113 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 5 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
113:1
قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ الْفَلَقِ 1ۙ
(اي نبيﷺ!) چؤ ته مان صبح جي پالڻھار جي پناهه گهران ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽو
113:2
مِنْ شَرِّ مَا خَلَقَ 2ۙ
هر ان شيءِ جي برائي کان جيڪا هُن (ڪائنات ۾) پيدا ڪئي آهي.
— عبدالسلام ڀُٽو
113:3
وَمِنْ شَرِّ غَاسِقٍ اِذَا وَقَبَ 3ۙ
۽ رات جي اونداهيءَ (۾ ٿيندڙ براين) کان جڏهن اُها چڱي ريت ڇانئجي وڃي ٿي.
— عبدالسلام ڀُٽو
113:4
وَمِنْ شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِي الْعُقَدِ 4ۙ
۽ ڳنڍين تي دم ڪندڙ عورتن (۽ مردن) جي برائي کان.
— عبدالسلام ڀُٽو
113:5
وَمِنْ شَرِّ حَاسِدٍ اِذَا حَسَدَ 5ۧ
۽ ساڙ سڙي جي برائي کان جڏهن هو ساڙ ڪري.
— عبدالسلام ڀُٽو