001 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 7 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 2ۙ
سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن، (جيڪو) سمورن جھانن جو پالڻھار آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوالرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 3ۙ
بيحد مھربان ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽومٰلِكِ يَوْمِ الدِّيْنِ 4ۭ
بدلي ڏيڻ واري ڏينھن (يعني قيامت) جو مالڪآهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِيَّاكَ نَعْبُدُ وَاِيَّاكَ نَسْتَعِيْنُ 5ۭ
(اي الله!) اسين تنھنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽواِھْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَـقِيْمَ 6ۙ
(اي الله!) اسان کي سڌو رستو ڏيکار.
— عبدالسلام ڀُٽوصِرَاطَ الَّذِيْنَ اَنْعَمْتَ عَلَيْهِمْ ۹
انهن ماڻهن جو رستو جن تي تو انعام فرمايو،
— عبدالسلام ڀُٽوغَيْرِ الْمَغْضُوْبِ عَلَيْهِمْ وَلَا الضَّاۗلِّيْنَ 7ۧ
(اهي ئي ماڻهو آهن) جن تي نه ته تنھنجوڏمر آهي ۽ نه ئي اهي گمراهيءَ جي رستي تي آهن.(آمين)
— عبدالسلام ڀُٽو