028 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
طٰسۗمّۗ 1
طا ــ سين ــ ميم
— عبدالسلام ڀُٽوتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
هي پڌري ڪتاب جون آيتون آهن.
— عبدالسلام ڀُٽونَتْلُوْا عَلَيْكَ مِنْ نَّبَاِ مُوْسٰى وَفِرْعَوْنَ بِالْـحَقِّ لِقَوْمٍ يُّؤْمِنُوْنَ 3
(هاڻي) اسان توکي ايمان آڻيندڙن لاءِ موسى ($) ۽ فرعون جو بلڪل صحيح واقعو ٻڌايون ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِي الْاَرْضِ وَجَعَلَ اَهْلَهَا شِيَعًا يَّسْتَضْعِفُ طَاۗىِٕفَةً مِّنْهُمْ يُذَ بِّحُ اَبْنَاۗءَهُمْ وَيَسْتَحْيٖ نِسَاۗءَهُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ مِنَ الْمُفْسِدِيْنَ 4
بيشڪ فرعون زمين ۾ (اسان جي خلاف) بغاوت ڪرڻ شروع ڪئي. هن پنھنجي رعيت ۾ الڳ الڳ ٽولا بنائي ڇڏيا هئا. وري هڪ ٽولي کي ته انتھائي ڪمزور ڪري (قيدي به بڻائي) ڇڏيو هو، انهن جي پٽن کي ذبح ڪرائي ڇڏيندو هو ۽ نياڻين کي جيئرو ڇڏي ڏيندو هو. بيشڪ هو فساد ڦھلائيندڙن مان هو.
— عبدالسلام ڀُٽووَنُرِيْدُ اَنْ نَّمُنَّ عَلَي الَّذِيْنَ اسْتُضْعِفُوْا فِي الْاَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ اَىِٕمَّةً وَّنَجْعَلَهُمُ الْوٰرِثِيْنَ 5ۙ
اسان ارادو ڪيو ته انهن ماڻهن تي مھرباني ڪريون جن کي سرزمين (مصر) ۾ ڪمزور ڪري دٻايو ويو آهي ۽ انهن کي اڳواڻ بڻايون ۽ کين (فرعونين جو ئي) جاءِ نشين بنائي ڇڏيون.
— عبدالسلام ڀُٽووَنُمَكِّنَ لَهُمْ فِي الْاَرْضِ وَنُرِيَ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا يَحْذَرُوْنَ 6
۽ اسان کين زمين ۾ حڪمراني عطا ڪيون ۽ فرعون، هامان ۽ سندن لشڪرن کي اها ئي شيءِ ڏيکاريون جنھن جو کين ڀؤ هو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاَوْحَيْنَآ اِلٰٓى اُمِّ مُوْسٰٓى اَنْ اَرْضِعِيْهِ ۚ فَاِذَا خِفْتِ عَلَيْهِ فَاَلْقِيْهِ فِي الْيَمِّ وَلَا تَخَافِيْ وَلَا تَحْـزَنِيْ ۚ اِنَّا رَاۗدُّوْهُ اِلَيْكِ وَجَاعِلُوْهُ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 7
۽ اسان موسى ($) جي ماءُ کي الهام ڪيو ته تون هُن ٻار کي کير پيار. پوءِ جڏهن توکي ڀؤ ٿئي ته هن ٻار کي درياءَ ۾ وجهي ڇڏجانءِ. (وجهڻ کان پوءِ) تون ڪوبه ڀؤ ۽ رنج نه ڪجانءِ. بيشڪ هن ٻار کي توڏانهن ئي موٽائينداسون ۽ کيس (اڳتي هلي) رسولن مان هڪ رسول بڻائينداسون.
— عبدالسلام ڀُٽوفَالْتَقَطَهٗ ٓ اٰلُ فِرْعَوْنَ لِيَكُوْنَ لَهُمْ عَدُوًّا وَّحَزَنًا ۭ اِنَّ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا كَانُوْا خٰطِـــــِٕيْنَ 8
(درياءَ ۾ وجهڻ کان پوءِ آخرڪار) ان ٻار کي فرعون جي گهر وارن ڪڍي ورتو ته جيئن اِهو ٻار اڳتي هلي ڪري اُنهن جو دشمن ثابت ٿئي ۽ انهن لاءِ ڏک جو سبب ٿئي. بيشڪ فرعون، هامان ۽ انهن جا لشڪر وڏا ڏوهاري هئا.
— عبدالسلام ڀُٽووَقَالَتِ امْرَاَتُ فِرْعَوْنَ قُرَّةُ عَيْنٍ لِّيْ وَلَكَ ۭ لَا تَقْتُلُوْهُ ڰ عَسٰٓى اَنْ يَّنْفَعَنَآ اَوْ نَتَّخِذَهٗ وَلَدًا وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 9
فرعون جي گهر واري چيو ته هي ٻار منھنجي ۽ تنھنجي لاءِ اکين جو ٺار آهي. هن کي قتل نه ڪريو. ٿي سگهي ٿو ته اهو ٻار اڳتي هلي ڪري اسان جي لاءِ فائديمند ثابت ٿئي يا اسان پُٽ ڪري پالنا ڪيونس. پر کين (اصل انجام جي ته) خبر ئي نه هئي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاَصْبَحَ فُؤَادُ اُمِّ مُوْسٰى فٰرِغًا ۭ اِنْ كَادَتْ لَتُبْدِيْ بِهٖ لَوْلَآ اَنْ رَّبَطْنَا عَلٰي قَلْبِهَا لِتَكُوْنَ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 10
ٻئي طرف موسى ($) جي ماءُ وڏي بيقراري ۾ هئي، جيڪڏهن اسان سندس همت نه وڌايون ها ته هوءَ پنھنجي بيقراري جو سبب ظاهر ڪر ي ويھي ها (اسان ان جي همت وڌائي ته) جيئن هوءَ يقين ڪرڻ وارن مان ٿئي.
— عبدالسلام ڀُٽووَقَالَتْ لِاُخْتِهٖ قُصِّيْهِ ۡ فَبَصُرَتْ بِهٖ عَنْ جُنُبٍ وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ ۙ11
۽ ماءُ (پنهنجي ڌيءَ) موسى $ جي ڀيڻ کي چيو ته تون هن جي پويان وڃ ۽ اهڙي طريقي سان ان کي اوٽائتي ڏسندي رهه جو ماڻهن کي خبر ئي نه پوي.
— عبدالسلام ڀُٽووَحَرَّمْنَا عَلَيْهِ الْمَرَاضِعَ مِنْ قَبْلُ فَقَالَتْ هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰٓي اَهْلِ بَيْتٍ يَّكْفُلُوْنَهٗ لَكُمْ وَهُمْ لَهٗ نٰصِحُوْنَ 12
(ڇوڪريءَ جي اچڻ کان اڳ) اسان اُن ٻار جي اندر سڀني عورتن جي ٿَڃ ڌائڻ (يعني کير پيئڻ) کان نفرت وجهي ڇڏي هئي. (پوءِ ڇوڪري آئي) ۽ چيائين ته ڇا مان توهان کي اهڙا گهر وارا نه ٻڌايان جيڪي هن ٻار جي سھڻي طريقي ۽ وڏي خيرخواهي سان پالنا ۽ سنڀال ڪندا؟
— عبدالسلام ڀُٽوفَرَدَدْنٰهُ اِلٰٓى اُمِّهٖ كَيْ تَــقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ وَلِتَعْلَمَ اَنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ وَّلٰكِنَّ اَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُوْنَ ۧ13
پوءِ اهڙي طريقي سان اسان ان ٻار کي پنھنجي ماءُ جي طرف موٽايوسين ته جيئن سندس اکيون ٺرن ۽ ڳڻتي نه ڪري ۽ کيس اها خبر پوي ته بيشڪ الله تعالى جو وعدو برحق آهي پر گهڻا ماڻهو ان ڳالهه کي سمجهن ئي نٿا.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَمَّا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَاسْتَوٰٓى اٰتَيْنٰهُ حُكْمًا وَّعِلْمًا ۭ وَكَذٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِيْنَ 14
پوءِ جڏهن موسى ($) ڦوهه جواني کي پھتو ۽ ذميداري محسوس ڪرڻ لڳو ته اسان کيس حڪمت ۽ علم عطا ڪيوسين. اهڙي طرح ئي اسان نيڪوڪارن کي بدلو ڏيندا آهيون.
— عبدالسلام ڀُٽووَدَخَلَ الْمَدِيْنَةَ عَلٰي حِيْنِ غَفْلَةٍ مِّنْ اَهْلِهَا فَوَجَدَ فِيْهَا رَجُلَيْنِ يَـقْتَتِلٰنِ ڭ هٰذَا مِنْ شِيْعَتِهٖ وَهٰذَا مِنْ عَدُوِّه ٖ ۚ فَاسْتَغَاثَهُ الَّذِيْ مِنْ شِيْعَتِهٖ عَلَي الَّذِيْ مِنْ عَدُوِّهٖ ۙ فَوَكَزَهٗ مُوْسٰى فَقَضٰى عَلَيْهِ ڭ قَالَ هٰذَا مِنْ عَمَلِ الشَّيْطٰنِ ۭ اِنَّهٗ عَدُوٌّ مُّضِلٌّ مُّبِيْنٌ 15
هڪڙي ڏينھن موسى ($) شھر ۾ اهڙي وقت اچي داخل ٿيو جو اُتان جا شھري غفلت جي ننڊ ۾ ستا پيا هئا. هن ڏٺو ته ٻه ماڻهو پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن (ويجهو اچي) ڏٺائين ته انهن مان هڪڙو منھنجي قوم (يعني بني اسرائيل) جو ماڻهو آهي ۽ ٻيو دشمن قوم (يعني فرعون جي قوم) جو آهي. سندس قوم واري ماڻهوءَ کيس ٻئي ماڻهوءَ جي خلاف مدد لاءِ سڏيو. پوءِ موسى ($)ٺونشو هڻي ان جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو ۽ (فورًا دل ۾) چيائين ته هي ته (مون کان) هڪ شيطاني ڪم ٿي ويو. بيشڪ شيطان ته وڏو دشمن ۽ پڪو گمراهه ڪندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالَ رَبِّ اِنِّىْ ظَلَمْتُ نَفْسِيْ فَاغْفِرْ لِيْ فَغَفَرَ لَهٗ ۭ اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 16
موسى ($) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! مون پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪري وڌو آهي. بس! تون مون کي معاف فرماءِ. الله تعالى کيس معاف فرمايو. بيشڪ هو وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالَ رَبِّ بِـمَآ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ فَلَنْ اَكُوْنَ ظَهِيْرًا لِّلْمُجْرِمِيْنَ 17
(وڌيڪ) چيائين ته: اي منھنجا پالڻھار! تو جيڪا مون تي مھرباني ڪئي آهي، سو هاڻي مان ڪڏهن به ڏوهاري قسم جي ماڻهن جو مدد گار نه ٿيندس.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاَصْبَحَ فِي الْمَدِيْنَةِ خَاۗىِٕفًا يَّتَرَقَّبُ فَاِذَا الَّذِي اسْتَـنْصَرَهٗ بِالْاَمْسِ يَسْتَــصْرِخُهٗ ۭ قَالَ لَهٗ مُوْسٰٓى اِنَّكَ لَغَوِيٌّ مُّبِيْنٌ 18
ٻئي ڏينهن صبح جو (ڪالهوڪو) حال احوال وٺڻ لاءِ شھر ۾ ڊڄندي ڊڄندي داخل ٿيو ته وري اوچتو ساڳئي ماڻهوءَ کيس ٻيهر مدد لاءِ سڏيو، جنھن کيس ڪالهه سڏيو هو. موسى ($)چيو ته (يار!) تون ته ڪو وڏو ڦڏائي ماڻهو ٿو لڳين.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَمَّآ اَنْ اَرَادَ اَنْ يَّبْطِشَ بِالَّذِيْ هُوَ عَدُوٌّ لَّهُمَا ۙ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اَتُرِيْدُ اَنْ تَــقْتُلَنِيْ كَـمَا قَتَلْتَ نَفْسًۢا بِالْاَمْسِ ڰ اِنْ تُرِيْدُ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَ جَبَّارًا فِي الْاَرْضِ وَمَا تُرِيْدُ اَنْ تَكُوْنَ مِنَ الْمُصْلِحِيْنَ 19
پوءِ موسى ($) اُن ماڻهوءَ تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو جيڪو انهن ٻنهي جو دشمن هو. (هيڏانهن) وري سندس قوم جي ماڻهوءَ اهو سمجهو ته اڄ موسى ($) مون تي حملو ڪري ٿو ته هن رڙ ڪندي چيو ته اي موسى! جيئن تو ڪالهه هڪ ماڻهوءَ کي ماري وڌو هو، اڄ وري مون کي ٿو مارڻ چاهين ۽ هن علائقي ۾ تون صلح ڪرائڻ جي بجاءِ ڏاڍو مڙس ٿيڻ ٿو چاهين؟ (ايئن ڪالهوڪي قتل جي خبر ماڻهن کي پئجي وئي.)
— عبدالسلام ڀُٽووَجَاۗءَ رَجُلٌ مِّنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ يَسْعٰى ۡ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اِنَّ الْمَلَاَ يَاْتَمِرُوْنَ بِكَ لِيَقْتُلُوْكَ فَاخْرُجْ اِنِّىْ لَكَ مِنَ النّٰصِحِيْنَ 20
پوءِ شھر جي آخري ڪنڊ مان هڪ ماڻهو ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ته: اي موسى! سردار تنھنجي قتل لاءِ مشورو ڪري رهيا آهن، سو تون هتان نڪري هليو وڃ. بيشڪ مان تنھنجو خيرخواهه آهيان.
— عبدالسلام ڀُٽو