003 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 200 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
الۗـۗمَّ 1ۙ
الف- لام- ميم
— عبدالسلام ڀُٽواللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ ۙ الْـحَيُّ الْقَيُّوْمُ 2ۭ
الله تعالى کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق ناهي، اهو ئي سدائين زنده رهندڙ ۽ (سموري ڪائِنات کي) سنڀاليندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽونَزَّلَ عَلَيْكَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ وَاَنْزَلَ التَّوْرٰىةَ وَالْاِنْـجِيْلَ 3ۙ
(اي نبي ﷺ!) ان هستيءَ ئي گذريل امَّتن تي تورات ۽ انجيل نازل ڪيو هو ۽ هاڻي تنھنجي مٿان به هي برحق ڪتاب (يعني قرآن مجيد) نازل فرمايو آهي، جيڪو پھريان آيل ڪتابن کي سچو مڃي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽومِنْ قَبْلُ ھُدًى لِّلنَّاسِ وَاَنْزَلَ الْفُرْقَانَ ڛ اِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ لَھُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ۭ وَاللّٰهُ عَزِيْزٌ ذُو انْتِقَامٍ 4
ان کان پھرين انسانن جي هدايت لاءِ تورات ۽ انجيل هئا ۽ هاڻي قرآن مجيد سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڏيکارڻ لاءِ نازل ڪيو ويو آهي، سو هاڻي جيڪو به الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪندو، ان لاءِ سخت عذاب آهي . الله تعالى انڪار ڪندڙن کان چڱيءَ طرح بدلو وٺڻ جي طاقت رکي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ اللّٰهَ لَا يَـخْفٰى عَلَيْهِ شَيْءٌ فِي الْاَرْضِ وَلَا فِي السَّمَاۗءِ 5ۭ
بيشڪ زمين ۽ آسمان جي ڪا به شيءِ الله تعالى کان لڪل نه آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوھُوَ الَّذِيْ يُصَوِّرُكُمْ فِي الْاَرْحَامِ كَيْفَ يَشَاۗءُ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ الْعَزِيْزُ الْـحَكِيْمُ 6
هو مائرن جي ٻچيدانيءَ ۾ توهان جون صورتون، پنھنجي مرضيءَ مطابق ٺاهي ٿو، اهڙي زبردست حڪمت واري کان سواءِ، ٻيو ڪو به عبادت جي لائق نه آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوھُوَ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلَيْكَ الْكِتٰبَ مِنْهُ اٰيٰتٌ مُّـحْكَـمٰتٌ ھُنَّ اُمُّ الْكِتٰبِ وَاُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ ۭ فَاَمَّا الَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ زَيْغٌ فَيَتَّبِعُوْنَ مَا تَشَابَهَ مِنْهُ ابْتِغَاۗءَ الْفِتْنَةِ وَابْتِغَاۗءَ تَاْوِيْلِهٖ څ وَمَا يَعْلَمُ تَاْوِيْلَهٗ ٓ اِلَّا اللّٰهُ ڤ وَالرّٰسِـخُوْنَ فِي الْعِلْمِ يَقُوْلُوْنَ اٰمَنَّا بِهٖ ۙ كُلٌّ مِّنْ عِنْدِ رَبِّنَا ۚ وَمَا يَذَّكَّرُ اِلَّآ اُولُوا الْاَلْبَابِ 7
ان هستيءَ ئي تنھنجي مٿان هي ڪتاب نازل ڪيو آهي، جنھن ۾ ٻن قسمن جون آيتون موجود آهن. هڪ محڪمات آيتون (جن جا حڪم چٽا بيان ٿيل آهن) جيڪي هن ڪتاب جو اصل ۽ بنياد آهن ۽ ٻيون متشابھات آيتون (جن جا حڪم واضح طريقي سان نه سمجهايا ويا آهن) سو هاڻي جن ماڻهن جي دلين ۾ شرارت آهي ته اهي فساد جي نيت سان ڏينھن رات انهن غير واضح آيتن (يعني متشابھات) جي پويان لڳا پيا هوندا آهن ۽ ويھي انهن آيتن جون من پسند معنائون ڳولهيندا آهن، حالانڪه اهڙين آيتن جي صحيح معنى ۽ مقصد الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير به نه ڄاڻندو آهي. ها باقي علم ۾ ملڪو (يعني مھارت) رکڻ وارا ماڻهو انهن آيتن کي پڙهي چوندا آهن ته، اسان جو انهن آيتن تي ايمان آهي، سڀ آيتون الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل آهن، حقيقت هي آهي ته عقل وارا ئي نصيحت حاصل ڪندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽورَبَّنَا لَا تُزِغْ قُلُوْبَنَا بَعْدَ اِذْ ھَدَيْتَنَا وَھَبْ لَنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً ۚ اِنَّكَ اَنْتَ الْوَھَّابُ 8
هي (عقلمند ماڻهو ) الله تعالى کان دعا گهرندا آهن، ته اي اسان جا پالڻھار! اسان جي دلين کي هدايت اچڻ کان پوءِ شرارت ڏانھن نه موڙجانءِ، بلڪ اسان کي پنھنجي طرف کان رحمت عطا فرماءِ، بيشڪ تون وڏو عطا ڪندڙ آهين.
— عبدالسلام ڀُٽورَبَّنَآ اِنَّكَ جَامِعُ النَّاسِ لِيَوْمٍ لَّا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُـخْلِفُ الْمِيْعَادَ 9ۧ
اي اسان جا پالڻھار! ان ڏينھن جي اچڻ ۾ ڪو به شڪ نه آهي، جنھن ڏينھن تون سڀني انسانن کي پاڻ وٽ گڏ ڪرڻ وارو آهين. بيشڪ الله تعالى وعدي جي خلاف ورزي نه ڪندو آهي. (ع)
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَنْ تُغْنِىَ عَنْھُمْ اَمْوَالُھُمْ وَلَآ اَوْلَادُھُمْ مِّنَ اللّٰهِ شَـيْـــــًٔـا وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمْ وَقُوْدُ النَّارِ ۙ10
بيشڪ جن ڪفر ڪيو، اهڙن ماڻهن کي سندن مال ۽ اولاد ڪنھن به قسم جي ڪم نه ايندا ۽ اهي ئي ماڻهو جَھنَّم جو ٻارڻ ٿيندا.
— عبدالسلام ڀُٽوكَدَاْبِ اٰلِ فِرْعَوْنَ ۙ وَالَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَا ۚ فَاَخَذَھُمُ اللّٰهُ بِذُنُوْبِهِمْ وَاللّٰهُ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 11
اهڙن ماڻهن جو انجام فرعون جي ساٿِين ۽ ان کان اڳ گذريل ماڻهن جھڙو ٿِيندو، جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. الله تعالى کين سندن گناهن جي ڪري پڪڙ ڪئي. بيشڪ الله تعالى سخت سزا ڏيندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوقُلْ لِّـلَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَـتُغْلَبُوْنَ وَتُـحْشَرُوْنَ اِلٰى جَهَنَّمَ ۭ وَبِئْسَ الْمِهَادُ 12
(اي نبي ﷺ) ڪافرن کي چؤ، ته توهان سگهو ئي شڪست کائيندا، پوءِ توهان کي جَھنَّم ڏانھن گھليو ويندو ۽ اها ڏاڍي خراب جاءِ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوقَدْ كَانَ لَكُمْ اٰيَةٌ فِيْ فِئَتَيْنِ الْتَقَتَا ۭ فِئَةٌ تُقَاتِلُ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَاُخْرٰى كَافِرَةٌ يَّرَوْنَھُمْ مِّثْلَيْهِمْ رَاْيَ الْعَيْنِ ۭ وَاللّٰهُ يُؤَيِّدُ بِنَصْرِهٖ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَعِبْرَةً لِّاُولِي الْاَبْصَارِ 13
بيشڪ توهان جي لاءِ انهن ٻن ٽولن ۾ عبرت جي نشاني هئي، جيڪي مقابلي لاءِ (بدر جي ميدان ۾) هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا هئا. انهن مان هڪ ٽولي الله تعالى جي راهه ۾ وڙهي رهي هئي ۽ ٻي ٽولي ڪافرن جي هئي. مسلمان، ڪافرن جي ٽوليءَ کي پاڻ کان ٻيڻو ڏسي رهيا هئا پر الله تعالى جنھن لاءِ گهرندو آهي، پنھنجي مدد جي وسيلي حمايت ڪندو آهي. بيشڪ ان واقعي (يعني ڪافرن جي شڪست ۽ مسلمانن جي فتح) ۾ اکيون کولڻ وارن لاءِ هڪ وڏو سبق آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوزُيِّنَ لِلنَّاسِ حُبُّ الشَّهَوٰتِ مِنَ النِّسَاۗءِ وَالْبَنِيْنَ وَالْقَنَاطِيْرِ الْمُقَنْطَرَةِ مِنَ الذَّھَبِ وَالْفِضَّةِ وَالْـخَيْلِ الْمُسَوَّمَةِ وَالْاَنْعَامِ وَالْـحَرْثِ ۭ ذٰلِكَ مَتَاعُ الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۚ وَاللّٰهُ عِنْدَهٗ حُسْنُ الْمَاٰبِ 14
ماڻهن جي لاءِ عورتن، اولاد، سون ۽ چانديءَ جي ڍيرن، بهترين گهوڙن، جانورن ۽ زرعي زمين ۾، نفس جي خواهش جي تمام گهڻي محبّت رکي وئي آهي، پر هي سڀ شيون دنيا جي ڪجهه ڏينهن جي زندگي گذارڻ جي لاءِ آهن جڏهن ته الله تعالى وٽ (ان کان ڪيترو ئي وڌيڪ ) بهترين جاءِ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوقُلْ اَؤُنَبِّئُكُمْ بِـخَيْرٍ مِّنْ ذٰلِكُمْ ۭ لِلَّذِيْنَ اتَّقَوْا عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا وَاَزْوَاجٌ مُّطَهَّرَةٌ وَّرِضْوَانٌ مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِالْعِبَادِ ۚ15
(اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته، اچو مان توهان کي (دنيا جي شين کان) وڌيڪ سٺيون شيون ٻڌايان، جيڪي پرهيزگار ماڻهن لاءِ انهن جي پالڻھار وٽ موجود آهن، انهن جي لاءِ اهڙا ته باغ آهن، جن جي هيٺان مختلف قسمن جون نھرون وهنديون، هي ماڻهو انهن باغن ۾ هميشه رهندا، انهن لاءِ پاڪيزه ڪردار واريون گهر واريون هونديون ۽ مٿن الله تعالى جي مھرباني به رهندي، تنھنڪري الله تعالى ٻانهن جي ڪردار تي گهري نظر رکندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواَلَّذِيْنَ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَآ اِنَّنَآ اٰمَنَّا فَاغْفِرْ لَنَا ذُنُوْبَنَا وَقِنَا عَذَابَ النَّارِ ۚ16
اهي ئي (ڪردار وارا) ماڻهو چوندا آهن ته اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ اسان (تنھِنجي مٿان) ايمان آندو، اسان جي پوين گناهن کي معاف فرماءِ ۽ اسان کي باهه جي عذاب کان بچاءِ.
— عبدالسلام ڀُٽواَلصّٰبِرِيْنَ وَالصّٰدِقِيْنَ وَالْقٰنِـتِيْنَ وَالْمُنْفِقِيْنَ وَالْمُسْـتَغْفِرِيْنَ بِالْاَسْـحَارِ 17
هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي صبر ڪندڙ، سچا، فرمانبردار، الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪندڙ ۽ رات جو اسر مھل، الله تعالى کان گناهن جي بخشش جون دعائون گهرندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوشَهِدَ اللّٰهُ اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ ۙ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ وَاُولُوا الْعِلْمِ قَاۗىِٕمًۢا بِالْقِسْطِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ الْعَزِيْزُ الْـحَكِيْمُ ۭ18
الله تعالى پاڻ شاهدي ڏني آهي ته هن کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي، ملائڪن ۽ سڀني علم وارن به انصاف ڪندي اها ساڳئي شاهدي ڏني آهي ته ان زبردست حڪمت واري کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ الدِّيْنَ عِنْدَ اللّٰهِ الْاِسْلَامُ ۣ وَمَا اخْتَلَفَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَھُمُ الْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَھُمْ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِاٰيٰتِ اللّٰهِ فَاِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 19
بيشڪ الله تعالى وٽ دين رڳو اسلام آهي، ان دين کان هٽي ڪري ( يھودين ۽ عيسائين) علم اچڻ کان پوءِ، پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي زيادتي ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا اختِيار ڪيا ۽ جيڪو به الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪندو، الله تعالى ان کان حساب وٺندي دير نه ڪندو.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاِنْ حَاۗجُّوْكَ فَقُلْ اَسْلَمْتُ وَجْهِيَ لِلّٰهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ ۭ وَقُلْ لِّلَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ وَالْاُمِّيّٖنَ ءَاَسْلَمْتُمْ ۭ فَاِنْ اَسْلَمُوْا فَقَدِ اھْتَدَوْا ۚ وَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنَّـمَا عَلَيْكَ الْبَلٰغُ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِالْعِبَادِ ۧ20
(اي نبي ﷺ) جيڪڏهن هي ماڻهو توهان سان ڪنھن به معاملي ۾ جهڳڙو ڪن، ته کين چؤ ته مان ۽ منھنجي پيروڪارن ته الله تعالى جي اڳيان پنھنجوسر جهڪايو آهي، پوءِ انهن اهل ڪتاب (يھودين، عيسائين) ۽ اڻ پڙهيل (مشرڪن) کان پڇو، ته ڇا توهان به الله تعالى جي بندگي قبول ڪريو ٿا؟ جيڪڏهن بندگي قبول ڪن ته پوءِ بيشڪ کين به هدايت ملي وئي، پر جيڪڏهن هو منھن موڙين ته (اي نبي ﷺ!) توهان جي مٿان رڳو پيغام پھچائڻ جي ذميداري آهي، بيشڪ ٻانهن جي هڪ هڪ عمل تي الله تعالى جي نظر آهي. (ع)
— عبدالسلام ڀُٽو