027 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 93 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
طٰسۗ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْقُرْاٰنِ وَكِتَابٍ مُّبِيْنٍ 1ۙ
طا ــ سين. هي آيتون قرآن مجيد جون ۽ ان ڪتاب جون آهن (جيڪو) چٽيءَ طرح ڳالهين کي بيان ڪري ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽوهُدًى وَّبُشْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2ۙ
ايمان وارن لاءِ هدايت جو ذريعو ۽ خوشخبري آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 3
جيڪي نماز قائم ڪن ٿا، زڪوات ادا ڪن ٿا ۽ آخرت تي پختو يقين رکن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُوْنَ 4ۭ
بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا رکن تن لاءِ ته انهن جي عملن کي سھڻو بنائي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري اهي ڀٽڪندا وتن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽواُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ هُمُ الْاَخْسَرُوْنَ 5
انهن لاءِ تمام برو عذاب آهي ۽ وري آخرت ۾ اُهي وڏي نقصان وارا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْاٰنَ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ عَلِيْمٍ 6
(اي نبيﷺ!) بيشڪ هي قرآن توکي وڏي حڪمت واري ۽ وڏي علم واري جي طرفان عطا ڪيو ويو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِذْ قَالَ مُوْسٰي لِاَهْلِهٖٓ اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا ۭ سَاٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِخَــبَرٍ اَوْ اٰتِيْكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُوْنَ 7
جڏهن موسى ($) پنھنجي گهر وارن کي چيو ته توهان هتي ترسو مون باهه ڏٺي آهي، ٿي سگهي ٿو ته اُتان (صحيح رستي جي) خبر پئجي وڃي يا وري توهان جي لاءِ ڪو ٽانڊو کڻي اچان ته جيئن توهان هٿ (وغيره) سيڪيو.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَمَّا جَاۗءَهَا نُوْدِيَ اَنْۢ بُوْرِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا ۭ وَسُـبْحٰنَ اللّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 8
پوءِ هو جڏهن اتي پھتو ته آواز آيو ته ان تي برڪت هجي جيڪو هن باهه ۾ آهي ۽ جيڪو باهه جي چوڌاري آهي. الله تعالى پاڪ آهي جيڪو سڀني جھانن جو پاليندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويٰمُوْسٰٓي اِنَّهٗ ٓ اَنَا اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9ۙ
اي موسى! (ڊڄ نه) مان خود الله آهيان. زبردست حڪمت وارو آهيان.
— عبدالسلام ڀُٽووَاَلْقِ عَصَاكَ ۭ فَلَمَّا رَاٰهَا تَهْتَزُّ كَاَنَّهَا جَاۗنٌّ وَّلّٰى مُدْبِرًا وَّلَمْ يُعَقِّبْ ۭ يٰمُوْسٰي لَا تَخَفْ ۣ اِنِّىْ لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُوْنَ ڰ 10
تون پنھنجي لٺ اڇلاءِ پوءِ هُن لٺ کي ور وڪڙ کائيندي نانگ وانگر ڏٺو ته پويان پير ڪري وٺي ڀڳو ۽ پوئتي مڙي نهاريائين به نه. (اسان چيو ته) اي موسى! تون نه ڊڄ، بيشڪ مون وٽ رسول سڳورا ڊڄندا ئي نه آهن.
— عبدالسلام ڀُٽواِلَّا مَنْ ظَلَمَ ثُـمَّ بَدَّلَ حُسْـنًۢا بَعْدَ سُوْۗءٍ فَاِنِّىْ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 11
سواءِ انهن جي جن اڳ ڪو ظلم جو ڪم ڪيو هجي. پوءِ اُن برائي جي بدلي ۾ نيڪي آندي هجي ته بيشڪ مان وڏو بخشڻهار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهيان.
— عبدالسلام ڀُٽووَاَدْخِلْ يَدَكَ فِيْ جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاۗءَ مِنْ غَيْرِ سُوْۗءٍ ۣ فِيْ تِسْعِ اٰيٰتٍ اِلٰى فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهٖ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمًا فٰسِقِيْنَ 12
۽ پنھنجي هٿ کي بغل ۾ وجهه هاڻي اِهو بغير ڪنھن تڪليف جي روشن ٿي نڪرندو. هي ٻه نشانيون آهن جيڪي نَوَن نشانين ۾ شامل آهن. هاڻي تون فرعون ۽ سندس قوم ڏانھن وڃ. بيشڪ اُهي وڏا گنهگار ماڻهو آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَمَّا جَاۗءَتْهُمْ اٰيٰتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوْا ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ ۚ13
پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جون اکيون کوليندڙ نشانيون سامهون آيون ته چوڻ لڳا ته هي ته صفا جادو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَجَحَدُوْا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَآ اَنْفُسُهُمْ ظُلْمًا وَّعُلُوًّا ۭ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِيْنَ ۧ14
۽ انهن ڏاڍ ۽ تڪبر سان انهن نشانين کي ٺڪرائي ڇڏيو. حالانڪه هو دل سان نشانين کي بلڪل صحيح سمجهن پيا. پوءِ ڏسو ته فساد ڦھلائيندڙن جو ڪھڙو انجام ٿيو؟
— عبدالسلام ڀُٽووَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ وَسُلَيْمٰنَ عِلْمًا ۚ وَقَالَا الْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ فَضَّلَنَا عَلٰي كَثِيْرٍ مِّنْ عِبَادِهِ الْمُؤْمِنِيْنَ 15
۽ اسان دائود ($) ۽ سليمان ($) کي علم عطا ڪيوسين. انهن (شڪر ادا ڪندي) چيو ته سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ آهن جنھن اسان کي گهڻن ئي مؤمن ٻانهن تي فضيلت عطا ڪئي آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَوَرِثَ سُلَيْمٰنُ دَاوٗدَ وَقَالَ يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنْطِقَ الطَّيْرِ وَاُوْتِيْنَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ ۭ اِنَّ ھٰذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِيْنُ 16
پوءِ سليمان ( $ )، دائود ($) جو جانشين ٿيو ۽ چيائين ته: اي انسانو! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري وئي آهي ۽ ان کان علاوهه به اسان کي هر شيءِ عطا ڪئي وئي آهي. بيشڪ اهو الله تعالى جو خاص فضل آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَحُشِرَ لِسُلَيْمٰنَ جُنُوْدُهٗ مِنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 17
(هڪ ڏينهن) سليمان ($) لاءِ جنن، انسانن ۽ پکين جي لشڪر کي گڏ ڪري (کين سفر لاءِ ) ترتيب سان تيار ڪيو ويو.
— عبدالسلام ڀُٽوحَتّىٰٓ اِذَآ اَتَوْا عَلٰي وَادِ النَّمْلِ ۙ قَالَتْ نَمْــلَةٌ يّـٰٓاَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوْا مَسٰكِنَكُمْ ۚ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمٰنُ وَجُنُوْدُهٗ ۙ وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 18
( پوءِ سفر ڪندي) جڏهن هو ڪِوِلِيُن جي علائقي ۾ پھتا ته هڪڙي ڪِوِل چيو ته: اي ڪِوِلِيو! پنھنجي ٻرڙن ۾ وڃي لڪو، ايئن نه ٿئي جو سليمان ($) ۽ ان جو لشڪر توهان کي بي خبري ۾ چيڀائي ڇڏي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِّنْ قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَدْخِلْنِيْ بِرَحْمَتِكَ فِيْ عِبَادِكَ الصّٰلِحِيْنَ 19
ان جي ان ڳالهه تي سليمان ($) مسڪرائي کلي ڏنو ۽ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي توفيق عطا فرماءِ ته جيئن آئون تنھنجي انهن نعمتن جو شڪر ادا ڪريان جيڪي تو منھنجي مٿان ۽ منھنجي ماءُ پيءُ جي مٿان ڪيون آهن ۽ (مون کي توفيق ڏي ته) مان اهڙا نيڪ عمل ڪريان جيڪي توکي پسند هجن ۽ مون کي پنھنجي رحمت سان نيڪ ٻانهن ۾ شامل فرماءِ.
— عبدالسلام ڀُٽووَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَآ اَرَى الْهُدْهُدَ ڮ اَمْ كَانَ مِنَ الْغَاۗىِٕـبِيْنَ 20
هڪ ڀيري سليمان ($) پکين جي حاضري وٺندي چيو ته: ڇو ڀلا! مون کي هُدهُد (پکي) نظر نٿو اچي؟ ڇا هو غيرحاضر آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽو