080 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 42 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
عَبَسَ وَتَوَلّىٰٓ 1ۙ
(محبوب جي) مُک ۾ ڳنڀيرتا اڀري آئي ۽ (قريش سردارن پاران مونجهه ڪرڻ تي سندن مکڙو) ملول ٿي پيو.
— عبدالمؤمن ميمڻاَنْ جَاۗءَهُ الْاَعْـمٰى 2ۭ
جو وٽن سندن (هڪ اتابو عاشقڙو) نابينڙو (سردارن جي موجودگيءَ جي پرواهه ڪرڻ بنا محفل ۾) لنگهي آيو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَا يُدْرِيْكَ لَعَلَّهٗ يَزَّكّىٰٓ 3ۙ
ڪهڙي خبر (مٺا)- منَ اهو (ايمان جي جوهر سان) سنورجي وڃي؟!
— عبدالمؤمن ميمڻاَوْ يَذَّكَّرُ فَتَنْفَعَهُ الذِّكْرٰى 4ۭ
يا هو، ڪا نصيحت جي ڳالهه قبول ڪري وٺي ۽ نصيحت ڪرڻ ان جي لاءِ فائديمند ٿئي !
— عبدالمؤمن ميمڻاَمَّا مَنِ اسْتَغْنٰى 5ۙ
جنهن کي دين ۽ انسانيت جي ڪابه پرواهه نه آهي-
— عبدالمؤمن ميمڻفَاَنْتَ لَهٗ تَصَدّٰى 6ۭ
ان ڏانهن ڌيان جو ڌرجڻ عجب آهي، (مٺا سائين!)-
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَا عَلَيْكَ اَلَّا يَزَّكّٰى 7ۭ
ڀلا جيڪڏهن (اهو رئيسن جو ٽولو) نه سڌري ته ان جي اوهان تي ته ميار ڪانهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَمَّا مَنْ جَاۗءَكَ يَسْعٰى 8
پر (هي اوهان جو سچو عاشق) جيڪو پنهنجي سر ڊوڙندو ٿاٻڙجندو اچي پيو-
— عبدالمؤمن ميمڻوَهُوَ يَخْشٰى 9ۙ
۽ جيڪو مالڪ جي خوف سان پڻ واسيل آهي-
— عبدالمؤمن ميمڻفَاَنْتَ عَنْهُ تَلَهّٰى ۚ10
سو کانئس منهنڙو ڪيئن مٽائبو!
— عبدالمؤمن ميمڻكَلَّآ اِنَّهَا تَذْكِرَةٌ ۚ11
ڀلي ڀلي- هي (قرآن) ته بس هڪ ياداشت نامو آهي !
— عبدالمؤمن ميمڻفَـمَنْ شَاۗءَ ذَكَرَهٗ ۘ12
سو جنهن جو مَنُ چاهي، اهو وري پوي!
— عبدالمؤمن ميمڻفِيْ صُحُفٍ مُّكَرَّمَةٍ ۙ13
قرآن، مڪرم- معظم صحيفن ۾ لکيل آهي !
— عبدالمؤمن ميمڻمَّرْفُوْعَةٍ مُّطَهَّرَةٍۢ ۙ14
جيڪي بلند مقام ۽ پاڪيزه آھن.
— عبدالمؤمن ميمڻبِاَيْدِيْ سَفَرَةٍ ۙ15
جيڪو نيڪ لکارين جي هٿن ۾
— عبدالمؤمن ميمڻكِرَامٍۢ بَرَرَةٍ ۭ16
جيڪي عزت وارا آهن
— عبدالمؤمن ميمڻقُتِلَ الْاِنْسَانُ مَآ اَكْفَرَهٗ ۭ17
مار ڪا پوي (هوڏي) انسان تي! هو ڪيڏو ته رڏي باز آهي !
— عبدالمؤمن ميمڻمِنْ اَيِّ شَيْءٍ خَلَقَهٗ ۭ18
(هن ڳالهه ڏي ڏسي ته) الله انسان کي ڪهڙي شيءِ مان خلقيو؟
— عبدالمؤمن ميمڻمِنْ نُّطْفَةٍ ۭ خَلَقَهٗ فَقَدَّرَهٗ ۙ19
انسان کي نطفي مان خلقيائين-پوءِ ان جي سمورين باطني ۽ ظاهري قوتن جي لاءِ هڪ مانڊاڻ رٿيائين-
— عبدالمؤمن ميمڻثُـمَّ السَّبِيْلَ يَسَّرَهٗ ۙ20
وري ان تي (زندگي ۽ عمل جي) راهه آسان ڪري ڇڏيائين.
— عبدالمؤمن ميمڻ