100 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
وَالْعٰدِيٰتِ ضَبْحًا 1ۙ
قسم آهي گهوڙن جو جيڪي وڏا ساهه کڻي ڊوڙندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوفَالْمُوْرِيٰتِ قَدْحًا 2ۙ
۽ (پٿريلي زمين تي) ٽَپَ ٽَپَ سان چڻنگون ڪڍندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوفَالْمُغِيْرٰتِ صُبْحًا 3ۙ
صبح جي وقت حملو ڪندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاَثَرْنَ بِهٖ نَقْعًا 4ۙ
(تيز هلڻ دوران) مٽي اڏاريندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوفَوَسَطْنَ بِهٖ جَمْعًا 5ۙ
۽ اهڙي حالت ۾ (دشمن جي وچ ۾) ڪاهي پوندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ الْاِنْسَانَ لِرَبِّهٖ لَكَنُوْدٌ 6ۚ
بيشڪ انسان پنھنجي پالڻھار جو وڏو ناشڪرو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِنَّهٗ عَلٰي ذٰلِكَ لَشَهِيْدٌ 7ۚ
بيشڪ هو (پنھنجي اِن ناشڪريءَ جو) خود گواهه به آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِنَّهٗ لِحُبِّ الْخَيْرِ لَشَدِيْدٌ 8ۭ
بيشڪ هو مال جي محبت ۾ انڌو ٿي ويندو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواَفَلَا يَعْلَمُ اِذَا بُعْثِرَ مَا فِي الْقُبُوْرِ 9ۙ
ڇا اُن کي معلوم ناهي ته جيڪي قبرن ۾ (دفن ٿيل) آهن، تن سڀني کي ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريو ويندو؟
— عبدالسلام ڀُٽووَحُصِّلَ مَا فِي الصُّدُوْرِ ۙ10
۽ (انهن جي) سينن جي رازن کي ظاهر ڪيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ رَبَّهُمْ بِهِمْ يَوْمَىِٕذٍ لَّخَبِيْرٌ ۧ11
بيشڪ سندن پالڻھار ان ڏينھن انهن جي حال کان چڱي ريت باخبر هوندو.
— عبدالسلام ڀُٽو