110 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 3 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
110:1
اِذَا جَاۗءَ نَصْرُ اللّٰهِ وَالْفَتْحُ 1ۙ
(اي نبيﷺ!) جڏهن الله تعالى جي طرفان مدد ۽ فتح نصيب ٿئي.
— عبدالسلام ڀُٽو
110:2
وَرَاَيْتَ النَّاسَ يَدْخُلُوْنَ فِيْ دِيْنِ اللّٰهِ اَفْوَاجًا 2ۙ
ته تون اُن وقت ڏسندين ته ماڻهن جا ڪَٽڪن جا ڪٽڪ الله تعالى جي دين ۾ داخل ٿي رهيا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽو
110:3
فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ وَاسْتَغْفِرْهُ ڼ اِنَّهٗ كَانَ تَوَّابًا 3ۧ
پوءِ تون (ان خوشيءَ جي موقعي تي) پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ پاڪائي بيان ڪر ۽ ان کان بخشش جي دعا گهر. بيشڪ هُو وڏو توبه قبول ڪرڻ وارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽو