006 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 165 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنُّوْرَ ڛ ثُـمَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ يَعْدِلُوْنَ 1
هر طرح جي واکاڻ الله کي ئي سونهي ٿي، جنهن آسمانَ ۽ ڌرتي پيدا ڪيا ۽ انڌيرا ۽ سوجهرو خلقيائين. تڏهن به جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار جا انڪاري ٿيا بيٺا آهن سي (انڌيري ۽ سوجهري ۾ فرق نه ٿا ڪن ۽ ٻين هستين کي خدا جي) برابر سمجهن ٿا.
— عبدالمؤمن ميمڻهُوَ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ طِيْنٍ ثُـمَّ قَضٰٓى اَجَلًا ۭ وَاَجَلٌ مُّسَمًّى عِنْدَهٗ ثُـمَّ اَنْتُمْ تَـمْتَرُوْنَ 2
اهوئي (آسمان ۽ زمين جو خلقڻهار) آهي، جنهن توهان کي مٽيءَ مان جوڙيو (يعني توهان جي تخليق جو آغاز مٽيءَ مان ٿيو) وري توهان جي لاءِ (زندگي ۽ گذران جو) هڪ عرصو مقرر ڪيائين (جنهن دوران هر ڪنهن کي ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ڏنل آهي) ۽ هڪ ٻيو عرصو به ان وٽ طئه ٿيل آهي (يعني قيامت، جنهن ۾ پهرئين عرصي جو حساب چُڪتو ٿيندو) پوءِ به توهين آهيو جو (ان حقيقت تي غور ڪري ويساهه ڪرڻ بجاءِ) شڪ ويٺا ڪريو!
— عبدالمؤمن ميمڻوَهُوَ اللّٰهُ فِي السَّمٰوٰتِ وَفِي الْاَرْضِ ۭ يَعْلَمُ سِرَّكُمْ وَجَهْرَكُمْ وَيَعْلَمُ مَا تَكْسِبُوْنَ 3
اهوئي الله آهي-آسمانن ۾ به ته ڌرتيءَ تي به (ان کانسواءِ جڳ جو جوڙڻهار ڪوئي ڪونهي) الله توهان جي پڌرين ۽ ڳجهين ڳالهين جي پروڙ رکي ٿو. توهين جيڪا به (لڱائي چڱائي) ڪندا آهيو سا هوڄاڻي ٿو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَا تَاْتِيْهِمْ مِّنْ اٰيَةٍ مِّنْ اٰيٰتِ رَبِّهِمْ اِلَّا كَانُوْا عَنْهَا مُعْرِضِيْنَ 4
۽ انهن (منڪرن) جي سامهون پالڻهار جي نشانين منجهان جيڪا به نشاني آئي- تنهن کان منهن موڙيون بيٺا آهن .
— عبدالمؤمن ميمڻفَقَدْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۭ فَسَوْفَ يَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 5
تنهنڪري جڏهن سچائي وٽن آئي (يعني قرآن جون پڪارون شروع ٿيون) ته انهن اُن کي ڪوڙو چئي ڇڏيو. تنهنڪري جنهن ڳالهه جو مذاق اڏائيندا رهيا آهن جلد ئي کين ان جي حقيقت جي خبر پئجي ويندي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَلَمْ يَرَوْا كَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ مَّكَّنّٰهُمْ فِي الْاَرْضِ مَا لَمْ نُـمَكِّنْ لَّكُمْ وَاَرْسَلْنَا السَّمَاۗءَ عَلَيْهِمْ مِّدْرَارًا ۠ وَّجَعَلْنَا الْاَنْھٰرَ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهِمْ فَاَهْلَكْنٰهُمْ بِذُنُوْبِهِمْ وَاَنْشَاْنَا مِنْۢ بَعْدِهِمْ قَرْنًا اٰخَرِيْنَ 6
ڇا اهي ماڻهو نه ٿا ڏسن ته کانئن اڳ پهرين قومن جا ڪيترائي دور گذري چڪا آهن جن کي اسين ناس ڪري ڇڏيو؟ اِهي اُهي قومون هيون جن جو اسين، جيئن (حشمت ۽ دٻدٻي سان) ملڪن ۾ ڌاڪو ڄمايو هيو، تيئن توهان جو ڌاڪو ناهي ڄمايو. اسين مٿن آل-جال مينهن وسايا ۽ سندن وسندين ۾ نديون وهايونسين (جيڪي لڳاتار وهنديون رهنديون هيون)، پر پوءِ اسين (پنهنجن رٿيل قانونن مطابق) انهن جي بڇڙاين سبب کين برباد ڪري ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ ٻين قومن کي وارو ڏنوسين.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَوْ نَزَّلْنَا عَلَيْكَ كِتٰبًا فِيْ قِرْطَاسٍ فَلَمَسُوْهُ بِاَيْدِيْهِمْ لَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ هٰذَآ اِلَّا سِـحْـرٌ مُّبِيْنٌ 7
۽ (پيغمبر!) جيڪڏهن توتي، ڪاغذ تي لکيل (هڪ مڪمل طرح تيار ٿيل) ڪتاب لاهيئون ها ۽ هي ماڻهو ان کي هٿن سان ڇُهي ڏسن ها ته : واقعي سچ پچ ۾ ڪتاب ئي آهي، پوءِ به جن ماڻهن انڪار جي واٽ ورتي آهي سي (مڃڻ وارا هئا ئي ڪونه-سو) چون ها : اِها ته نسوري جادوگري آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَقَالُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ مَلَكٌ ۭ وَلَوْ اَنْزَلْنَا مَلَكًا لَّقُضِيَ الْاَمْرُ ثُـمَّ لَا يُنْظَرُوْنَ 8
۽ هنن چيو: (جيڪڏهن پيغمبر پنهنجي دعوى ۾ سچو آهي ته) مٿس فرشتا ڇو نه ٿا لهن (ته اسين اکيين ڏسئون) جيڪڏهن اسين فرشتا اماڻيؤن ها ته سموريون ڳالهيون ئي مُڪجي وڃن ها، پوءِ انهن جي لاءِ مهلت ئي نه بچي ها! (ته مڃين ٿا يا نه-يعني اهڙي صورت ۾ انڪار ڪرڻ تي عذاب ۾ لڙهي وڃن ها).
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَوْ جَعَلْنٰهُ مَلَكًا لَّـجَعَلْنٰهُ رَجُلًا وَّلَـلَبَسْنَا عَلَيْهِمْ مَّا يَلْبِسُوْنَ 9
۽ جيڪڏهن اسين ڪنهن فرشتي کي پيغمبر ڪريون ها ته ان کي به انسان ئي بڻايون ها (ڇو جو اهو قدرت جي انصاف واري قانون جي ئي خلاف آهي ته فرشتا ملڪوتي حالت ۾ ماڻهن ڏي اچن. پوءِ پيغمبري ڪمال ڇا جو؟) ۽ جيڪي شڪ اهي ماڻهو هاڻي ڪري رهيا آهن، اسين کين ان مهل به ساڳين ئي شڪن ۾ وچڙائي ڇڏيئون ها: (۽ چوندا وتن ها: هي ته ڏسڻ ۾ اسان جهڙوئي ماڻهو آهي!).
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَقَدِ اسْتُهْزِئَ بِرُسُلٍ مِّنْ قَبْلِكَ فَحَاقَ بِالَّذِيْنَ سَخِرُوْا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ ۧ10
۽ (اي پيغمبر!) اها حقيقت آهي ته توکان پهرين نبين جو به مذاق اڏايو ويو (بلڪل ايئن-جيئن اڄ تنهنجو مذاق اڏايو پيو وڃي!) ته جن ماڻهن مذاق اڏايو هيو ۽ هو جنهن ڳالهه جو مذاق اڏائيندا هيا ته اهائي ڳالهه اچي انهن تي ڪڙڪي (يعني هيءَ ڳالهه جي ته : “بڇڙن ڪرتوتن جو انجام بڇڙو آهي.” ته اهوئي قانون کين ڳچيءَ پئجي ويو).
— عبدالمؤمن ميمڻقُلْ سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ ثُـمَّ انْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُكَذِّبِيْنَ 11
(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئه: ڌرتيءَ جو سير سفر ڪريو (گذريل قومن جي آثار ۽ باقيات تي نظر وجهو) ۽ ڏسو ته (حقيقتن کي) ڪوڙو چوندڙن جو ڪهڙو انجام ٿيو آهي!
— عبدالمؤمن ميمڻقُلْ لِّمَنْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلْ لِّلّٰهِ ۭ كَتَبَ عَلٰي نَفْسِهِ الرَّحْمَةَ ۭ لَيَجْمَعَنَّكُمْ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ لَا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 12
(اي پيغمبر! تون انهن ماڻهن کان) پڇ ته: آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي اهو ڪنهن جو آهي؟ چئه: الله جو آهي، هن پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو آهي ته (هر حال ۾ سڀ تي) ٻاجهه ڪري. (۽ اها ان جي ٻاجهه ئي ته آهي- جيڪا پوري ڪائنات تي ڇانيل آهي). هو ضرور توهان کي قيامت جي ڏينهن (پاڻ وٽ) ڪَٺو ڪندو (ڇو جو ان جي ٻاجهه جي تقاضا اها ئي آهي ته دنيا ۾ سڀ کي مهلت ڏي ۽ عملن جو بدلو قيامت ۾ ڏي)- قيامت ۾ ڪوئي شڪ ڪونهي. (پر اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو (پنهنجن هٿن سان) پنهنجو پاڻ کي برباد ڪري چڪا آهن اهي ڪڏهن به يقين ڪونه ڪندا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَهٗ مَا سَكَنَ فِي الَّيْلِ وَالنَّهَارِ ۭ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 13
۽ ان جو ئي آهي جيڪو ڪجهه رات (جي انڌيري) ۽ ڏينهن (جي سوجهري) ۾ هجي ٿو. ۽ الله ٻڌڻ وارو ۽ ڄاڻڻ وارو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻقُلْ اَغَيْرَ اللّٰهِ اَتَّـخِذُ وَلِيًّا فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَهُوَ يُطْعِمُ وَلَا يُطْعَمُ ۭ قُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ مَنْ اَسْلَمَ وَلَا تَكُوْنَنَّ مِنَ الْمُشْرِكِيْنَ 14
(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئه: ڇا (توهين چاهيو ٿا) ته مان خدا کي ڇڏي- جيڪو آسمانن ۽ زمين جو اپائڻهار آهي، ڪنهن ٻي هستيءَ کي پنهنجو واهرو مڃيان؟ هو سڀ کي روزي ڏي ٿو، پر ڪوئي ڪونهي جيڪو- هُن کي روزي ڏي. تون چئه: مون کي ته اهوئي حڪم مليل آهي ته خدا جي فرمانبردارن منجهان پهريون نمبر فرمانبردار بڻجان. ۽ (مون کي حڪم مليل آهي ته) مشرڪن منجهان هرگز نه ٿيان.
— عبدالمؤمن ميمڻقُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْـمٍ 15
تون چئه: مان، ڪيئن خدا جي نافرماني ڪريان؟ مان ته ان ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو جيڪو (ايندڙ ڏهاڙن ۾) تمام وڏو ڏينهن آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻمَنْ يُّصْرَفْ عَنْهُ يَوْمَىِٕذٍ فَقَدْ رَحِمَهٗ ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْمُبِيْنُ 16
ان ڏينهن جنهن جي سِر تان عذاب ٽري ويو ته ان تي خدا رحم ڪيو ۽ (انسان جي لاءِ) وڏي ۾ وڏي ڪاميابي اهائي آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِنْ يَّـمْسَسْكَ اللّٰهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهٗ ٓ اِلَّا هُوَ ۭ وَاِنْ يَّـمْسَسْكَ بِـخَيْرٍ فَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 17
۽ (اي انسان!) جيڪڏهن خدا توکي نقصان رسائي ته الله کانسواءِ اهو نقصان ٽارڻ وارو ڪوئي ڪونهي ۽ جيڪڏهن هو توسان چڱائي ڪري ته (ان کي ڪير ٿو روڪي سگهي؟) هو هر ڳالهه تي وس وارو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَهُوَ الْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِهٖ ۭ وَهُوَ الْـحَكِـيْمُ الْـخَبِيْرُ 18
۽ اهوئي آهي جيڪو پنهنجن سمورن بندن تي غلبو (ڪنٽرول) رکڻ وارو آهي. ۽ اهوئي آهي: حڪمت ڀريو ۽ خبر رکندڙ.
— عبدالمؤمن ميمڻقُلْ اَيُّ شَيْءٍ اَكْبَرُ شَهَادَةً ۭ قُلِ اللّٰهُ ڐ شَهِيْدٌۢ بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۣ وَاُوْحِيَ اِلَيَّ هٰذَا الْقُرْاٰنُ لِاُنْذِرَكُمْ بِهٖ وَمَنْۢ بَلَغَ ۭ اَىِٕنَّكُمْ لَتَشْهَدُوْنَ اَنَّ مَعَ اللّٰهِ اٰلِهَةً اُخْرٰي ۭ قُلْ لَّآ اَشْهَدُ ۚ قُلْ اِنَّـمَا هُوَ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ وَّاِنَّنِيْ بَرِيْۗءٌ مِّـمَّا تُشْرِكُوْنَ ۘ19
(اي پيغمبر! تون کانئن) پڇ: ڪهڙي شيءِ آهي جنهن جي گواهي سڀ کان وڏي گواهي ٿي؟ تون چئه: (الله جي گواهي سڀ کان وڏي گواهي آهي) الله منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ گواهه آهي. هن مون تي هي قرآن وحي ڪيو ته جيئن ان جي ذريعي توهان کي ۽ انهن کي- جن تائين ان جي تعليم پهچي وڃي (انڪار۽ بڇڙاين جي نتيجن کان) خبردار ڪريان. (هاڻي ٻڌايو ته توهان جو ڇا چوڻ آهي؟) ڇا توهين گواهي ڏيو ٿا ته خدا سان گڏ ٻيا معبود به شريڪ آهن؟ (اي پيغمبر!) تون چئه: (جيڪڏهن توهان جي گواهي اهائي آهي ته ٻڌي ڇڏيو!) مان اهڙي گواهي نه ٿو ڏيان. منهنجي گواهي اها آهي ته معبود ته صرف اهوئي واحد (الله) آهي، ڪوئي به ان سان شريڪ ڪونهي، جو توهين ساڻس شرڪ ڪريو ٿا، مان اهڙي شريڪ کان بيزار آهيان. (تنهنڪري هاڻي هڪ گواهي توهان جي ٿي- هڪ منهنجي ۽ فيصلو خدا جي هٿ وس آهي).
— عبدالمؤمن ميمڻاَلَّذِيْنَ اٰتَيْنٰهُمُ الْكِتٰبَ يَعْرِفُوْنَهٗ كَـمَا يَعْرِفُوْنَ اَبْنَاۗءَهُمْ ۘ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ۧ20
جن ماڻهن کي اسين ڪتاب ڏنو آهي (يعني يهودي ۽ عيسائي- اهي حقيقت کان بي خبر ناهن). اهي پيغمبر (حضرت محمد ﷺ) جي سچائي اهڙي سڃاڻي ويا آهن جهڙو پنهنجي اولاد کي سڃاڻندا آهن (جو سندي اولاد بابت کين ڪنهن به قسم جو ڪو شڪ شبهو ناهي هوندو ،پر) جن ماڻهن (پنهنجي هٿن سان) پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهي ڪڏهن به يقين ڪونه ڪندا.
— عبدالمؤمن ميمڻ