007 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 206 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
الۗمّۗصۗ 1ۚ
الف-لام-ميم-صاد.
— عبدالمؤمن ميمڻكِتٰبٌ اُنْزِلَ اِلَيْكَ فَلَا يَكُنْ فِيْ صَدْرِكَ حَرَجٌ مِّنْهُ لِتُنْذِرَ بِهٖ وَذِكْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2
(اي پيغمبر!) هي ڪتاب آهي جيڪو توتي لاٿو ويو- ته جيئن هن جي ذريعي ماڻهن کي (انڪار ۽ بدعملي جي لوڙڻ کان) خبردار ڪر ۽ ان لاءِ (لاٿو ويو) ته ايمان وارن جي لاءِ سجاڳي ۽ نصيحت هجي، تنهنڪري ان بابت ڪا مونجهه تنهنجي دل ۾ نه رهڻ گهرجي.
— عبدالمؤمن ميمڻاِتَّبِعُوْا مَآ اُنْزِلَ اِلَيْكُمْ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلَا تَتَّبِعُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَذَكَّرُوْنَ 3
(لوڪو!) جيڪو ڪجهه توهان جي پالڻهار جي پاران توهان تي لاٿو ويو آهي، ان جي پيروڪاري ڪريو! ۽ ان کانسواءِ (پنهنجن جڙتو) مددگارن جي ڪڍ نه هلو (افسوس توهان تي!) تمام گهٽ توهين نصيحت قبوليندا آهيو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَكَمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا فَـجَاۗءَهَا بَاْسُنَا بَيَاتًا اَوْ هُمْ قَاۗىِٕلُوْنَ 4
۽ ڪيترائي ڳوٺ آهن، جن کي اسين (سندن بدڪردارين جي ڪري) تباهه ڪري ڇڏيو. ٿيو ائين جو ماڻهو رات جو بي خبر ٿيا ستا پيا هئا يا منجهند جي ننڊ ۾ هيا ته اوچتو عذاب ظاهر ٿيو.
— عبدالمؤمن ميمڻفَـمَا كَانَ دَعْوٰىهُمْ اِذْ جَاۗءَهُمْ بَاْسُنَآ اِلَّآ اَنْ قَالُوْٓا اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 5
پوءِ جڏهن عذاب ظاهر ٿيو ته (سندن انڪار ۽ شرارت جي سموري سرڪشي ختم ٿي وئي) ان وقت انهن جي پڪار اها ئي هئي ته : “برابر! اسين ڏوهي آهيون...”
— عبدالمؤمن ميمڻفَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الَّذِيْنَ اُرْسِلَ اِلَيْهِمْ وَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الْمُرْسَلِيْنَ 6ۙ
ته يقيناَ اسين انهن ماڻهن کان ضرور پڇاڻو ڪنداسين جن ڏانهن پيغمبر موڪليا ويا (ته انهن، پيغمبرن جي دعوت تي ڌيان ڌريو يا نه؟) ۽ يقيناَ پيغمبرن کان به پڇاڻو ٿيندو(ته انهن رسالت جو فرض پاڙيو يا نه؟!)
— عبدالمؤمن ميمڻفَلَنَقُصَّنَّ عَلَيْهِمْ بِعِلْمٍ وَّمَا كُنَّا غَاۗىِٕبِيْنَ 7
۽ وري يقيناَ (انهن جي ڪردار جا قصا) اسين پنهنجي علم سان انهن کي ٻڌائينداسين ۽ اسين ڪنهن پل به غائب نه آهيون.
— عبدالمؤمن ميمڻوَالْوَزْنُ يَوْمَىِٕذِ ۨالْـحَقُّ ۚ فَـمَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 8
۽ ان ڏينهن (عملن جي) تور، برحق آهي. پوءِ جنهن (جي نيڪين) جو پُڙُ ڳؤرو ٿيو ته اهي ئي ڪامياب ٿيا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَنْ خَفَّتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ بِـمَا كَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَظْلِمُوْنَ 9
۽ جنهن جو پُڙُ هلڪو ٿيو ته اهي اُهي ماڻهو هوندا، جن پنهنجن هٿن سان پنهنجو نقصان ڪيو، ڇاڪاڻ جو هو اسان جي آيتن سان ناانصافي ڪندا هئا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَقَدْ مَكَّنّٰكُمْ فِي الْاَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْهَا مَعَايِشَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ ۧ10
۽ بي شڪ، اسين توهان کي زمين ۾ (طاقت ۽ اختيار سان) رهايوسين ۽ زندگيءَ جو ساز سامان ميسر ڪيوسون، پر توهان تمام گهٽ شڪر ڪندا آهيو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَقَدْ خَلَقْنٰكُمْ ثُـمَّ صَوَّرْنٰكُمْ ثُـمَّ قُلْنَا لِلْمَلٰۗىِٕكَةِ اسْـجُدُوْا لِاٰدَمَ ڰ فَسَجَدُوْٓا اِلَّآ اِبْلِيْسَ ۭ لَمْ يَكُنْ مِّنَ السّٰجِدِيْنَ 11
۽ بي شڪ، (اها اسان جي ئي قدرت آهي جو) اسين توهان (جي وجود) کي پيدا ڪيو پوءِ توهان جي شڪل ۽ صورت جوڙي، وري (اهو وقت آيو جو) فرشتن کي حڪم ڏنوسين ته آدم جي آڏو جهڪو ته سڀ جهڪيا، سواءِ ابليس جي، جيڪو جهڪندڙن مان نه ٿيو.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ مَا مَنَعَكَ اَلَّا تَسْجُدَ اِذْ اَمَرْتُكَ ۭ قَالَ اَنَا خَيْرٌ مِّنْهُ ۚ خَلَقْتَنِيْ مِنْ نَّارٍ وَّخَلَقْتَهٗ مِنْ طِيْنٍ 12
خدا فرمايو: ڪهڙي ڳالهه توکي جهڪڻ کان روڪيو، جڏهن ته جهڪڻ جو حڪم مون ڏنو هيو؟ ابليس وراڻيو ته مان آدم کان بهتر آهيان تون مون کي باهه مان جوڙيو آهي ۽ هن کي مٽيءَ مان.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ فَاهْبِطْ مِنْهَا فَـمَا يَكُوْنُ لَكَ اَنْ تَتَكَبَّرَ فِيْهَا فَاخْرُجْ اِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرِيْنَ 13
الله فرمايو: جنت مان نڪري وڃ، تنهنجي اها اوقات ڪانهي، جو هتي رهي سرڪشي ڪرين، هتان نڪر، هاڻي تون ذليل ۽ خوار آهين.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ اَنْظِرْنِيْٓ اِلٰي يَوْمِ يُبْعَثُوْنَ 14
ابليس چيو: مون کي ان وقت تائين مهلت ڏي، جڏهن ماڻهو (مرڻ کانپوءِ) اٿاريا ويندا.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ اِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِيْنَ 15
الله فرمايو: توکي مهلت آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ فَبِـمَآ اَغْوَيْتَنِيْ لَاَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِيْمَ ۙ16
تنهن تي ابليس چيو: ڇاڪاڻ جو تون منهنجي واٽ بند ڪري ڇڏي تنهنڪري هاڻي مان تنهنجي سنئين واٽ کان ڀٽڪائڻ لاءِ، بني آدم جي تاڙ ۾ ويٺو رهندس.
— عبدالمؤمن ميمڻثُـمَّ لَاٰتِيَنَّهُمْ مِّنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ وَعَنْ اَيْـمَانِهِمْ وَعَنْ شَـمَاۗىِٕلِهِمْ ۭ وَلَا تَـجِدُ اَكْثَرَهُمْ شٰكِرِيْنَ 17
پوءِ اڳيان، پويان، ساڄي کان، کاٻي کان (مطلب ته هر پاسي کان) اوڏو ايندس ۽ تون، پنهنجن بندن مان گهڻن کي شڪر گذار نه لهندين.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ اخْرُجْ مِنْهَا مَذْءُوْمًا مَّدْحُوْرًا ۭ لَمَنْ تَبِعَكَ مِنْهُمْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنْكُمْ اَجْمَعِيْنَ 18
خدا فرمايو: هتان نڪري وڃ- ذليل ۽ ٺڪرايل بڻجي! بني آدم مان جيڪو به تنهنجي پيروڪاري ڪندو ته (اهو تنهنجو ساٿي ليکبو ۽) مان البته ائين ڪندس جو (بڇڙن عملن جي سزا ۾) توهان مڙني سان جهنم ڀريندس.
— عبدالمؤمن ميمڻوَيٰٓاٰدَمُ اسْكُنْ اَنْتَ وَزَوْجُكَ الْـجَنَّةَ فَكُلَا مِنْ حَيْثُ شِـئْتُـمَا وَلَا تَقْرَبَا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكُوْنَا مِنَ الظّٰلِمِيْنَ 19
اي آدم ! تون ۽ تنهنجي زال- ٻئي جنت ۾ رهو ۽ جتان وڻيوَ اتان آل جال کائو، پر (هو جيڪو وڻ آهي، توهين) ان وڻ کي ويجهو به نه وڃجو. جيڪڏهن ويجهو ويئو ته زيادتي ڪندڙن مان ٿي پوندؤ!.
— عبدالمؤمن ميمڻفَوَسْوَسَ لَهُمَا الشَّيْطٰنُ لِيُبْدِيَ لَهُمَا مَا وٗرِيَ عَنْهُمَا مِنْ سَوْاٰتِهِمَا وَقَالَ مَا نَهٰىكُـمَا رَبُّكُـمَا عَنْ هٰذِهِ الشَّجَرَةِ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَا مَلَكَيْنِ اَوْ تَكُوْنَا مِنَ الْـخٰلِدِيْنَ 20
پوءِ شيطان ٻنهي جي دل ۾ وسوسو وڌو، ته جيئن انهن جي اوگهڙ، جيڪا انهن کان اوجهل هئي، انهن لاءِ کولي ڇڏي. شيطان کين چيو: توهان جي پالڻهار هن وڻ کان توهان کي روڪيو هيو ته ڪٿي توهين فرشتا نه ٿي وڃو يا توهان کي دائمي زندگي نه حاصل ٿي پوي.
— عبدالمؤمن ميمڻ