002 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 286 آيتون ۽ 40 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
الۗمّۗ 1ۚ
الف - لام- ميم
— عبدالسلام ڀُٽوذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَيْبَ ٻ فِيْهِ ڔ ھُدًى لِّلْمُتَّقِيْنَ 2ۙ
هي (الله تعالى جو) ڪتاب آهي (جنھن ڪري) هن ۾ڪو (به) شڪ نه آهي (هي ڪتاب) انهن پرهيزگارن لاءِ هدايت (جو ذريعو) آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوالَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِالْغَيْبِ وَ يُـقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِـمَّا رَزَقْنٰھُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۙ
جيڪي غيب (يعني اڻ ڏٺي ۽ اڻ سمجهي) تي ايمان آڻين ٿا، نماز قائم ڪن ٿا ۽ کين جيڪو رزق اسان ڏنو آهي ان مان (ان جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽووَ الَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ وَمَآ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ ۚ وَبِالْاٰخِرَةِ ھُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
۽ جيڪو ڪتاب توهان جي مٿان نازل ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي ڪتاب اڳ نازل ڪيا ويا هئا. (پرهيزگار ماڻهو) انهن سڀني تي ايمان آڻين ٿا ۽ قيامت جي ڏينھن تي يقين رکن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽواُولٰۗىِٕكَ عَلٰي ھُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ ۤ وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
اهڙا ئي ماڻهو پنھنجي رَبَّ جي طرفان (ٻڌايل) سڌي رستي تي آهن ۽ اهي ئي ڪاميابي حاصل ڪندڙ آهن.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَھُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْھُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 6
بيشڪ جن ماڻهن (مٿيون ڳالهيون) مڃڻ کان انڪار ڪيوآهي، انهن لاءِ ڳالهه برابر آهي ته تون کين ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين (بھرحال) اهي (ڪڏهن به) ايمان نه آڻيندا.
— عبدالسلام ڀُٽوخَتَمَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَعَلٰي سَـمْعِهِمْ ۭ وَعَلٰٓي اَبْصَارِهِمْ غِشَاوَةٌ وَّلَھُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 7ۧ
(ڇوته انڪار سبب) الله تعالى سندن دلين ۽ ڪنن تي مھر هڻي ڇڏي آهي، سندن اکين تي پردو پيل آهي ۽ (اَڳتي وري) انهن ماڻهن لاءِ وڏو عذاب آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ وَبِالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَمَا ھُمْ بِـمُؤْمِنِيْنَ 8ۘ
ماڻهن مان ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي چون ٿا ته اسان الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان آندو آهي، پر هو ايمان آڻيندڙن مان ئي نه آهن.
— عبدالسلام ڀُٽويُـخٰدِعُوْنَ اللّٰهَ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ وَمَا يَـخْدَعُوْنَ اِلَّآ اَنْفُسَھُمْ وَمَا يَشْعُرُوْنَ 9ۭ
هي ماڻهو (ظاهر ۾) الله تعالى ۽ مؤمنن کي ڌوڪو ڏئي رهيا آهن. حقيقت ۾ هو پنھنجو پاڻ کي (ئي) ڌوڪو ڏئي رهيا آهن پر هو پاڻ کي ڌوڪي ۾ نٿا سمجهن.
— عبدالسلام ڀُٽوفِىْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ ۙ فَزَادَھُمُ اللّٰهُ مَرَضًا ۚ وَلَھُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌۢ ڏ بِـمَا كَانُوْا يَكْذِبُوْنَ 10
انهن جي دلين ۾ (ڪوڙ ڳالهائڻ جي) بيماري آهي، الله تعالى سندن ان بيماريءَ کي اڃا به وڌائي ڇڏيو ۽ جيڪو هو ڪوڙ ڳالهائن ٿا ان جي نتيجي ۾ الله تعالى کين تڪليف ڏيندڙ عذاب رکيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ لَا تُفْسِدُوْا فِى الْاَ رْضِ ۙ قَالُوْٓا اِنَّـمَا نَـحْنُ مُصْلِحُوْنَ 11
۽ جڏهن به انهن (ڌوڪو ڏيندڙن) کي چيو وڃي ٿو ته زمين ۾ فساد نه پکيڙيو ته (جواب ۾) هميشه اهو چوندا آهن ته اسان ته سڌارو آڻيندڙ آهيون.
— عبدالسلام ڀُٽواَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ الْمُفْسِدُوْنَ وَلٰكِنْ لَّا يَشْعُرُوْنَ 12
خبردار! اهي ئي فساد پکيڙيندڙ آهن پر کين ان ڳالهه جي سمجهه نه آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ اٰمِنُوْا كَـمَآ اٰمَنَ النَّاسُ قَالُوْٓا اَنُؤْمِنُ كَـمَآ اٰمَنَ السُّفَهَاۗءُ ۭ اَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ السُّفَهَاۗءُ وَلٰكِنْ لَّا يَعْلَمُوْنَ 13
۽ جڏهن انهن کي چيو ويو ته توهان به ايمان آڻيو جيئن ٻين ماڻهن ايمان آندو آهي ته (سدائين) اهو جواب ڏنو آهي ته ڇا اسين به بيوقوفن وانگر ايمان آڻيون؟ خبردار! (حقيقت اها آهي ته) اهي خود بيوقوف ماڻهو آهن پر کين ان شيءِ جي ڄاڻ نه آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا لَقُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا قَالُوْٓا اٰمَنَّا ښ وَاِذَا خَلَوْا اِلٰى شَيٰطِيْنِهِمْ ۙ قَالُوْٓا اِنَّا مَعَكُمْ ۙ اِنَّـمَا نَـحْنُ مُسْتَهْزِءُوْنَ 14
۽ (وري) جڏهن اهي خود ايمان وارن سان ملن ٿا ته انهن کي چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي پر جڏهن اڪيلائيءَ ۾ پنھنجي شيطان صفت سردارن سان ملن ٿا ته انهن کي چون ٿا ته حقيقت ۾ اسان توهان سان گڏ آهيون ايمان وارن سان ته اسان رڳو ڀوڳ ڪريون ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽواَللّٰهُ يَسْتَهْزِئُ بِـهِمْ وَيَـمُدُّھُمْ فِىْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَھُوْنَ 15
حالانڪه الله تعالى (ٿوري وقت لاءِ نعمتون ڏئي ڪري) انهن سان دل لڳي ڪري رهيو آهي ۽ هو کين ڊگهو رسو ڏئي رهيو آهي (جنھن جي نتيجي ۾) هو پنھنجي سرڪشيءَ ۾ انڌن ماڻهن وانگر ٺوڪرون کائيندا وتن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽواُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ اشْتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالْهُدٰى ۠ فَـمَا رَبِـحَتْ تِّـجَارَتُھُمْ وَمَا كَانُوْا مُهْتَدِيْنَ 16
اهڙي ڪردار جي ماڻهن ئي هدايت جي بدلي ۾ گمراهي خريد ڪري ورتي آهي پر اهو سودو کين ڪو به فائدو نه پھچائيندو، ڇو ته اهي ماڻهو سڌي رستي تي آهن ئي ڪونه.
— عبدالسلام ڀُٽومَثَلُھُمْ كَـمَثَلِ الَّذِى اسْـتَوْقَدَ نَارًا ۚ فَلَمَّآ اَضَاۗءَتْ مَا حَوْلَهٗ ذَھَبَ اللّٰهُ بِنُوْرِهِمْ وَتَرَكَھُمْ فِىْ ظُلُمٰتٍ لَّا يُبْصِرُوْنَ 17
انهن جو مثال ايئن آهي جيئن ڪنھن شخص باهه ٻاري هجي، پوءِ باهه چؤطرف روشني پکيڙي ته اهڙي وقت الله تعالى انهن جي اکين جي ڏسڻ جي صلاحيت (يعني نظر) کسي ورتي ۽ انهن کي اهڙي حالت ۾ ڇڏي ڏنائين جو کين اونداهين ۾ ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
— عبدالسلام ڀُٽوۻ بُكْمٌ عُـمْىٌ فَھُمْ لَا يَرْجِعُوْنَ ۙ18
(ظاهري حواس هوندي به) هي ماڻهو ٻوڙا، گونگا ۽ انڌا آهن. اهي هدايت واري رستي ڏانھن موٽندا ئي ڪونه.
— عبدالسلام ڀُٽواَوْ كَصَيِّبٍ مِّنَ السَّمَاۗءِ فِيْهِ ظُلُمٰتٌ وَّرَعْدٌ وَّبَرْقٌ ۚ يَـجْعَلُوْنَ اَصَابِعَھُمْ فِىْٓ اٰذَانِهِمْ مِّنَ الصَّوَاعِقِ حَذَرَ الْمَوْتِ ۭ وَاللّٰهُ مُـحِيْطٌۢ بِالْكٰفِرِيْنَ 19
يا وري انهن جو مثال ايئن سمجهو ته جيئن آسمان مان زوردار برسات وسي رهي آهي، ان ۾ ڪارونڀار (يعني ڪڪرن جي گهاٽي ڪاراڻ)، گجگوڙ۽ کنوڻ به هجي ته اهي ماڻهو کنوڻ جا ڪڙڪاٽ ٻڌي موت جي ڊپ کان پنھنجي ڪنن ۾ آڱريون وجهن ٿا (ته جيئن آواز ٻڌڻ ۾ نه اچي ۽ ڪو ڊپ به نه ٿئي) پر الله تعالى انهن حَقَّ جي انڪارين کي سخت گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي (هو ڪيترو بچڻ جي ڪوشش ڪندا؟).
— عبدالسلام ڀُٽويَكَادُ الْبَرْقُ يَـخْطَفُ اَبْصَارَھُمْ ۭ كُلَّمَآ اَضَاۗءَ لَھُمْ مَّشَوْا فِيْهِ ڎ وَاِذَآ اَظْلَمَ عَلَيْهِمْ قَامُوْا ۭ وَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَذَھَبَ بِسَمْعِهِمْ وَاَبْصَارِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَىْءٍ قَدِيْرٌ ۧ20
وڄ جي چمڪاٽن جي ڪري هو اهو به محسوس ڪن ٿا ته اجهو کنوڻ لَمڪو ڏئي سندن اکين جي نظر کسي نه وٺي، پوءِ هو جڏهن ٿوري روشني محسوس ڪن ٿا ته ٿورو هلي وٺن ٿا، وري جڏهن اونداهه ٿي وڃي ٿي ته اتي جو اتي بيهجي ويندا آهن، الله تعالى جيڪڏهن گهري ها ته سندن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي صلاحيت کي (هميشه لاءِ) کسي وٺي ها، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي وس وارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽو