084 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 25 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
اِذَا السَّمَاۗءُ انْشَقَّتْ 1ۙ
جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ 2ۙ
۽ پنهنجي رب (جوحڪم) ٻڌڻ جي لاءِ ڪَنُ ڏيندو ۽ ان لاءِ اهوئي مناسب آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذَا الْاَرْضُ مُدَّتْ 3ۙ
۽ جڏهن ڌرتي ڦهلائي ويندي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَلْقَتْ مَا فِيْهَا وَتَخَلَّتْ 4ۙ
۽ جيڪو ڪجهه ان جي اندر آهي اهو ٻاهر اڇلي ڇڏيندي ۽ خالي ٿي ويندي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ 5ۭ
۽ پنهنجي رب (جوحڪم ٻڌڻ) جي لاءِ ڪَنُ ڏيندي ۽ ڌرتيءَ واسطي اهوئي مناسب آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻيٰٓاَيُّهَا الْاِنْسَانُ اِنَّكَ كَادِحٌ اِلٰى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلٰقِيْهِ 6ۚ
اي انسان ! بي شڪ، تون ڪشالا ڪندڙ آهين پنهنجي رب ڏانهن، (تنهنڪري) تون خوب ڪشالا ڪر جو توکي ان سان ملڻو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻفَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ بِيَمِيْنِهٖ 7ۙ
پوءِ جنهن جو اعمال نامو کيس ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويو-
— عبدالمؤمن ميمڻفَسَوْفَ يُحَاسَبُ حِسَابًا يَّسِيْرًا 8ۙ
ته ان کان سنهنجو حساب ورتو ويندو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَّيَنْقَلِبُ اِلٰٓى اَهْلِهٖ مَسْرُوْرًا 9ۭ
۽ هو (باڪردار هئڻ سبب) پنهنجن ماڻهن ڏانهن خوش خوش واپس ايندو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ وَرَاۗءَ ظَهْرِهٖ ۙ10
رهيو، اهو شخص جنهن کي سندس اعمال نامو پٺيءَ جي پويان ڏنو ويندو.
— عبدالمؤمن ميمڻفَسَوْفَ يَدْعُوْا ثُبُوْرًا ۙ11
ته اهو جلد ڪاپاٽيي موت کي سڏيندو !
— عبدالمؤمن ميمڻوَّيَصْلٰى سَعِيْرًا ۭ12
۽ (پنهنجن پرڪارن سبب) جهنم ۾ داخل ٿيندو.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّهٗ كَانَ فِيْٓ اَهْلِهٖ مَسْرُوْرًا ۭ13
(دنيا ۾) هو پنهنجي اهل عيال ۾ مگن رهندو هيو (۽ پنهنجي اجتماعي ذميوارين ڏانهن ذرو به ڌيان نه ڏيندو هيو)،
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّهٗ ظَنَّ اَنْ لَّنْ يَّحُوْرَ ڔ 14
ان سمجهي ڇڏيو هيو ته هو واپس (پنهنجي مالڪ خالق ڏي) نه ورندو.
— عبدالمؤمن ميمڻبَلٰٓى ڔ اِنَّ رَبَّهٗ كَانَ بِهٖ بَصِيْرًا ۭ15
هائو، (ضرور واپس ورڻو آهي) بي شڪ! ان جي رب ان کي (لچايون ڪندي) چڱيءَ طرح پئي ڏٺو.
— عبدالمؤمن ميمڻفَلَآ اُقْسِمُ بِالشَّفَقِ ۙ16
پوءِ شُفق جو قسم ! (جڏهن ان جي لالاڻ ڌرتيءَجي خوني د ؤر جي ڪٿا بيان ڪندي)
— عبدالمؤمن ميمڻوَالَّيْلِ وَمَا وَسَقَ ۙ17
۽ رات جو قسم ! (جڏهن اها اونداهي ٿي-) ۽ انهن سڀني (رازن) جو قسم جن کي رات جي اونداهيءَ ڍڪي ڇڏيو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَالْقَمَرِ اِذَا اتَّسَقَ ۙ18
وري چنڊ جو قسم! جڏهن ان جي روشني پوري ٿي-
— عبدالمؤمن ميمڻلَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَنْ طَبَقٍ ۭ19
(توهين سڀ هڪ مقرر حڪم جي ماتحت آهيو) ضروري آهي ته (رات ۽ ڏينهن جي انقلاب جي انهن مرحلن وانگر) توهين به هڪ ٻئي جي ڪڍ تبديليءَ جي منزلن مان گذرو!
— عبدالمؤمن ميمڻفَـمَا لَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ۙ20
سو، انهن ماڻهن کي ڇاٿي ويو آهي جو ايمان نه ٿا آڻين؟
— عبدالمؤمن ميمڻ