014 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ اِلَيْكَ لِتُخْرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَي النُّوْرِ ڏ بِاِذْنِ رَبِّھِمْ اِلٰي صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ 1ۙ
الف ـــ لام ـــ را ھي ھڪ ڪتاب آھي جيڪو اسان تنھنجي مٿان نازل ڪيو آھي ته جيئن تون سڀني ماڻهن کي پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان انڌيرن مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻين، ان پالڻھار جي رستي ڏانھن جيڪو زبردست ۽ تعريف جي لائق آھي.
— عبدالسلام ڀُٽواللّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَافِي السَّمٰوٰتِ وَمَافِي الْاَرْضِ ۭ وَوَيْلٌ لِّلْكٰفِرِيْنَ مِنْ عَذَابٍ شَدِيْدِ 2ۙ
اهو اللھ تعالى ئي آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ جو مالڪ آھي ۽ (ان جو) انڪار ڪندڙن لاءِ بربادي ۽ سخت عذاب آھي.
— عبدالسلام ڀُٽوۨالَّذِيْنَ يَسْتَحِبُّوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا عَلَي الْاٰخِرَةِ وَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَ يَبْغُوْنَھَا عِوَجًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ فِيْ ضَلٰلٍۢ بَعِيْدٍ 3
ڪافر دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي حياتيءَ جي مقابلي ۾ وڌيڪ پسند ڪن ٿا، ماڻهن کي اللھ تعالى جي رستي کان روڪين ٿا ۽ ان رستي ۾ ٽيڙھ پيدا ڪرڻ به چاھين ٿا (حقيقت ۾) ھو وڏي گمراھيءَ ۾ پيل آھن.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَآ اَرْسَلْنَا مِنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهٖ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ ۭ فَيُضِلُّ اللّٰهُ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 4
۽ اسان سڀني رسولن کي سندن قومي ٻولي ۾ پيغام ڏنو آھي ته جيئن ھو ماڻهن کي چڱي طرح بيان ڪري ٻڌائين (وري به) اللھ تعالى جنھن کي چاھي گمراهه ڪري ٿو ۽ جنھن کي چاھي سڌو رستو عطا ڪري ٿو. ھو زبردست حڪمت وارو آھي.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَقَدْ اَرْسَلْنَا مُوْسٰى بِاٰيٰتِنَآاَنْ اَخْرِجْ قَوْمَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ وَذَكِّرْهُمْ ڏ بِاَيّٰىمِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 5
(اھڙيءَ طرح) اسان موسى ($) کي به نشانيون ڏئي موڪليوته پنھنجي قوم کي انڌيرن مان ڪڍي روشني ڏي وٺي اچ ۽ ان کي اللھ تعالى جي طرفان (گذريل قومن تي آيل) حالات بيان ڪري ٻڌاءِ. بيشڪ انهن (حالات) ۾ صبر ۽ شڪر ڪندڙ ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آھن.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ اَنْجٰىكُمْ مِّنْ اٰلِ فِرْعَوْنَ يَسُوْمُوْنَكُمْ سُوْۗءَ الْعَذَابِ وَيُذَبِّحُوْنَ اَبْنَاۗءَكُمْ وَيَسْتَحْيُوْنَ نِسَاۗءَكُمْ ۭ وَفِيْ ذٰلِكُمْ بَلَاۗءٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ عَظِيْمٌ 6ۧ
۽ جڏھن موسى ($) پنھنجي قوم کي چيو ته: اللھ تعالى جي ان نعمت کي ياد ڪريو جڏھن ھن توھان کي فرعون جي ماڻهن کان نجات ڏياري، جن توھان کي سخت عذاب ۾ جڪڙي ڇڏيو ھو ۽ توھان جي پٽن کي (نسل ختم ڪرڻ لاءِ) ذبح ڪندا ھئا، توھان جي نياڻين کي ڇڏي ڏيندا ھئا (ته جيئن اوھان جي طاقت ختم ڪئي وڃي) تاريخ جو اھو نقشو توھان جي لاءِ توھان جي پالڻھار جي طرف کان تمام وڏي آزمائش ھئي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذْ تَاَذَّنَ رَبُّكُمْ لَىِٕنْ شَكَرْتُمْ لَاَزِيْدَنَّكُمْ وَلَىِٕنْ كَفَرْتُمْ اِنَّ عَذَابِيْ لَشَدِيْدٌ 7
(اي بني اسرائيل! اھو وقت به ياد ڪريو) جڏھن اوھان جي پالڻھار پنھنجي نعمتن ڏيڻ جي طريقي جو اعلان ڪيو ھو ته جيڪڏھن توھان ڏنل نعمتن تي شڪر گذار ٿي رھندا ته مان (آئندهه ) توھان جي نعمتن کي اڃا به وڌائيندس پر جيڪڏھن ناشڪري ڪندا ته (پوءِ ٻڌي ڇڏيو ته) بيشڪ منھنجو عذاب به تمام سخت آھي.
— عبدالسلام ڀُٽووَقَالَ مُوْسٰٓى اِنْ تَكْفُرُوْٓا اَنْتُمْ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ لَغَنِيٌّ حَمِيْدٌ 8
۽ موسى ($ ) کين چيو ته جيڪڏھن توھان ۽ زمين ۾ سڀ رھندڙ ملي ڪري به اللھ تعالى جي ناشڪري ڪندا ته ( به اللھ تعالى کي ڪو نقصان نٿا پهچائي سگهو ڇاڪاڻ ته) بيشڪ اللھ تعالى سڀني کان بي پرواهه ۽ تعريف جي لائق آھي.
— عبدالسلام ڀُٽواَلَمْ يَاْتِكُمْ نَبَؤُا الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ قَوْمِ نُوْحٍ وَّعَادٍ وَّثَـمُوْدَ ټ وَالَّذِيْنَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ړ لَا يَعْلَمُهُمْ اِلَّا اللّٰهُ ۭ جَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ فَرَدُّوْٓا اَيْدِيَهُمْ فِيْٓ اَفْوَاهِهِمْ وَقَالُوْٓا اِنَّا كَفَرْنَا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ وَاِنَّا لَفِيْ شَكٍّ مِّـمَّا تَدْعُوْنَنَآ اِلَيْهِ مُرِيْبٍ 9
(اي مڪي وارو!) توھان وٽ انهن قومن جو خبرون نه پھتيون آھن ڇا؟ جيڪي توھان کان اڳ ٿي گذريون آھن، (مثلاً) نوح ($) جي قوم، عاد قوم، ثمود قوم ۽ انهن کان پوءِ جيڪي قومون گذريون آھن، جن کي اللھ تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير به نٿو ڄاڻي، انهن سڀني قومن وٽ سندن رسول سڳورا جڏھن واضح نشانيون کڻي آيا ته کين ڏندي آڱريون اچي ويون ۽ چيائون ته جنھن مقصد لاءِ اوھان کي موڪليو ويو آھي اسان ته ان کي مڃون ئي نٿا ۽ جنھن رستي ڏانھن اسان کي سڏيو ٿا ان ۾ اسان کي شڪ آھي ۽ اھو منجهائيندڙ رستو به آھي.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالَتْ رُسُلُهُمْ اَفِي اللّٰهِ شَكٌّ فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ يَدْعُوْكُمْ لِيَغْفِرَ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَيُؤَخِّرَكُمْ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ قَالُوْٓا اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۭ تُرِيْدُوْنَ اَنْ تَصُدُّوْنَا عَـمَّا كَانَ يَعْبُدُ اٰبَاۗؤُنَا فَاْتُوْنَا بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ 10
سندن رسول سڳورن چيو ته ڇا اللھ تعالى جي باري ۾ توھان کي ڪو شڪ آھي؟ جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آھي، ھو توھان کي (سڌي رستي ڏانهن) ان لاءِ ٿو سڏي ته جيئن توھان جي گناھن کي بخش ڪري ۽ توھان کي ھڪ مقرر وقت تائين مھلت ڏي. انهن چيو ته اوھان ته اسان وانگر انسان آھيو، توھان رڳو اسان کي پنھنجي ابن ڏاڏن جي معبودن جي عبادت ڪرڻ کان روڪيو ٿا، اسان وٽ ڪي چٽا معجزا کڻي اچو.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالَتْ لَهُمْ رُسُلُهُمْ اِنْ نَّحْنُ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ يَمُنُّ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖ ۭ وَمَا كَانَ لَنَآ اَنْ نَّاْتِيَكُمْ بِسُلْطٰنٍ اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ 11
سندن رسول سڳورن چيو ته (ٺيڪ آ) واقعي اسان توھان جھڙا انسان آھيون پر اللھ تعالى پنھنجي ٻانھن مان جنھن تي چاھي احسان ڪندو آھي، اسان ته اللھ تعالى جي حُڪم کان سواءِ توھان کي ڪوبه معجزو نٿا ڏيکاري سگهون. ايمان وارن کي ته صرف ان تي ئي ڀروسو ڪرڻو پوندو آھي.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَا لَنَآ اَلَّا نَتَوَكَّلَ عَلَي اللّٰهِ وَقَدْ هَدٰىنَا سُبُلَنَا ۭ وَلَنَصْبِرَنَّ عَلٰي مَآ اٰذَيْتُمُوْنَا ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُتَوَكِّلُوْنَ ۧ12
اسان اللھ تعالى تي ڇو نه ڀروسو ڪريون؟ جڏهن ته ھن اسان کي پنھنجي زندگيءَ جو صحيح رستو ڏيکاريو آھي. (بھرحال) توھان اسان کي جيڪا تڪليف پھچايو ٿا اسان ان تي ضرور صبر ڪنداسين (۽ اللھ تعالى تي ڀروسو ڪنداسين ڇاڪاڻ ته) ڀروسي رکڻ وارن کي ان تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي.
— عبدالسلام ڀُٽووَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِرُسُلِهِمْ لَنُخْرِجَنَّكُمْ مِّنْ اَرْضِنَآ اَوْ لَتَعُوْدُنَّ فِيْ مِلَّتِنَا ۭ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ رَبُّهُمْ لَنُهْلِكَنَّ الظّٰلِمِيْنَ ۙ13
(اھو ٻڌي) ڪافرن پنھنجي رسولن کي چيو ته اسان توھان کي هتان ملڪ نيڪالي ڏينداسين يا وري اوھان کي اسان جي مذھب ۾ اچڻو پوندو. ان تي سندن پالڻھار رسولن ڏانھن وحي ڪئي ته (فڪر نه ڪريو) اسان (انھن) ظالمن کي تباهه ڪري ڇڏينداسين.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَنُسْكِنَنَّكُمُ الْاَرْضَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَافَ مَقَامِيْ وَخَافَ وَعِيْدِ 14
انهن کان پوءِ توھان کي ئي ملڪ ۾ آباد ڪنداسين، اھو وعدو انهن سڀني جي لاءِ آھي جيڪو اسان جي سامھون پيش ٿيڻ جو خوف رکندو ۽ (اسان جي) عذاب جي وعدي کان ڊڄندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاسْتَفْتَحُوْا وَخَابَ كُلُّ جَبَّارٍ عَنِيْدٍ ۙ15
انهن پيغمبرن فتح گهري هئي (سو اسان کين فتح عطا ڪئي) ۽ ھڪ ھڪ سرڪش ۽ ضدي ماڻهو ناڪام ۽ نامراد ٿي ويو.
— عبدالسلام ڀُٽومِّنْ وَّرَاۗىِٕهٖ جَهَنَّمُ وَيُسْقٰى مِنْ مَّاۗءٍ صَدِيْدٍ ۙ16
ناڪام ٿيڻ کان پوءِ هاڻي (ان لاءِ) جھنم به آھي جتي کيس پُونءِ (يعني زخمن جي گند) وارو پاڻي پياريو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽويَّتَجَرَّعُهٗ وَلَا يَكَادُ يُسِيْغُهٗ وَيَاْتِيْهِ الْمَوْتُ مِنْ كُلِّ مَكَانٍ وَّمَا هُوَ بِمَيِّتٍ ۭ وَمِنْ وَّرَاۗىِٕهٖ عَذَابٌ غَلِيْظٌ 17
جنهن کي هو ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندو پر نڙيءَ کان آسانيءَ سان ھيٺ نه لاھي سگهندو، کيس ھر طرف موت نظر ايندو پر مرندو به نه. وري ٻيو سخت عذاب سندس پويان ھوندو.
— عبدالسلام ڀُٽومَثَلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ اَعْمَالُهُمْ كَرَمَادِ ۨاشْـتَدَّتْ بِهِ الرِّيْحُ فِيْ يَوْمٍ عَاصِفٍ ۭ لَا يَقْدِرُوْنَ مِـمَّا كَسَبُوْا عَلٰي شَيْءٍ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ 18
جن ماڻهن پنھنجي پالڻھار سان ڪفر ڪيو، انهن جي عملن جو مثال ان خاڪ وانگر آھي جنھن کي آنڌيءَ واري ڏينھن ھوا تيزيءَ سان اڏاري ڇڏيو. انهن جيڪو به عمل ڪيو آھي تن جو کين ڪوبه فائدو نه پھچندو، بيشڪ اِھا ھڪ وڏي گمراھي آھي.
— عبدالسلام ڀُٽواَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ ۭ اِنْ يَّشَاْ يُذْهِبْكُمْ وَيَاْتِ بِخَلْقٍ جَدِيْدٍ ۙ19
ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ اللھ تعالى آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آھي، جيڪڏھن ھو چاھي ته توھان کي ھٽائي توھان جي جاءِ تي ٻي مخلوق آڻي.
— عبدالسلام ڀُٽووَّمَا ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ بِعَزِيْزٍ 20
(ٻي مخلوق آڻڻ) ان لاءِ ڪو مشڪل ڪم نه آھي.
— عبدالسلام ڀُٽو