102 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
اَلْهٰىكُمُ التَّكَاثُرُ 1ۙ
توهان کي (دنيا جي) گهڻي جي ڪڍ لڳڻ (آخرت کان) غافل ڪري ڇڏيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوحَتّٰى زُرْتُمُ الْمَقَابِرَ 2ۭ
ايستائين جو توهان قبرن تائين وڃي پھتا.
— عبدالسلام ڀُٽوكَلَّا سَوْفَ تَعْلَمُوْنَ 3ۙ
هرگز نه! عنقريب توهان کي (حقيقت جي) خبر پئجي ويندي.
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ كَلَّا سَوْفَ تَعْلَمُوْنَ 4ۭ
پوءِ (وري ٻڌايان ٿو ته) ايئن هرگز ناهي. عنقريب توهان کي (حقيقت جي) خبر پئجي ويندي.
— عبدالسلام ڀُٽوكَلَّا لَوْ تَعْلَمُوْنَ عِلْمَ الْيَقِيْنِ 5ۭ
خبردار! جيڪڏهن توهان يقين سان ڄاڻو ها (ته هرگز ان کان غافل نه ٿيو ها)
— عبدالسلام ڀُٽولَتَرَوُنَّ الْجَــحِيْمَ 6ۙ
(هاڻي) توهان ضرور بضرور جھنم کي ڏسندا.
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ لَتَرَوُنَّهَا عَيْنَ الْيَقِيْنِ 7ۙ
پوءِ (وري ٻڌايان ٿو ته) توهان اُن کي يقين جي اک سان ضرور ڏسندا.
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ لَتُسْـَٔــلُنَّ يَوْمَىِٕذٍ عَنِ النَّعِيْمِ 8ۧ
پوءِ ان ڏينھن توهان کان نعمتن جو ضرور پڇاڻو ٿيندو.
— عبدالسلام ڀُٽو