063 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
اِذَا جَاۗءَكَ الْمُنٰفِقُوْنَ قَالُوْا نَشْهَدُ اِنَّكَ لَرَسُوْلُ اللّٰهِ ۘ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ اِنَّكَ لَرَسُوْلُهٗ ۭ وَاللّٰهُ يَشْهَدُ اِنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ لَكٰذِبُوْنَ 1ۚ
(اي نبي!) جڏهن منافق تو وٽ اچن ٿا ته چون ٿا؛ اسين گواهي ڏيئون ٿا ته تون الله جو رسول آهين ۽ الله ڄاڻي ٿو ته بي شڪ! تون الله جو رسول آهين. (پر) الله گواهي ٿو ڏئي ته اهي (منافق) ڪوڙا آهن!
— عبدالمؤمن ميمڻاِتَّخَذُوْٓا اَيْمَانَهُمْ جُنَّةً فَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ اِنَّهُمْ سَاۗءَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 2
منافقن پنهنجن قَسمن کي ڍال بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙيءَ طرح اهي (ماڻهن کي) الله جي واٽ کان روڪين ٿا. بي شڪ! اِهي برا ڪم آهن جيڪي اُهي ڪن ٿا.
— عبدالمؤمن ميمڻذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ اٰمَنُوْا ثُـمَّ كَفَرُوْا فَطُبِــعَ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ فَهُمْ لَا يَفْقَهُوْنَ 3
اهو ان لاءِ جو هنن ايمان آندو وري ڪفر ڪيائون جنهن ڪري سندن دلين تي مُهر هنئي وئي. هاڻي اهي ماڻهو (حق کي) سمجهن ئي نه ٿا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذَا رَاَيْتَهُمْ تُعْجِبُكَ اَجْسَامُهُمْ ۭ وَاِنْ يَّقُوْلُوْا تَسْمَعْ لِقَوْلِهِمْ ۭ كَاَنَّهُمْ خُشُبٌ مُّسَنَّدَةٌ ۭ يَحْسَبُوْنَ كُلَّ صَيْحَةٍ عَلَيْهِمْ ۭ هُمُ الْعَدُوُّ فَاحْذَرْهُمْ ۭ قٰتَلَهُمُ اللّٰهُ ۡ اَنّٰى يُؤْفَكُوْنَ 4
جيڪڏهن تون انهن جي ظآهري جسماني بيهڪ ڏسين ته توکي وڏي عجب ۾ وجهي ڇڏي. ۽ جڏهن ڳالهه ڪن ته (اهڙي طمطراق سان جو تون وڏي دلچسپيءَ سان) ٻڌڻ لڳين (سندن ٿلها متارا جسم ۽ ڳالهائڻ جو عجيب انداز ظاهر ۾ اٿن پر حقيقت ۾) ڄڻڪ ڀُتيون اُڀيون ڪاٺيون ڀت سان بيهاريل آهن. (جيڪي رڳو چُلهه ۾ ساڙڻ لاءِ ڪم اچن). وري اها به انهن جي خاص نشاني آهي ته ڳالهه ڪجي ته هر ڳالهه کي پنهنجي خلاف للڪار سمجهن، اهي دشمن آهن تنهنڪري کانئن محتاط رهه. مٿن الله جي لعنت هجي! اهي ڪيڏانهن ٿا ڦيرايا وڃن؟!
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذَا قِيْلَ لَهُمْ تَعَالَوْا يَسْتَغْفِرْ لَكُمْ رَسُوْلُ اللّٰهِ لَوَّوْا رُءُوْسَهُمْ وَرَاَيْتَهُمْ يَصُدُّوْنَ وَهُمْ مُّسْـتَكْبِرُوْنَ 5
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته ؛ اچو ته الله جو رسول توهان جي لاءِ بخشش جي دعا گهري، ته اهي ماڻهو پنهنجا منهن ڦيري ڇڏين ٿا ۽ تون کين ڏسندين ته (رڪجي وڃن ٿا ۽) متڪبرانه انداز سان بي رخيءَ جو مظاهرو ڪندڙ آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻسَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ اَسْتَغْفَرْتَ لَهُمْ اَمْ لَمْ تَسْتَغْفِرْ لَهُمْ ۭ لَنْ يَّغْفِرَ اللّٰهُ لَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الْفٰسِقِيْنَ 6
(اي نبي!) تون انهن جي لاءِ بخشش جي دعا ڪرين يا نه ڪرين (ٻئي ڪيفيتيون) انهن جي لاءِ برابر آهن. الله، هرگز کين معاف نه ڪندو. بي شڪ! الله فاسقن کي هدايت ناهي ڏيندو.
— عبدالمؤمن ميمڻهُمُ الَّذِيْنَ يَقُوْلُوْنَ لَا تُنْفِقُوْا عَلٰي مَنْ عِنْدَ رَسُوْلِ اللّٰهِ حَتّٰى يَنْفَضُّوْا ۭ وَلِلّٰهِ خَزَاۗىِٕنُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَلٰكِنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ لَا يَفْقَهُوْنَ 7
اهي ئي اُهي ماڻهو آهن جيڪي چون ٿا ته: جيڪي ماڻهو الله جي رسول وٽ رهن ٿا انهن تي خرچ نه ڪريو ته جيئن هو (همه گير تنگين سبب پاڻ ئي) منتشر ٿي وڃن، حالانڪه زمين ۽ آسمان جا سمورا خزانا الله جا آهن (جن منجهان سڀ کي روزي ملڻي آهي) پر منافق (ايتري ڳالهه به) نه ٿا سمجهن.
— عبدالمؤمن ميمڻيَقُوْلُوْنَ لَىِٕنْ رَّجَعْنَآ اِلَى الْمَدِيْنَةِ لَيُخْرِجَنَّ الْاَعَزُّ مِنْهَا الْاَذَلَّ ۭ وَلِلّٰهِ الْعِزَّةُ وَلِرَسُوْلِهٖ وَلِلْمُؤْمِنِيْنَ وَلٰكِنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ لَا يَعْلَمُوْنَ 8ۧ
منافق چون ٿا ته؛ اسين مديني واپس پهچي وڃئون ته جيڪو هر عزت وارو هر ذليل کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو. حالانڪه عزت ته صرف الله ۽ ان جي رسول ۽ مؤمنن جي لاءِ آهي. پر اهي منافق ڄاڻن نه ٿا (۽ عزت ۽ ذلت جا معيار، پهنجي ليکي هوندءِ اڻهوند جي بنيادن تي جوڙين ٿا).
— عبدالمؤمن ميمڻيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تُلْهِكُمْ اَمْوَالُكُمْ وَلَآ اَوْلَادُكُمْ عَنْ ذِكْرِ اللّٰهِ ۚ وَمَنْ يَّفْعَلْ ذٰلِكَ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْخٰسِرُوْنَ 9
اي ايمان وارؤ! (خيال ڪريو، هوشيار ٿي رهو متان) توهان کي توهان جو مال ۽ اولاد الله جي ياد کان غافل نه ڪري ڇڏي، ۽ جيڪي (مال ۽ اولاد جي ڪري) الله کان غافل ٿيندا، اهي سخت نقصان وارا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَنْفِقُوْا مِنْ مَّا رَزَقْنٰكُمْ مِّنْ قَبْلِ اَنْ يَّاْتِيَ اَحَدَكُمُ الْمَوْتُ فَيَقُوْلَ رَبِّ لَوْلَآ اَخَّرْتَنِيْٓ اِلٰٓى اَجَلٍ قَرِيْبٍ ۙ فَاَصَّدَّقَ وَاَكُنْ مِّنَ الصّٰلِحِيْنَ 10
۽ جيڪو ڪجهه اسان توهان کي ڏنو آهي ان منجهان خرچ ڪندا رهو، ان کان اڳ جو توهان منجهان ڪنهن تي موت جو وقت اچي وڃي، ۽ ان وقت اهو چوي ته؛ اي منهنجا رب! تو مون کي ٿوري مهلت ٻي به ڇو نه ڏني؟ ته جيئن مان صدقو (خيرات) ڪريان ها ۽ نيڪو ڪارن ۾ شامل ٿيان ها.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَنْ يُّؤَخِّرَ اللّٰهُ نَفْسًا اِذَا جَاۗءَ اَجَلُهَا ۭ وَاللّٰهُ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ11
حالانڪه جڏهن ڪنهن ساهدار (جي زندگيءَ) جو وقت اچي ويندو آهي ته الله کيس هرگز وڌيڪ مهلت نه ڏيندو آهي، ۽ جيڪو ڪجهه توهين ڪندا آهيو، الله ان کان باخبر آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻ