105 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 5 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
105:1
اَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِاَصْحٰبِ الْفِيْلِ 1ۭ
ڇا توهان نه ڏٺو ته توهان جي پالڻھار هاٿين وارن سان ڇا ڪيو؟
— عبدالسلام ڀُٽو
105:2
اَلَمْ يَجْعَلْ كَيْدَهُمْ فِيْ تَضْلِيْلٍ 2ۙ
ڇا انهن جي سازشن کي ناڪام نه ڪري ڇڏيو؟
— عبدالسلام ڀُٽو
105:3
وَّاَرْسَلَ عَلَيْهِمْ طَيْرًا اَبَابِيْلَ 3ۙ
۽ انهن جي مٿان ولرن جا ولر پکي موڪليا.
— عبدالسلام ڀُٽو
105:4
تَرْمِيْهِمْ بِحِـجَارَةٍ مِّنْ سِجِّيْلٍ ۽ 4
جيڪي انهن کي پڪل سروٽن (يعني بُهڻ) جون (ننڍڙيون) پٿريون هڻن پيا.
— عبدالسلام ڀُٽو
105:5
فَجَــعَلَهُمْ كَعَصْفٍ مَّاْكُوْلٍ 5ۧ
پوءِ (الله تعالى) انهن سڀني کي جانورن جي کاڌل گاهه وانگر ڪري ڇڏيو.
— عبدالسلام ڀُٽو