009 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 129 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
بَرَاۗءَةٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ 1ۭ
(مسلمانؤ! جن مشرڪن سان توهين (ٺاهه ۽ امن جو) معاهدو ڪيو هيو، هاڻي الله ۽ ان جي رسول جي طرفان انهن کان بيزاريءَ جو اعلان آهي! -
— عبدالمؤمن ميمڻفَسِيْحُوْا فِي الْاَرْضِ اَرْبَعَةَ اَشْهُرٍ وَّاعْلَمُوْٓا اَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْـجِزِي اللّٰهِ ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ مُـخْزِي الْكٰفِرِيْنَ 2
ته چئن مهينن تائين ملڪ ۾ گهمو ڦرو (ڪائي جهل پل ڪانهي، ان کانپوءِ جنگ جي صورتحال بحال ٿيندي.) ۽ ياد رکو! توهين ڪڏهن به الله کي هيڻو ڪري نه سگهندؤ ۽ الله منڪرن کي (حق جي پيروڪارن جي هٿان) ذليل ڪندڙ آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَذَانٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى النَّاسِ يَوْمَ الْـحَجِّ الْاَكْبَرِ اَنَّ اللّٰهَ بَرِيْۗءٌ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ ڏ وَرَسُوْلُهٗ ۭ فَاِنْ تُبْتُمْ فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۚ وَاِنْ تَوَلَّيْتُمْ فَاعْلَمُوْٓا اَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْـجِزِي اللّٰهِ ۭ وَبَشِّرِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِعَذَابٍ اَلِــيْـمٍ 3ۙ
۽ الله ۽ ان جي رسول جي پاران حج جي وڏي ڏينهن تي عام اعلان ڪجي ٿو ته الله، مشرڪن کان بيزار آهي ۽ ان جو رسول به بيزار آهي. ( يعني هاڻي الله جي ليکي ۾ ڪوئي معاهدو باقي نه رهيو ۽ نه ڪي ان جو رسول ڪنهن معاهدي جو ذميوار آهي) تنهنڪري جيڪڏهن توهين (هاڻي ظلم ڪرڻ کان) توبهه ڪندؤ ته توهان جي لاءِ ان ۾ بهتري آهي ۽ جيڪڏهن نه مڃيندؤ ته يقين ڄاڻو الله کي عاجز ڪري نه سگهندؤ. ۽ (اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو ڪفر جي واٽ هلن ٿا، انهن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ٻڌائي ڇڏ.
— عبدالمؤمن ميمڻاِلَّا الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ ثُـمَّ لَمْ يَنْقُصُوْكُمْ شَيْــــًٔـا وَّلَمْ يُظَاهِرُوْا عَلَيْكُمْ اَحَدًا فَاَتِـمُّــوْٓا اِلَيْهِمْ عَهْدَهُمْ اِلٰى مُدَّتِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُتَّقِيْنَ 4
پر مشرڪن منجهان اهي ماڻهو-جن سان توهين معاهدو ڪيو هيو پوءِ انهن (واعدو پاڙڻ ۾) ڪنهن قسم جي ڪمي نه ڪئي ۽ نه ڪي توهان جي مقابلي ۾ ڪنهن جي مدد ڪئي هجائون ته اُهي ان حڪم کان ٻاهر آهن. تنهنڪري ساڻن جيتري عرصي تائين معاهدو ٿيو آهي- ان عرصي تائين اهو معاهدو پورو ڪيو. الله انهن ماڻهن کي دوست رکي ٿو جيڪي متقي هوندا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻفَاِذَا انْسَلَخَ الْاَشْهُرُ الْـحُرُمُ فَاقْتُلُوا الْمُشْرِكِيْنَ حَيْثُ وَجَدْتُّـمُــوْهُمْ وَخُذُوْهُمْ وَاحْصُرُوْهُمْ وَاقْعُدُوْا لَهُمْ كُلَّ مَرْصَدٍ ۚ فَاِنْ تَابُوْا وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَـخَــلُّوْا سَـبِيْلَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
وري جڏهن حرمت جا مهينا گذري وڃن ته (جنگ بحال ٿي وئي) مشرڪن (يعني سماج کي ڊانواڊول ڪندڙ ماڻهن) کي جتي به ڏسو، قتل ڪري ڇڏيو ۽ جتي به توهان کي ٽڪرائجن، کين سوگهو ڪيوِ، پڻ انهن جو گهيراءُ ڪيو ۽ هر گَهٽَ تي سندن تاڙ ۾ ويهو. پوءِ جيڪڏهن هو مُڙي وڃن، نماز قائم ڪن ۽ زڪواة ادا ڪن (يعني سماج جي تعمير لاءِ آماده ٿين) ته انهن جا رستا صاف ڪري ڇڏيو. بي شڪ! الله وڏو بخشڻهار- رحمت ڀريو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِنْ اَحَدٌ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ اسْتَجَارَكَ فَاَجِرْهُ حَتّٰي يَسْمَعَ كَلٰمَ اللّٰهِ ثُـمَّ اَبْلِغْهُ مَاْمَنَهٗ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْلَمُوْنَ 6ۧ
۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن مشرڪن منجهان ڪو ماڻهو تنهنجي پناهه ۾ اچڻ چاهي ته ضرور ان کي پناهه ڏي، جيستائين هو (چڱيءَ طرح) الله جو ڪلام ٻڌي وٺي، وري ان کي (حفاظت سان) پنهنجي ماڳ پهچاءِ. اها ڳالهه ان ڪري ضروري آهي جو اهي ماڻهو (حق جي دعوت جي حقيقت جو) علم نه ٿا رکن.
— عبدالمؤمن ميمڻكَيْفَ يَكُوْنُ لِلْمُشْرِكِيْنَ عَهْدٌ عِنْدَ اللّٰهِ وَعِنْدَ رَسُوْلِهٖٓ اِلَّا الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ عِنْدَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ ۚ فَـمَا اسْتَقَامُوْا لَكُمْ فَاسْتَقِيْمُوْا لَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُتَّقِيْنَ 7
اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته مشرڪن جو معاهدو، الله ۽ ان جي رسول وٽ به معاهدو ليکجي؟ ها! جن ماڻهن سان توهين مسجد الحرام جي ويجهو (حديبيه ۾) معاهدو ڪيو هيو (۽ انهن اهو نه ٽوڙيو) ته (انهن جو معاهدو بلڪل معاهدو آهي۽) جيستائين هو توهان سان (پنهني معاهدي تي) قائم رهن، توهين به انهن سان (پنهنجي معاهدي تي) قائم رهو. الله انهن کي دوست رکي ٿو جيڪي متقي هوندا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻكَيْفَ وَاِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ لَا يَرْقُبُوْا فِيْكُمْ اِلًّا وَّلَا ذِمَّةً ۭ يُرْضُوْنَكُمْ بِاَفْوَاهِهِمْ وَتَاْبٰي قُلُوْبُهُمْ ۚ وَاَكْثَرُهُمْ فٰسِقُوْنَ 8ۚ
انهن مشرڪن جو معاهدو، ڪيئن ٿو معاهدو ليکي سگهجي- جڏهن ته انهن جو حال اهو آهي جو جيڪڏهن اڄ توهان تي سوڀارا ٿين ته نه ڪي توهان جي مائٽيءَ جو لحاظ ڪن، نه ڪي (توهان سان ٿيل) ڪنهن معاهدي جو خيال ڪن مشرڪ پنهنجين ڳالهين سان توهان کي ريجهائڻ ٿا چاهين، پر انهن جي اندر جو فيصلو ان جي ابتڙ آهي ۽ منجهن گهڻي ڀاڱي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ردّي آهن. (يعني سچائيءَ جي سمورن طريقن ۽ پابندين مان نڪري چڪا آهن)
— عبدالمؤمن ميمڻاِشْتَرَوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ ثَـمَنًا قَلِيْلًا فَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِهٖ ۭ اِنَّهُمْ سَاۗءَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 9
انهن ماڻهن الله جون آيتون ٽَڪن تي وڪڻي ڇڏيون (يعني هوس جا پوڄاري ٿي بيٺا ۽ الله جي آيتن تي يقين نه ڪيائون) پوءِ الله جي راهه کان، ماڻهن کي روڪڻ لڳا. (افسوس انهن تي!) ڪيڏا نه بڇڙا ڪرتوت آهن، انهن ماڻهن جا!
— عبدالمؤمن ميمڻلَا يَرْقُبُوْنَ فِيْ مُؤْمِنٍ اِلًّا وَّلَا ذِمَّةً ۭ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُعْتَدُوْنَ 10
ڪنهن مؤمن جي خاطر نه ڪي مائٽيءَ جو ڀرم رکن ٿا نه ڪي ڪنهن معاهدي جو! اهي ئي ماڻهوآهن جيڪي حدون لنگهي ويندڙ آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻفَاِنْ تَابُوْا وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ ۭ وَنُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لِقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 11
بهرحال، جيڪڏهن اهي مڙي وڃن، نماز قائم ڪن، زڪواة ادا ڪن ته (پوءِ انهن جي خلاف توهان جو هٿ نه کڄڻ گهرجي، ان صورت ۾ هو) توهان جا ديني ڀائر ٿي پيا. اسين ڄاڻ واري قوم جي لاءِ پنهنجون آيتون کولي کولي بيان ڪندا آهيون.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِنْ نَّكَثُوْٓا اَيْمَانَهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ عَهْدِهِمْ وَطَعَنُوْا فِيْ دِيْنِكُمْ فَقَاتِلُوْٓا اَىِٕمَّةَ الْكُفْرِ ۙ اِنَّهُمْ لَآ اَيْـمَانَ لَهُمْ لَعَلَّهُمْ يَنْتَهُوْنَ 12
۽ جيڪڏهن اهي پنهنجو معاهدو، جيڪو پاڻ ڪيو اٿائون، ٽوڙي ڇڏين ۽ توهان جي دين کي گهٽ وڌ چون ته پوءِ ڪفر جي اهڙن سردارن سان جنگ ڪريو. اهي اهڙا ماڻهو آهن جن جي ساک، ساک ناهي (۽ توهان کي انهن سان جنگ ان ڪري جو ٽڻ گهرجي) ته جيئن اهي (ظلم ۽ بدعهديءَ کان) باز اچن.
— عبدالمؤمن ميمڻاَلَا تُقَاتِلُوْنَ قَوْمًا نَّكَثُوْٓا اَيْـمَانَهُمْ وَهَـمُّوْا بِاِخْرَاجِ الرَّسُوْلِ وَهُمْ بَدَءُوْكُمْ اَوَّلَ مَرَّةٍ ۭ اَتَـخْشَوْنَهُمْ ۚ فَاللّٰهُ اَحَقُّ اَنْ تَـخْشَوْهُ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 13
(مسلمانؤ) توهين اهڙن ماڻهن سان جنگ ڇو نه ٿا جوٽيو، جن پنهنجا معاهدا ۽ قَسم ٽوڙي ڇڏيا، جن الله جي رسول کي سندس ڏيهه مان نيڪالي ڏيڻ جون رِٿون تيار ڪيون ۽ وري توهان جي خلاف ويڙهه جي اڳرائي به انهن جي پاران ٿي. ڇا توهين انهن کان ڊڄو ٿا؟ (جيڪڏهن توهين ڊڄو ٿا ته پوءِ توهين مؤمن ناهيو، ڇو جو) جيڪڏهن توهين مؤمن آهيو ته الله ان ڳالهه جو وڌيڪ حقدار آهي ته ان جو خوف توهان جي دلين ۾ رچيل هجي.
— عبدالمؤمن ميمڻقَاتِلُوْهُمْ يُعَذِّبْهُمُ اللّٰهُ بِاَيْدِيْكُمْ وَيُـخْزِهِمْ وَيَنْصُرْكُمْ عَلَيْهِمْ وَيَشْفِ صُدُوْرَ قَوْمٍ مُّؤْمِنِيْنَ ۙ14
(مسلمانؤ!) مشرڪن (سماج کي ڊانوا ڊول ڪندڙن) سان(بي فڪر ٿي) جنگ ڪيو، الله توهان جي هٿان انهن کي عذاب ڏيندو، کين خوار ڪندو، مٿن توهان کي سوڀ ڏيندو ۽ مؤمنن جي جماعت جا سڀ دک دور ڪندو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَيُذْهِبْ غَيْظَ قُلُوْبِهِمْ ۭ وَيَتُوْبُ اللّٰهُ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 15
مؤمنن جي دلين جي ڪاوڙ باقي نه رهندي ۽ پوءِ الله جنهن تي چاهيندو پنهنجيءَ رحمت سان وري پوندو. الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجيءَ هر ڳالهه ۾) حڪمت ڀريو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَمْ حَسِبْتُمْ اَنْ تُتْرَكُوْا وَلَمَّا يَعْلَمِ اللّٰهُ الَّذِيْنَ جٰهَدُوْا مِنْكُمْ وَلَمْ يَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلَا رَسُوْلِهٖ وَلَا الْمُؤْمِنِيْنَ وَلِيْجَةً ۭ وَاللّٰهُ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ16
(مسلمانؤ!) ڇا توهين اهو سمجهيون ويٺا آهيو ته توهين ايتري ۾ ڇڏيا ويندؤ؟ حالانڪه اڃا ته الله انهن ماڻهن کي پوريءَ طرح آزمائش ۾ وڌو ئي ناهي، جن توهان منجهان جهاد ڪيو آهي ۽ الله، ان جي رسول ۽ مؤمنن کانسواءِ ڪنهن کي پنهنجو ڳجهو دوست نه بڻايو اٿن. (ياد رکو!) جهڙا به توهان جا عمل آهن، خدا انهن سڀني کان باخبر آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻمَا كَانَ لِلْمُشْرِكِيْنَ اَنْ يَّعْمُرُوْا مَسٰجِدَ اللّٰهِ شٰهِدِيْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِهِمْ بِالْكُفْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ حَبِطَتْ اَعْـمَالُهُمْ ښ وَفِي النَّارِ هُمْ خٰلِدُوْنَ 17
مشرڪن کي ان ڳالهه جو حق نه ٿو پهچي جو الله جون مسجدون اچي آباد ڪن جڏهن ته هو خود پنهنجي ڪفر جو اعتراف ڪري رهيا آهن. اِهي ئي ماڻهو آهن، جن جا سمورا عمل چٽ ٿي چڪا ۽ پڻ باهه جي عذاب ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّـمَا يَعْمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰهِ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَاَقَامَ الصَّلٰوةَ وَاٰتَى الزَّكٰوةَ وَلَمْ يَـخْشَ اِلَّا اللّٰهَ فَعَسٰٓى اُولٰۗىِٕكَ اَنْ يَّكُوْنُوْا مِنَ الْمُهْتَدِيْنَ 18
حقيقت ۾ مسجدن آباد ڪرڻ وارو ته اهو آهي جنهن الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو، نماز قائم ڪيائين، زڪواة ادا ڪيائين ۽ الله کان سواءِ ڪنهن کان به نه ڊنو. اهڙن ماڻهن مان اميد ڪجي ٿي ته اهي (بخت ۽ فلاح جي) واٽ جا پانڌيئڙا ثابت ٿيندا.
— عبدالمؤمن ميمڻاَجَعَلْتُمْ سِقَايَةَ الْـحَاۗجِّ وَعِـمَارَةَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ كَـمَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَجٰهَدَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰه ِ ۭ لَا يَسْتَوٗنَ عِنْدَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۘ19
ڇا توهين ائين سمجهيون ويٺا آهيو ته حاجين جي لاءِ پاڻي پيئارڻ جو بندوبست ۽ مسجد الحرام کي وسائڻ ان شخص جهڙو ڪم آهي جنهن الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ الله جي راه ۾ جهاد ڪيائين؟ الله وٽ ته اهي ٻئي برابر ڪونهن، ۽ الله ظلم ڪندڙن تي (ڪاميابيءَ جي) واٽ نه کوليندو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَهَاجَرُوْا وَجٰهَدُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِاَمْوَالِهِمْ وَاَنْفُسِهِمْ ۙ اَعْظَمُ دَرَجَةً عِنْدَ اللّٰهِ ۭ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ 20
جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪيائون ۽ پنهنجي مال ۽ جان سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪيائون ته يقيناَ الله وٽ انهن جو وڏو درجو آهي ۽ اهي ئي ماڻهو ڪامياب آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻ