012 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 1ۣ
الف ـــ لام ـــ را ــ ھي آيتون واضح دليلن واري ڪتاب جون آھن.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 2
(اي مڪي جا رھڻ وارو!) بيشڪ اسان ھن ڪتاب کي عربي ٻولي ۾ قرآن جي صورت ۾ نازل ڪيو آھي ته جيئن توھان (ان کي آسانيءَ سان) سمجهي سگهو.
— عبدالسلام ڀُٽونَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ اَحْسَنَ الْقَصَصِ بِـمَآ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ ھٰذَا الْقُرْاٰنَ ڰ وَاِنْ كُنْتَ مِنْ قَبْلِهٖ لَمِنَ الْغٰفِلِيْنَ 3
(اي ﷴ ﷺ ھاڻي) اسان توکي وحي جي ذريعي ھن قرآن جي بھترين قصن مان (ھڪ قصو) بيان ڪري ٻڌايون ٿا، ان کان پھريائين توهان کي (ان قصي جي باري ۾) ڪابه شيءِ معلوم نه ھئي.
— عبدالسلام ڀُٽواِذْ قَالَ يُوْسُفُ لِاَبِيْهِ يٰٓاَبَتِ اِنِّىْ رَاَيْتُ اَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًا وَّالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ رَاَيْتُهُمْ لِيْ سٰجِدِيْنَ 4
(قصو ھيئن آھي ته) جڏھن يوسف پنھنجي پيءُ کي چيو ته “بابا سائين! مون (خواب ۾) ڏٺو آھي ته يارنھن ستارا، سج ۽ چنڊ مون کي سجدو ڪري رھيا آھن.”
— عبدالسلام ڀُٽوقَالَ يٰبُنَيَّ لَا تَقْصُصْ رُءْيَاكَ عَلٰٓي اِخْوَتِكَ فَيَكِيْدُوْا لَكَ كَيْدًا ۭ اِنَّ الشَّيْطٰنَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوٌّ مُّبِيْنٌ 5
(پيءُ) چيو ته: “منھنجا پٽڙا! اھو خواب تون پنھنجي ڀائرن کي نه ٻڌائجانءِ نه ته ھو تنھنجي خلاف سازش ڪندا (ڇوته) شيطان انسان جو پڌرو دشمن آھي. ”
— عبدالسلام ڀُٽووَكَذٰلِكَ يَجْتَبِيْكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِنْ تَاْوِيْلِ الْاَحَادِيْثِ وَيُـــتِمُّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَعَلٰٓي اٰلِ يَعْقُوْبَ كَـمَآ اَتَمَّــهَا عَلٰٓي اَبَوَيْكَ مِنْ قَبْلُ اِبْرٰهِيْمَ وَاِسْـحٰقَ ۭ اِنَّ رَبَّكَ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 6ۧ
(۽ مون کي لڳي ٿو ته) تنھنجو پالڻھار توکي (ڪنھن خاص مقصد لاءِ) چونڊيندو، توکي ڳالھين جي اصل حقيقت تائين پھچڻ جي صلاحيت عطا ڪندو، توتي ۽ يعقوب ($) جي اولاد تي پنھنجي نعمت پوري ڪندو، جيئن ھُن اڳ ۾ تنھنجي ابي ڏاڏي ابراھيم ۽ اسحاق (ؐ) تي مڪمل ڪئي ھئي. بيشڪ تنھنجو پالڻھار وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آھي.
— عبدالسلام ڀُٽولَقَدْ كَانَ فِيْ يُوْسُفَ وَاِخْوَتِهٖٓ اٰيٰتٌ لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 7
بيشڪ يوسف ۽ ڀائرن جي واقعي ۾ سوال پڇڻ وارن لاءِ وڏيون نشانيون آھن.
— عبدالسلام ڀُٽواِذْ قَالُوْا لَيُوْسُفُ وَاَخُوْهُ اَحَبُّ اِلٰٓي اَبِيْنَا مِنَّا وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ ۭ اِنَّ اَبَانَا لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنِ ښ 8
ھڪ ڏينھن ڀائرن پاڻ ۾ صلاح ڪندي چيو ته: يوسف ۽ سندس ڀاءُ (بن يامين) کي اسان جو پيءُ پاڻ کان وڌيڪ ڀانئين ٿو، حالانڪ اسان ھڪ مضبوط ٽولو آھيون، (جيڪو والد صاحب جي هر وقت خدمت ۾ مصروف هوندو آهي) . بيشڪ اسان جو پيءُ ظاھر ظھور وڏي غلطي تي آھي.
— عبدالسلام ڀُٽوۨاقْــتُلُوْا يُوْسُفَ اَوِ اطْرَحُوْهُ اَرْضًا يَّخْلُ لَكُمْ وَجْهُ اَبِيْكُمْ وَتَكُوْنُوْا مِنْۢ بَعْدِهٖ قَوْمًا صٰلِحِيْنَ 9
(ان جو حل ھي آھي ته) يوسف کي ئي قتل ڪري ڇڏيو يا کيس ڪٿي وڃي اڇلائي اچو ته جيئن توھان جي ابي جي توجھه توھان ڏي ئي رھي، ان کي رستي تان ھٽائڻ کان پوءِ ئي توھان جي حالت بهتر ٿي ويندي.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ لَا تَـقْتُلُوْا يُوْسُفَ وَاَلْقُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ السَّـيَّارَةِ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِيْنَ 10
صلاح ڏيندڙن مان ھڪ چيو ته جيڪڏھن توھان کي (يوسف مان) جان ئي ڇڏائڻي آھي ته پوءِ کيس قتل نه ڪريو، بلڪ ان کي کوهه ۾ اڇلائي اچو ته جيئن ڪو اچڻ وارو قافلو ان کي ڪڍي کڻي وڃيس.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالُوْا يٰٓاَبَانَا مَالَكَ لَا تَاْمَنَّا عَلٰي يُوْسُفَ وَاِنَّا لَهٗ لَنٰصِحُوْنَ 11
(صلاح ڪرڻ کان پوءِ سڀ گڏجي پيءُ وٽ آيا ۽) چيائون ته: بابا سائين! توھان يوسف جي باري ۾ اسان تي ڇو ڀروسو نٿا ڪريو؟ اسان ته ان جا خيرخواهه آھيون.
— عبدالسلام ڀُٽواَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًا يَّرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 12
سڀاڻي کيس موڪل ڏجو ته اسان سان گڏ ھلي کائي ۽ کيڏي. بيشڪ اسان سندس حفاظت لاءِ ڪافي آھيون.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالَ اِنِّىْ لَيَحْزُنُنِيْٓ اَنْ تَذْهَبُوْا بِهٖ وَاَخَافُ اَنْ يَّاْكُلَهُ الذِّئْبُ وَاَنْتُمْ عَنْهُ غٰفِلُوْنَ 13
(پيءُ) چيو ته يوسف جو مون کان پري رھڻ منھنجي لاءِ ڏکيو آھي ۽ مان ڊڄان ٿو ته متان (راند ڪندي) توھان غفلت جو مظاھرو ڪريو ۽ کيس بگهڙ اچي کائي وڃي.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالُوْا لَىِٕنْ اَكَلَهُ الذِّئْبُ وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ اِنَّآ اِذًا لَّخٰسِرُوْنَ 14
انهن چيو ته: (بابا سائين!) اسان جي ھيترن طاقتور ماڻهن ھوندي به جيڪڏھن کيس بگهڙ کائي وڃي ته پوءِ اسان واقعي نڪما ئي رھياسين.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَمَّا ذَهَبُوْا بِهٖ وَاَجْمَعُوْٓا اَنْ يَّجْعَلُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ ۚ وَاَوْحَيْنَآ اِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُمْ بِاَمْرِهِمْ ھٰذَا وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 15
(اجازت ملڻ کان) پوءِ جڏھن ھو کيس وٺي ويا ته سڀني گڏجي فيصلو ڪيو ته کيس کوهه ۾ اڇلايون (پوءِ بي ديدا ٿي هنن کيس واقعي اڇلائي ڇڏيو) پر اسان يوسف کي وحي ڪئي ته (پرواهه نه ڪر) ھڪ وقت ايندو جو تون انهن سڀني کي ان واقعي جو تفصيل ٻڌائيندين، (ھن وقت) ھو پنھنجي ڪيل ڪم جي نتيجي کان بي خبر آھن.
— عبدالسلام ڀُٽووَجَاۗءُوْٓا اَبَاهُمْ عِشَاۗءً يَّبْكُوْنَ ۭ16
پوءِ رات جو پنھنجي پيءُ وٽ روئيندا پٽيندا آيا.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالُوْا يٰٓاَبَانَآ اِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوْسُفَ عِنْدَ مَتَاعِنَا فَاَكَلَهُ الذِّئْبُ ۚ وَمَآ اَنْتَ بِـمُؤْمِنٍ لَّنَا وَلَوْ كُنَّا صٰدِقِيْنَ 17
چيائون ته: بابا سائين! اسان گوءِ جي مقابلي ۾ لڳا پيا ھئاسين، يوسف کي پنھنجي سامان وٽ بيھاريو هو ته کيس بگهڙ کائي ويو، لڳي ٿو ته تون سچ ٻڌائڻ جي صورت ۾ به اسان تي يقين نه ڪندين.
— عبدالسلام ڀُٽووَجَاۗءُوْ عَلٰي قَمِيْصِهٖ بِدَمٍ كَذِبٍ ۭ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ اَنْفُسُكُمْ اَمْرًا ۭ فَصَبْرٌ جَمِيْلٌ ۭ وَاللّٰهُ الْمُسْتَعَانُ عَلٰي مَا تَصِفُوْنَ 18
(ان ڳالھ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ) ھنن يوسف جي نقلي رت لڳل قميص اچي پيش ڪئي (يعقوب $ قميص ڏسي) چيو ته: (ايئن نه آھي) بلڪ توھان کي پنھنجي نفس (ڪوڙي) ڳالھ ٺاھڻ آسان بنايو آھي. (بس!) منھنجي لاءِ صبر ڪرڻ ئي بھتر آھي، توھان جيڪو ڪجهه بيان ڪريو ٿا مان ان تي اللھ تعالى کان ئي مدد گهران ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽووَجَاۗءَتْ سَيَّارَةٌ فَاَرْسَلُوْا وَارِدَهُمْ فَاَدْلٰى دَلْوَهٗ ۭ قَالَ يٰبُشْرٰي ھٰذَا غُلٰمٌ ۭ وَاَسَرُّوْهُ بِضَاعَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِـمَا يَعْمَلُوْنَ 19
(پوءِ) ھڪ قافلو آيو جنھن پنھنجي ماڻهوءَ کي پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهه تي موڪليو، ان جڏھن پنھنجو ڏول (يا بالٽي) کوهه ۾ وڌي ته (کيس ڇوڪرو نظر آيو ۽) چيائين واهه ــ واهه ھتي ته ھڪ ڇوڪرو آھي. قافلي وارن (ان کي ڪڍي) وڪڻڻ جو مال سمجهي کيس لڪائي ڇڏيو. بيشڪ اللھ تعالى ھر شيءِ کان خوب واقف آھي.
— عبدالسلام ڀُٽووَشَرَوْهُ بِثَمَنٍۢ بَخْسٍ دَرَاهِمَ مَعْدُوْدَةٍ ۚ وَكَانُوْا فِيْهِ مِنَ الزَّاهِدِيْنَ ۧ20
قافلي وارن کيس (مصر وڃي) تمام گهٽ قيمت تي چند درھمن (يعني روپين) ۾ وڪڻي ڇڏيو (ڇو ته) کين ھن ٻار جي قدر ۽ قيمت جي خبر ئي نه ھئي.
— عبدالسلام ڀُٽو