى وَّلَا كِتٰبٍ مُّنِيْرٍ 20
ڇا توهان نه ڏٺو آهي ته آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ کي الله تعالى توهان جي خدمت ۾ لڳائي ڇڏيو آهي ۽ توهان جي مٿان ظاهري ۽ لڪيل هر قسم جون نعمتون پوريون ڪري ڇڏيون آهن. پر پوءِ به ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي بغيرعلم، بغيرهدايت ۽ بغيرروشن ڪتاب جي الله تعالى جي باري ۾ جهيڙو ڪري ويٺا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽو