099 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
اِذَا زُلْزِلَتِ الْاَرْضُ زِلْزَالَهَا 1ۙ
جڏهن ڌرتي پوري شدت سان ڌوڏي ويندي،
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَخْرَجَتِ الْاَرْضُ اَثْقَالَهَا 2ۙ
۽ اها پنهنجي (اندر جا) خزانا (معدنيات، گئسون، پيٽرول وغيره) ٻاهر اڇلائي ڇڏيندي- (ته هر پاسي سگها ماڻهو بي وس ٿي پوندا ۽ اگها ماڻهو انصاف ملڻ جي اميد تي خوش ٿيندا)
— عبدالمؤمن ميمڻوَقَالَ الْاِنْسَانُ مَا لَهَا 3ۚ
۽ انسان چوندو؛ ڌرتيءَ کي ڇا ٿي ويو آهي؟
— عبدالمؤمن ميمڻيَوْمَىِٕذٍ تُحَدِّثُ اَخْبَارَهَا 4ۙ
ان ڏينهن، ڌرتي پنهنجا حالات بيان ڪندي (ته ان جي مٿاڇري تي ظالمن ڪهڙا ڪهڙا قهر ڪيا)
— عبدالمؤمن ميمڻبِاَنَّ رَبَّكَ اَوْحٰى لَهَا 5ۭ
ڇاڪاڻ جو تنهنجي رب، کيس ائين ڪرڻ جو حڪم ڏنو هوندو.
— عبدالمؤمن ميمڻيَوْمَىِٕذٍ يَّصْدُرُ النَّاسُ اَشْتَاتًا ڏ لِّيُرَوْا اَعْـمَالَهُمْ 6ۭ
ان ڏينهن، ماڻهو الڳ الڳ ٽولا ٿي ميدان ۾ ايندا ته جيئن کين سندن اعمال ڏيکاريا وڃن.
— عبدالمؤمن ميمڻفَـمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَيْرًا يَّرَهٗ 7ۭ
پوءِ، جنهن ذري برابر به چڱائي ڪئي هوندي، سا هو ڏسي وٺندو، (۽ ان مطابق اجر ماڻيندو)
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَّرَهٗ 8ۧ
۽ جنهن ذري برابر به برائي ڪئي هوندي، سابه هو ڏسي وٺندو! (۽ ان مطابق سزا ماڻيندو)
— عبدالمؤمن ميمڻ