011 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 123 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اُحْكِمَتْ اٰيٰتُهٗ ثُـمَّ فُصِّلَتْ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ خَبِيْرٍ 1ۙ
الف ـــ لام ـــ را، هي اهڙو ڪتاب آهي جنھن جون آيتون بلڪل چٽيون آهن ۽ وڏي حڪمت واري ۽ هر شيءِ جي خبر رکندڙ جي طرفان وڏي تفصيل سان بيان ڪيون ويون آهن.
— عبدالسلام ڀُٽواَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ اِنَّنِيْ لَكُمْ مِّنْهُ نَذِيْرٌ وَّبَشِيْرٌ 2ۙ
(هن ڪتاب ۾ چيو ويو آهي ته) توهان سڀ الله تعالى کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي به بندگي نه ڪريو. بيشڪ مان ان جي طرفان توهان ڏي عذاب کان ڊيڄاريندڙ ۽ جنت جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو ويو آهيان.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنِ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْ ثُـمَّ تُوْبُوْٓا اِلَيْهِ يُمَتِّعْكُمْ مَّتَاعًا حَسَنًا اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى وَّيُؤْتِ كُلَّ ذِيْ فَضْلٍ فَضْلَهٗ ۭ وَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنِّىْٓ اَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ كَبِيْرٍ 3
(۽ اهو به ٻڌائڻ لاءِ آيو آهيان ته) توهان پنھنجي پالڻھار کان گناهن جي بخشش گهرو ۽ ان ڏي موٽو (۽ گناهن کان توبہ ڪريو) ته جيئن ھو توهان کي مقرر مدت تائين خوشحالي عطا فرمائي ۽ هر ڀلائي ڪندڙ کي سندس ڀلائي جو اجر عطا ڪري ۽ جيڪڏهن توهان منھن موڙيندا ته مان توهان تي وڏي ڏينھن (يعني قيامت) جي اچڻ کان ڊڄان ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽواِلَى اللّٰهِ مَرْجِعُكُمْ ۚ وَھُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 4
توهان سڀني کي الله تعالى جي طرف موٽي هلڻو آهي ۽ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواَلَآ اِنَّھُمْ يَثْنُوْنَ صُدُوْرَھُمْ لِيَسْتَخْفُوْا مِنْهُ ۭ اَلَا حِيْنَ يَسْتَغْشُوْنَ ثِيَابَھُمْ ۙ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّوْنَ وَمَا يُعْلِنُوْنَ ۚ اِنَّهٗ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 5
ڏسو ته سهي هي ماڻهو (نبي سڳوري جي سامھون اچڻ کان بچڻ لاءِ) پنھنجا سينا ڦيرين ٿا ته جيئن هو لڪي وڃن. خبردار! وري هو پاڻ کي ڪپڙن سان به لڪائين ٿا (ته جيئن سڃاڻپ ۾ نه اچن) الله تعالى ته هر ان حالت کي ڄاڻي ٿو، جيڪا هو لڪائين ٿا يا ظاهر ڪن ٿا. بيشڪ هو ته سينن ۾ لڪيل رازن به کي خوب ڄاڻي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَا مِنْ دَاۗبَّةٍ فِي الْاَرْضِ اِلَّا عَلَي اللّٰهِ رِزْقُهَا وَيَعْلَمُ مُسْتَــقَرَّهَا وَمُسْـتَوْدَعَهَا ۭ كُلٌّ فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ 6
زمين ۾ اهڙو ڪوبه ساهوارو نه آهي جنھن جو رزق الله تعالى جي ذمي نه هجي. ھو ته ان ساهه واري جي ھميشه رھڻ واري ۽ عارضي جڳھه کي به خوب ڄاڻي ٿو. (بھرحال) ھر شيءِ واضح دفتر ۾ لکيل آھي.
— عبدالسلام ڀُٽووَهُوَ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِتَّةِ اَيَّامٍ وَّكَانَ عَرْشُهٗ عَلَي الْمَاۗءِ لِيَبْلُوَكُمْ اَيُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا ۭ وَلَىِٕنْ قُلْتَ اِنَّكُمْ مَّبْعُوْثُوْنَ مِنْۢ بَعْدِ الْمَوْتِ لَيَقُوْلَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِحْــرٌ مُّبِيْنٌ 7
اهو (اللھ تعالى) ئي آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ پيدا ڪيو، جڏھن ته (ان کان اڳ) سندس حڪمراني صرف پاڻي تي ھئي (توھان کي پيدا ڪرڻ جو مقصد ھي آھي) ته جيئن توھان کي آزمائي ته توھان مان ڪير نيڪ عمل ڪري ٿو؟ (اي نبيﷺ!) جيڪڏھن تون کين چوندين ته توھان سڀ موت کان پوءِ ٻيھر جيئرا ڪيا ويندا ته ھو ضرور چوندا ته ھي پڌرو جادو آھي.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَىِٕنْ اَخَّرْنَا عَنْهُمُ الْعَذَابَ اِلٰٓى اُمَّةٍ مَّعْدُوْدَةٍ لَّيَقُوْلُنَّ مَا يَحْبِسُهٗ ۭ اَلَا يَوْمَ يَاْتِيْهِمْ لَيْسَ مَصْرُوْفًا عَنْهُمْ وَحَاقَ بِهِمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 8ۧ
اسان جيڪڏھن ڪجهه وقت لاءِ مٿن ايندڙ عذاب ٽارينداسين ته ھو ضرور چوندا ته ھن (عذاب) کي ڪھڙي شيءِ روڪيو آھي؟ خبردار! جڏھن مٿن عذاب ايندو ۽ هو ڪنھن جي ٽارڻ سان نه ٽرندو ته اھا شيءِ مٿن اچي ڪڙڪندي، جنھن تي ھو ٽوڪون ڪري رھيا آھن.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَىِٕنْ اَذَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنَّا رَحْـمَةً ثُـمَّ نَزَعْنٰهَا مِنْهُ ۚ اِنَّهٗ لَيَـــُٔــوْسٌ كَفُوْرٌ 9
۽ جيڪڏھن اسان انسان کي پنھنجي رحمت جو مزو چکائڻ کان پوءِ اھا ان کان (ڪنھن حڪمت تحت) کسي وٺون ٿا ته ھو مايوس ٿي ناشڪرو ٿي ويندو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَىِٕنْ اَذَقْنٰهُ نَعْمَاۗءَ بَعْدَ ضَرَّاۗءَ مَسَّتْهُ لَيَقُوْلَنَّ ذَهَبَ السَّـيِّاٰتُ عَنِّيْ ۭ اِنَّهٗ لَفَرِحٌ فَخُــوْرٌ 10
۽ (وري) جڏھن کيس تڪليف جو ذائقو چکائڻ کان پوءِ اسان کيس نعمتن جو مزو وٺرائيندا آھيون ته چوندو آھي ته منھنجي مٿان ته (ھميشه لاءِ) نحوست ختم ٿي وئي آهي، پوءِ ھو فخر ڪرڻ ۽ پاڻ پڏائڻ لڳندو آھي.
— عبدالسلام ڀُٽواِلَّا الَّذِيْنَ صَبَرُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 11
پر جيڪي ماڻهو صبر ۽ نيڪ عمل ڪندا آھن، سي اھڙي سوچ کان بچيل آھن. اھڙن ماڻهن لاءِ ئي بخشش ۽ وڏو اجر آھي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَعَلَّكَ تَارِكٌۢ بَعْضَ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ وَضَاۗىِٕقٌۢ بِهٖ صَدْرُكَ اَنْ يَّقُوْلُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ كَنْزٌ اَوْ جَاۗءَ مَعَهٗ مَلَكٌ ۭ اِنَّـمَآ اَنْتَ نَذِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ وَّكِيْلٌ ۭ12
(اي نبيﷺ!) جيڪا توڏي وحي ڪئي وڃي ٿي، اها هوبهو بيان ڪندا رهو ۽ انهن ماڻهن جي اِن چوڻ تي ته “ھن شخص جي مٿان خزانو ڇو نه لاٿو ويو يا ھن سان گڏ فرشتو ڇو نه آيو؟” تون (ڪڏھن به) دل ننڍي نه ڪجانءِ. (حقيقت ھي آھي ته) تون صرف انهن کي (جھنم کان) ڊيڄاريندڙ آھين (باقي) سڀ معاملا اللھ تعالى جي ھٿ ۾ آھن.
— عبدالسلام ڀُٽواَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۭ قُلْ فَاْتُوْا بِعَشْرِ سُوَرٍ مِّثْلِهٖ مُفْتَرَيٰتٍ وَّادْعُوْا مَنِ اسْتَطَعْتُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 13
يا ھو چون ٿا ته هي (قرآن) هن پاڻ گهڙيو آھي. (جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته) پوءِ کين چيلنج ڏي ته توھان ڏھ سورتون ان جھڙيون ٺاھي ڏيکاريو ۽ ان ڪوشش ۾ اللھ تعالى کان سواءِ جنھن کي سڏي سگهو ٿا کين سڏيو. جيڪڏھن توھان واقعي سچا آھيو ته (سڀ ملي ڪري به) اھو ڪم ڪري ڏيکاريو.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاِنْ لَّمْ يَسْتَجِيْبُوْا لَكُمْ فَاعْلَمُوْٓا اَنَّـمَآ اُنْزِلَ بِعِلْمِ اللّٰهِ وَاَنْ لَّآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۚ فَهَلْ اَنْتُمْ مُّسْلِمُوْنَ 14
پوءِ جيڪڏھن (اھي شريڪ) توھان کي ڪوبه جواب نه ڏين ته توھان سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ ھي قرآن اللھ تعالى جي علم سان نازل ڪيو ويو آھي. ان کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق آهي ئي ڪونه. پوءِ ڇا توھان مسلمان ٿيڻ لاءِ تيار آھيو؟
— عبدالسلام ڀُٽومَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا وَزِيْنَتَهَا نُوَفِّ اِلَيْهِمْ اَعْـمَالَهُمْ فِيْهَا وَهُمْ فِيْهَا لَا يُبْخَسُوْنَ 15
(اھو ٻڌي ڇڏيو ته) جيڪي ماڻهو دنيا جي زندگي ۽ ان جي خوشحالي چاھيندا آھن، اھڙن چاھيندڙن جي عملن جو بدلو اسان کين ھن دنيا ۾ ئي ڏئي ڇڏيندا آھيون ۽ ان ۾ ذرو به گهٽتائي نه ڪئي ويندي آھي.
— عبدالسلام ڀُٽواُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَيْسَ لَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ اِلَّا النَّارُ ڮ وَحَبِطَ مَا صَنَعُوْا فِيْهَا وَبٰطِلٌ مَّا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 16
اھڙن ماڻهن جي لاءِ آخرت ۾ باهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ھوندو ۽ ھن دنيا ۾ انهن جيڪو ڪمايو ۽ عمل ڪيو، سو سڀ بيڪار ٿي ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽواَفَـمَنْ كَانَ عَلٰي بَيِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّهٖ وَيَتْلُوْهُ شَاهِدٌ مِّنْهُ وَمِنْ قَبْلِهٖ كِتٰبُ مُوْسٰٓى اِمَامًا وَّرَحْـمَةً ۭ اُولٰۗىِٕكَ يُؤْمِنُوْنَ بِهٖ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِهٖ مِنَ الْاَحْزَابِ فَالنَّارُ مَوْعِدُهٗ ۚ فَلَا تَكُ فِيْ مِرْيَةٍ مِّنْهُ ۤ اِنَّهُ الْـحَقُّ مِنْ رَّبِّكَ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُوْنَ 17
ڇا جيڪو ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي طرفان (فطري طور) واضح دليل تي قائم ھجي ۽ وري اُن (پالڻھار) جي طرفان ان وٽ (تائيد ۾) ھڪ شاھد (يعني قرآن) به موجود ھجي ۽ اُن قرآن کان پھريائين موسى ($) جو ڪتاب (تورات) به رھنمائي ۽ رحمت طور وٽس موجود ھجي (پوءِ ته انڪار ڪرڻ ناممڪن ٿي وڃي ٿو) تنھن ڪري اھڙا ماڻهو ان قرآن تي ضرور ايمان آڻين ٿا ۽ جيڪي به گروهه ان قرآن جو انڪار ڪن ٿا ته دوزخ ئي انهن سان ڪيل وعدي جي جڳھ آھي، سو توھان کي ھن قرآن جي باري ۾ ڪوبه شڪ نه ٿيڻ کپي. اھوئي اوھان جي پالڻھار جي طرفان برحق آھي. پر گهڻا ماڻهو مڃين ئي نٿا.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰي عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ يُعْرَضُوْنَ عَلٰي رَبِّهِمْ وَيَقُوْلُ الْاَشْهَادُ هٰٓؤُلَاۗءِ الَّذِيْنَ كَذَبُوْا عَلٰي رَبِّهِمْ ۚ اَلَا لَعْنَةُ اللّٰهِ عَلَي الظّٰلِمِيْنَ ۙ18
(توھان پاڻ ئي ڏسي وٺو ته) ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو جيڪو اللھ تعالى تي ڪوڙ ھڻي، اھڙا ماڻهو (جڏھن) پنھنجي پالڻھار جي سامھون پيش ڪيا ويندا ته گواھي ڏيندڙ شاھدي ڏيندا ته ھي اُھي ماڻهو آھن جن پنھنجي پالڻھار تي ڪوڙ ھنيو ھو، (پوءِ) اھڙن ظالمن تي اللھ تعالى جي لعنت هوندي.
— عبدالسلام ڀُٽوالَّذِيْنَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَيَبْغُوْنَهَا عِوَجًا ۭ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 19
جيڪي ٻين ماڻهن کي اللھ تعالى جي رستي کان روڪين ٿا ۽ ان راهه ۾ ڏنگائي پيدا ڪرڻ گهرن ٿا سي سڀ آخرت جو انڪار ڪندڙ آھن.
— عبدالسلام ڀُٽواُولٰۗىِٕكَ لَمْ يَكُوْنُوْا مُعْجِزِيْنَ فِي الْاَرْضِ وَمَا كَانَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ مِنْ اَوْلِيَاۗءَ ۘ يُضٰعَفُ لَهُمُ الْعَذَابُ ۭ مَا كَانُوْا يَسْتَطِيْعُوْنَ السَّمْعَ وَمَا كَانُوْا يُبْصِرُوْنَ 20
ھو زمين ۾ (اللھ تعالى کي) بي وس ڪرڻ وارا نه ھئا ۽ نه ئي انهن جو اللھ تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو مددگار ھو. سو کين ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو ڇاڪاڻ جو ھو (حق ڳالهه کي) نه غور سان ٻڌندا ھئا ۽ نه ئي ان کي اکيون پٽي ڏسندا ھئا.
— عبدالسلام ڀُٽو