018 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 110 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلٰي عَبْدِهِ الْكِتٰبَ وَلَمْ يَجْعَلْ لَّهٗ عِوَجًا ڸ 1
سڀ تعريفون اللھ تعالى جي لاءِ ئي آھن، جنھن پنھنجي ٻانھي تي اھڙو ڪتاب نازل ڪيو آهي جنھن ۾ ڪنھن به قسم جو ٽيڙ نه رکيو ويو آھي.
— عبدالسلام ڀُٽوقَـيِّمًا لِّيُنْذِرَ بَاْسًا شَدِيْدًا مِّنْ لَّدُنْهُ وَيُبَشِّرَ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا حَسَـنًا 2ۙ
صاف ۽ سڌي ڳالھ بيان ڪرڻ وارو ڪتاب آھي ته جيئن ماڻهن کي الله تعاليٰ جي پاران اچڻ واري سخت عذاب کان ڊيڄاري ۽ نيڪ عمل ڪندڙ مؤمنن کي سھڻي اجر جي خوشخبري ٻڌائي.
— عبدالسلام ڀُٽومَّاكِثِيْنَ فِيْهِ اَبَدًا 3ۙ
اھي نيڪ ماڻهو ھن خوشخبري (جي نتيجي) ۾ ھميشه جنت ۾ رهندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ قَالُوا اتَّخَذَ اللّٰهُ وَلَدًا 4ۤ
۽ انهن ماڻهن کي (به) ڊيڄاري جن چيو ته اللھ تعالى کي اولاد آھي.
— عبدالسلام ڀُٽومَا لَهُمْ بِهٖ مِنْ عِلْمٍ وَّلَا لِاٰبَاۗىِٕهِمْ ۭ كَبُرَتْ كَلِمَةً تَخْرُجُ مِنْ اَفْوَاهِهِمْ ۭ اِنْ يَّقُوْلُوْنَ اِلَّا كَذِبًا 5
انهن کي ان ڳالھ جو نه ته ڪو علم آھي ۽ نه ئي سندن ابن ڏاڏن کي ڪو علم ھو. اھا هڪ انتھا درجي جي (غير ذميدارانه) ڳالھ آھي جيڪا سندن واتن مان نڪري ٿي ۽ اھو سراسر ڪوڙ آھي جيڪو ھُو بَڪن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ عَلٰٓي اٰثَارِهِمْ اِنْ لَّمْ يُؤْمِنُوْا بِهٰذَا الْحَدِيْثِ اَسَفًا 6
تون شايد پنھنجو پاڻ کي افسوس وچان ڳاري ڇڏيندين جيڪڏھن ھو ھِن تعليم تي ايمان نه آڻيندا.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلَي الْاَرْضِ زِيْنَةً لَّهَا لِنَبْلُوَهُمْ اَيُّهُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا 7
اسان زمين جي مٿان سينگار جون شيون ان ڪري رکيون آھن ته جيئن کين آزمائي ڏسون ته انهن مان ڪير سٺا عمل ڪن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِنَّا لَجٰعِلُوْنَ مَا عَلَيْهَا صَعِيْدًا جُرُزًا 8ۭ
آخرڪار اسان زمين جي مٿان رهڻ واري ھر شيءِ کي فنا ڪري صاف ميدان ڪري ڇڏينداسين.
— عبدالسلام ڀُٽواَمْ حَسِبْتَ اَنَّ اَصْحٰبَ الْكَهْفِ وَالرَّقِيْمِ ۙ كَانُوْا مِنْ اٰيٰتِنَا عَجَبًا 9
ڇا تون سمجهين ٿو ته غار وارا (يعني اصحاب ڪھف) ۽ رقيم وارا (يعني اصحاب رقيم) اسان جي وڏين عجيب نشانين مان ھئا؟
— عبدالسلام ڀُٽواِذْ اَوَى الْفِتْيَةُ اِلَى الْكَهْفِ فَقَالُوْا رَبَّنَآ اٰتِنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً وَّهَيِّئْ لَنَا مِنْ اَمْرِنَا رَشَدًا 10
جڏھن ڪجهه نوجوانن غار ۾ وڃي پناهه ورتي ته انهن اللھ تعالى کان دعا گهري ته: اي اسان جا پالڻھار! تون پنھنجي خاص مھربانيءَ سان اسان کي رحمت عطا فرماءِ ۽ اسان جي معاملي کي سھڻي طريقي سان حل فرماءِ.
— عبدالسلام ڀُٽوفَضَرَبْنَا عَلٰٓي اٰذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِيْنَ عَدَدًا ۙ11
اسان کين غار ۾ ڪيترن ئي سالن تائين گهري ننڊ ۾ سمھاري ڇڏيو.
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ بَعَثْنٰهُمْ لِنَعْلَمَ اَيُّ الْحِزْبَيْنِ اَحْصٰى لِمَا لَبِثُوْٓا اَمَدًا ۧ12
پوءِ کين ننڊ مان اٿاريو ته جيئن ڏسون ته انهن ٻنهي گروهن (يعني اصحاب ڪھف ۽ رقيم وارن) مان ڪنھن کي پنھنجي ھن حالت ۾ رھڻ جي عرصي جو صحيح اندازو آھي؟
— عبدالسلام ڀُٽونَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَاَهُمْ بِالْـحَقِّ ۭ اِنَّهُمْ فِتْيَةٌ اٰمَنُوْا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنٰهُمْ هُدًى ڰ 13
(اي نبيﷺ!) اسان توکي انهن جو صحيح صحيح واقعو ٻڌايون ٿا، بيشڪ ھو چند نوجوان ھئا جن پنھنجي پالڻھار تي ايمان آندو هو ۽ اسان کين ھدايت تي مضبوط رکيو ھو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّرَبَطْنَا عَلٰي قُلُوْبِهِمْ اِذْ قَامُوْا فَقَالُوْا رَبُّنَا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَنْ نَّدْعُوَا۟ مِنْ دُوْنِهٖٓ اِلٰـهًا لَّقَدْ قُلْنَآ اِذًا شَطَطًا 14
اسان انهن جي ان وقت دل وڌائي جڏھن ھو (پڪو ارادو ڪري) اٿيا ۽ وڏي واڪي چئي ڏنائون ته اسان جو پالڻھار اھوئي آھي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار آھي. اسان ان کي ڇڏي ڪنھن ٻئي کي معبود ڪري ھرگز نه پڪارينداسين، جي اسان ايئن ڪيو ته اھا اسان جي انتھائي غلط ڳالھ ٿيندي.
— عبدالسلام ڀُٽوهٰٓؤُلَاۗءِ قَوْمُنَا اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً ۭ لَوْلَا يَاْتُوْنَ عَلَيْهِمْ بِسُلْطٰنٍۢ بَيِّنٍ ۭ فَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ15
(اُنھن اھو به چيو ته) اسان جي قوم اصل معبود ڇڏي ٻين کي وڃي معبود ٺاھي ورتو آھي ۽ هُو انهن معبودن جي باري ۾ ڪو واضح دليل به نٿا ڏين، سو ھاڻي جيڪو اللھ تعالى تي ويھي ڪوڙ ٺاھي ان کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذِ اعْتَزَلْتُمُوْهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ اِلَّا اللّٰهَ فَاْوٗا ٓ اِلَى الْكَهْفِ يَنْشُرْ لَكُمْ رَبُّكُمْ مِّنْ رَّحْمَتِهٖ وَيُهَــيِّئْ لَكُمْ مِّنْ اَمْرِكُمْ مِّرْفَقًا 16
(پوءِ هو پاڻ ۾ ويھي ھڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته) ڳالھ ھي آھي ته توھان ھنن ماڻهن ۽ الله تعاليٰ کان سواءِ سندن ڪوڙن معبودن کان ته الڳ ٿي چڪا آھيو پوءِ ڇو نه ھلي ڪنھن غار ۾ پناهه وٺون ۽ توهان جو پالڻھار (ضرور) توهان تي پنھنجي رحمت جو ڇانورو ڪندو ۽ اوھان لاءِ اوھان جي ڪمن ۾ آساني فرمائيندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَتَرَى الشَّمْسَ اِذَا طَلَعَتْ تَّزٰوَرُ عَنْ كَهْفِهِمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَاِذَا غَرَبَتْ تَّقْرِضُهُمْ ذَاتَ الشِّمَالِ وَهُمْ فِيْ فَجْــوَةٍ مِّنْهُ ۭ ذٰلِكَ مِنْ اٰيٰتِ اللّٰهِ ۭ مَنْ يَّهْدِ اللّٰهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ ۚ وَمَنْ يُّضْلِلْ فَلَنْ تَـجِدَ لَهٗ وَلِيًّا مُّرْشِدًا ۧ17
(پوءِ ھنن ويچارن غار ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ اللھ تعالى کين گهري ننڊ ۾ سمھاري ڇڏيو) جيڪڏهن توھان سج کي ڏسو ھا ته ھو جڏھن اڀري پيو ته ان جي اُس غار جي ساڄي پاسي کان لڙي وڃي پئي ۽ جڏھن سج لھي پيو ته (غار کي ڇڏي) کاٻي پاسي کان غروب ٿي وڃي پيو، ھو غار جي اندر ھڪ ڪشادي ميدان ۾ ستل ھئا. ھي اللھ تعالى جون نشانيون آھن (ھاڻي) جنھن کي به اللھ تعالى ھدايت نصيب ڪري اھوئي ھدايت وارو ٿيندو ۽ جنھن کي (پنھنجي حڪمت تحت) گمراهه ڪري ته اھڙي ماڻهوءَ کي ھدايت تي آڻڻ لاءِ تون به ڪو ھدايت ڏيڻ وارو نه لھي سگهندين.
— عبدالسلام ڀُٽووَتَحْسَبُهُمْ اَيْقَاظًا وَّهُمْ رُقُوْدٌ ڰ وَّنُقَلِّبُهُمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَذَاتَ الشِّمَالِ ڰ وَكَلْبُهُمْ بَاسِطٌ ذِرَاعَيْهِ بِالْوَصِيْدِ ۭ لَوِ اطَّلَعْتَ عَلَيْهِمْ لَوَلَّيْتَ مِنْهُمْ فِرَارًا وَّلَمُلِئْتَ مِنْهُمْ رُعْبًا 18
انهن کي ڏسي توھان اھو سمجهو ھا ته ھو جاڳن پيا، حالانڪ ھو گهري ننڊ ۾ ستل ھئا ۽ اسان کين ساڄي ۽ کاٻي طرف پاسا ورائيندا ھئاسون ۽ انهن جو ڪُتو غار جي مُنھن وٽ اڳيون ٽنگون ٽيڙي ويٺو ھو. جيڪڏھن توھان کين لِيو پائي ڏسو ھا ته (خوف وچان) فوراً پويان پير ڪري ڀڄو ھا . اهو منظر ڏسي توھان جي مٿان دهشت ڇانئجي وڃي ھا.
— عبدالسلام ڀُٽووَكَذٰلِكَ بَعَثْنٰهُمْ لِيَتَسَاۗءَلُوْا بَيْنَهُمْ ۭ قَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ كَمْ لَبِثْتُمْ ۭ قَالُوْا لَبِثْنَا يَوْمًا اَوْ بَعْضَ يَوْمٍ ۭ قَالُوْا رَبُّكُمْ اَعْلَمُ بِـمَا لَبِثْتُمْ ۭ فَابْعَثُوْٓا اَحَدَكُمْ بِوَرِقِكُمْ هٰذِهٖٓ اِلَى الْمَدِيْنَةِ فَلْيَنْظُرْ اَيُّهَآ اَزْكٰى طَعَامًا فَلْيَاْتِكُمْ بِرِزْقٍ مِّنْهُ وَلْيَتَلَطَّفْ وَلَا يُشْعِرَنَّ بِكُمْ اَحَدًا 19
اھڙيءَ طرح جڏھن اسان کين ننڊ مان جاڳايوسين ته جيئن ھو پاڻ ۾ ويھي ھڪ ٻئي کان پڇا ڪن. انهن مان ھڪڙي چيو ته توھان کي غار ۾ رهندي ڪيترو عرصو ٿيو آھي؟ جواب ۾ ٻين چيس ته ھڪ ڏينھن پورو يا کڻي ڏينھن جو ڪجهه حصو ــ پوءِ چيائون ته توھان جي پالڻھار کي ئي صحيح خبر آھي ته اسان ھن غار ۾ ڪيترو عرصو گذاريو آھي؟ ھاڻي پاڻ مان ڪنھن کي چانديءَ جو سڪو ڏئي شھر موڪليون ته جيئن ھو شھر وڃي ٿورو گهمي ڦري ڏسي ته سٺو کاڌو ڪٿي ملي ٿو پوءِ اتان کائڻ لاءِ ڪجهه وٺي اچي ۽ ماڻهن سان تمام ھوشياري سان ڳالھائي ته جيئن توھان جي حال جي ڪنھن کي خبر به نه پئجي سگهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّهُمْ اِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ يَرْجُمُوْكُمْ اَوْ يُعِيْدُوْكُمْ فِيْ مِلَّتِهِمْ وَلَنْ تُفْلِحُوْٓا اِذًا اَبَدًا 20
ڇوته جيڪڏھن انهن کي توھان جي باري ۾ خبر پئجي وئي ته ھو سڀني کي پٿرن سان ماري ڇڏيندا يا وري سڀني کي پنھنجي مشرڪانه دين ۾ داخل ٿيڻ تي زور ڀريندا. ان صورت ۾ ته توھان ڪڏھن به ڪامياب نه ٿي سگهندا.
— عبدالسلام ڀُٽو