111 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 5 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
تَبَّتْ يَدَآ اَبِيْ لَهَبٍ وَّتَبَّ 1ۭ
(اسلام دشمني ۾ حد کان لنگهڻ ڪري هيءَڳالهه پڌري پَٽ آهي ته) ابولھب جا ٻئي هٿ ڀڳا (ئي ڀڳا) ۽ هو پاڻ به برباد ٿي ويو. (بدر جي جنگ کان پوءِ هو خود ذلت جو موت مري ويو ۽ مڪي جي فتح وقت سندس ٻئي پٽ مسلمان ٿيا) .
— عبدالسلام ڀُٽومَآ اَغْنٰى عَنْهُ مَالُهٗ وَمَا كَسَبَ 2ۭ
هن جيڪو به مال ڪمايو هو سو کيس (اسلام جي راهه روڪڻ ۾) بلڪل ڪم نه آيو.
— عبدالسلام ڀُٽوسَيَصْلٰى نَارًا ذَاتَ لَهَبٍ ښ 3
عنقريب هو باهه جي ڀَـڀَـڙَ ۾ داخل ٿيندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّامْرَاَتُهٗ ۭ حَمَّالَةَ الْحَطَبِ 4ۚ
۽ سندس زال به (باهه ۾ داخل ٿيندي) جيڪا چُوچِڙي ڏيندڙآهي.
— عبدالسلام ڀُٽوفِيْ جِيْدِهَا حَبْلٌ مِّنْ مَّسَدٍ 5ۧ
سندس ڳچيءَ ۾ (سونن زيورن جي بجاءِ) مُڃ (يا کاٻر) جي رسي وڌل هوندس.
— عبدالسلام ڀُٽو