106 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 4 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
106:1
لِاِيْلٰفِ قُرَيْشٍ 1ۙ
قريشن کي هيرائڻ خاطر.
— عبدالسلام ڀُٽو
106:2
اٖلٰفِهِمْ رِحْلَةَ الشِّتَاۗءِ وَالصَّيْفِ 2ۚ
سردي ۽ گرمي جي (بي خطر) سفر جي ڪري هو (صفا) هِري مِري ويا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽو
106:3
فَلْيَعْبُدُوْا رَبَّ هٰذَا الْبَيْتِ 3ۙ
تنهنڪري کين گهرجي ته هو هن گهر (يعني ڪعبة الله) جي پالڻھار جي عبادت ڪن.
— عبدالسلام ڀُٽو
106:4
الَّذِيْٓ اَطْعَمَهُمْ مِّنْ جُوْعٍ ڏ وَّاٰمَنَهُمْ مِّنْ خَوْفٍ 4ۧ
جنھن کين بک ۾ کاڌو کارايو ۽ خوف مان (ڪڍي) امن (وارو ماحول) ڏنو.
— عبدالسلام ڀُٽو