069 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
اَلْحَاۗقَّةُ 1ۙ
هڪ ٿيڻي-
— عبدالمؤمن ميمڻمَا الْحَاۗقَّةُ 2ۚ
ضرور ٿيڻي ڳالهه آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْحَاۗقَّةُ 3ۭ
۽ توهين ڄاڻو ٿا ته اها ٿيڻي ڪهڙي ڳالهه آهي؟
— عبدالمؤمن ميمڻكَذَّبَتْ ثَـمُوْدُ وَعَادٌۢ بِالْقَارِعَةِ 4
ثمود ۽ عاد (جي قومن ان) کڙڪائيندڙ (حادثي) کي ٺڪرائي ڇڏيو.
— عبدالمؤمن ميمڻفَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَاُهْلِكُوْا بِالطَّاغِيَةِ 5
جنهن ٿيڻيءَ جي ڪري ثمود (جي قوم) کي، حد کان وڌيڪ سخت آفت ذريعي هلاڪ ڪيو ويو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَمَّا عَادٌ فَاُهْلِكُوْا بِرِيْحٍ صَرْصَرٍ عَاتِيَةٍ 6ۙ
۽ عاد (جي قوم وارا) هڪ بي حد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا-
— عبدالمؤمن ميمڻسَخَّرَهَا عَلَيْهِمْ سَبْعَ لَيَالٍ وَّثَمٰنِيَةَ اَيَّامٍ ۙ حُسُوْمًا ۙ فَتَرَى الْقَوْمَ فِيْهَا صَرْعٰى ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ خَاوِيَةٍ 7ۚ
جيڪو واءُ- (الله) مٿن لاڳيتيون ست راتيون ۽ اَٺ ڏينهن گُهليل رکيو، تون (جيڪڏهن اتي هجين ها ته) ڏسين ها ته اتي (عادجي قوم جا ماڻهو) اهڙيءَ طرح ڪريا پيا هيا ڄڻ کجيءَ جا کوکلا ٿڙ ڪريا پيا آهن!
— عبدالمؤمن ميمڻفَهَلْ تَرٰى لَهُمْ مِّنْۢ بَاقِيَةٍ 8
هاڻي ڇا، انهن منجهان ڪو (ساهوارو) توکي بچيل نظر اچي ٿو؟
— عبدالمؤمن ميمڻوَجَاۗءَ فِرْعَوْنُ وَمَنْ قَبْلَهٗ وَالْمُؤْتَفِكٰتُ بِالْخَاطِئَةِ 9ۚ
۽ فرعون ۽ ان کان آڳاٽن ماڻهن ۽ اونڌيون ڪري تباهه ڪيل وسندين وارن ماڻهن ڏوهه ڪيا.
— عبدالمؤمن ميمڻفَعَصَوْا رَسُوْلَ رَبِّهِمْ فَاَخَذَهُمْ اَخْذَةً رَّابِيَةً 10
پوءِ انهن پنهنجي رب جي رسول جي نافرماني ڪئي ته الله کين سخت پڪڙ سان پڪڙيو.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّا لَمَّا طَغَا الْمَاۗءُ حَمَلْنٰكُمْ فِي الْجَارِيَةِ ۙ11
(لوڪو! نوحؑ جي ڏهاڙن ۾) جڏهن پاڻيءَ جو طوفان حد کان لنگهي ويو ته اسان توهان (جي وڏڙن) کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو.
— عبدالمؤمن ميمڻلِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَّتَعِيَهَآ اُذُنٌ وَّاعِيَةٌ 12
ته جيئن ان واقعي کي توهان جي لاءِ (نصيحت آموز) تذڪرو بڻايون ۽ جيڪي ڪَنَ اهو (ٻڌي ڪري) ياد ڪرڻ جي قابل هجن ته ياد ڪري ڇڏين.
— عبدالمؤمن ميمڻفَاِذَا نُفِخَ فِي الصُّوْرِ نَفْخَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
پوءِ جڏهن (پهريون ڀيرو) هڪ صور ڦوڪي ويندي-
— عبدالمؤمن ميمڻوَّحُمِلَتِ الْاَرْضُ وَالْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَّاحِدَةً ۙ14
۽ زمين ۽ پهاڙ کڻي هڪ ٻئي سان ٽڪرايا ويندا ۽ اهي چڪناچور ٿي ويندا.
— عبدالمؤمن ميمڻفَيَوْمَىِٕذٍ وَّقَعَتِ الْوَاقِعَةُ ۙ15
پوءِ ان ڏينهن ئي قيامت جو وڏو ڏينهن واقع ٿي چڪندو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَانْشَقَّتِ السَّمَاۗءُ فَھِيَ يَوْمَىِٕذٍ وَّاهِيَةٌ ۙ16
آسمان ڦاٽي پوندو ۽ ان جو ڦهلاءُ ڍرو ٿي ويندو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَّالْمَلَكُ عَلٰٓي اَرْجَاۗىِٕهَا ۭ وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَىِٕذٍ ثَمٰنِيَةٌ ۭ17
فرشتا ان جي چؤڌار هوندا ۽ ان ڏينهن تنهنجي پالڻهار جي عرش کي اَٺَ (فرشتا) پنهنجي مٿان کنيون بيٺا هوندا.
— عبدالمؤمن ميمڻيَوْمَىِٕذٍ تُعْرَضُوْنَ لَا تَخْفٰى مِنْكُمْ خَافِيَةٌ 18
(لوڪو!) ان ڏينهن توهين پنهنجي رب جي درٻار ۾ پيش ڪيا ويندؤ ۽ توهان جو ڪو به راز مخفي نه رهندو.
— عبدالمؤمن ميمڻفَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ بِيَمِيْنِهٖ ۙ فَيَقُوْلُ هَاۗؤُمُ اقْرَءُوْا كِتٰبِيَهْ ۚ19
پوءِ جنهن کي پنهنجو اعمال نامو ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو، ته اهو (خوشيءَ وچان) چوندو؛ اجهو منهنجو اعمال نامو- پڙهي ته ڏسو!
— عبدالمؤمن ميمڻاِنِّىْ ظَنَنْتُ اَنِّىْ مُلٰقٍ حِسَابِيَهْ ۚ20
مون کي ته (دنيا ۾) يقين هيو ته هڪ ڏينهن مون کي منهنجو حساب ملڻو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻ