059 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 24 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 1
جيڪو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سي سڀ الله جي تسبيح ڪري رهيا آهن ۽ الله ئي غالب ۽ وڏيءَ حڪمت وارو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻهُوَ الَّذِيْٓ اَخْرَجَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ مِنْ دِيَارِهِمْ لِاَوَّلِ الْحَشْرِ ڼ مَا ظَنَنْتُمْ اَنْ يَّخْرُجُوْا وَظَنُّوْٓا اَنَّهُمْ مَّانِعَتُهُمْ حُصُوْنُهُمْ مِّنَ اللّٰهِ فَاَتٰىهُمُ اللّٰهُ مِنْ حَيْثُ لَمْ يَحْتَسِبُوْا ۤ وَقَذَفَ فِيْ قُلُوْبِهِمُ الرُّعْبَ يُخْرِبُوْنَ بُيُوْتَهُمْ بِاَيْدِيْهِمْ وَاَيْدِي الْمُؤْمِنِيْنَ ۤ فَاعْتَبِرُوْا يٰٓاُولِي الْاَبْصَارِ 2
اهوئي (قوت ۽ غلبي جو مالڪ الله) آهي- جنهن اهلِ ڪتاب جي ان جماعت کي، جيڪا (الله جي انتقام جي) منڪر ٿي چڪي هئي، سندن گهرن مان مسلمانن جي پهرئين ئي ويڙهه (۽ حملي) ۾ ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين. مسلمانن اهو سمجهيو هيو ته نه نڪرندا- کين به گمان هيو ته سندن قلعا خدا (جي عذاب) کان بچائي وٺندا- نيٺ اهڙي انداز سان الله جو ڏمر مٿن نازل ٿيو جنهن جو کين وهم گمان به نه هيو، انهن جي دلين تي دهشت طاري ٿي وئي، پنهنجن گهرن کي پاڻ ئي پنهنجن ۽ مؤمنن جي هٿن سان ويران ڪرڻ لڳا. جن ماڻهن کي اکيون هجن، انهن کي ان واقعي مان سبق سکڻ گهرجي!
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَوْلَآ اَنْ كَتَبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمُ الْجَلَاۗءَ لَعَذَّبَهُمْ فِي الدُّنْيَا ۭ وَلَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ عَذَابُ النَّارِ 3
خدا، جيڪڏهن انهن ماڻهن جي قسمت ۾ جلاوطني نه لکي هجي ها ته دنيا ۾ انهن کي (ٻئي قسم جو) عذاب ڏئي ها. ۽ آخرت ۾ ته انهن جي لاءِ باهه جو عذاب آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ شَاۗقُّوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۚ وَمَنْ يُّشَاۗقِّ اللّٰهَ فَاِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 4
سبب اهو آهي ته انهن خدا ۽ رسول جي تعليم کان منهن موڙي (مخالفت لاءِ سندرو ٻَڌي) ڇڏيو. ۽ جيڪو (خدا جي نظام جي مخالفت ۾) ائين ڪندو هجي ته ان کي يقين ڪرڻ کپي ته خدا جو عذاب نهايت سخت آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻمَا قَطَعْتُمْ مِّنْ لِّيْنَةٍ اَوْ تَرَكْتُمُوْهَا قَاۗىِٕمَةً عَلٰٓي اُصُوْلِهَا فَبِاِذْنِ اللّٰهِ وَلِيُخْزِيَ الْفٰسِقِيْنَ 5
(اي مسلمانؤ!) جن کجين جي وڻن کي توهان وڍي ڇڏيو، يا جن کي پاڙؤن بيهڻ ڏنوَ، ته اهو سڀ الله جي ئي امر سان ٿيو ۽ (ان لاءِ ٿيو) ته جيئن الله فاسقن کي ذليل ۽ خوار ڪري.
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَآ اَفَاۗءَ اللّٰهُ عَلٰي رَسُوْلِهٖ مِنْهُمْ فَـمَآ اَوْجَفْتُمْ عَلَيْهِ مِنْ خَيْلٍ وَّلَا رِكَابٍ وَّلٰكِنَّ اللّٰهَ يُسَلِّــطُ رُسُلَهٗ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 6
انهن جا جيڪي مال، الله پنهنجي رسول کي ‘فَي’ طور عطا ڪيا (يعني بنا جنگ جي جيڪي مال کين ڏياريا) ته انهن تي توهان نه ڪي گهوڙا ڊوڙايا نه ڪي اٺ. بلڪه الله جن تي چاهيندو آهي، پنهنجن پيغمبرن کي مسلط ڪري ڇڏيندو آهي ۽ الله هر شيءِ تي پورو وس رکي ٿو.
— عبدالمؤمن ميمڻمَآ اَفَاۗءَ اللّٰهُ عَلٰي رَسُوْلِهٖ مِنْ اَهْلِ الْقُرٰى فَلِلّٰهِ وَ لِلرَّسُوْلِ وَ لِذِي الْقُرْبٰى وَالْيَـتٰمٰى وَالْمَسٰكِيْنِ وَابْنِ السَّبِيْلِ ۙ كَيْ لَا يَكُوْنَ دُوْلَةًۢ بَيْنَ الْاَغْنِيَاۗءِ مِنْكُمْ ۭ وَمَآ اٰتٰىكُمُ الرَّسُوْلُ فَخُذُوْهُ ۤ وَمَا نَهٰىكُمْ عَنْهُ فَانْتَهُوْا ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 7ۘ
جيڪو ڪجهه الله، انهن ڳوٺن جي ماڻهن کان پنهنجي رسول کي ‘بنا جنگ جوٽڻ جي مال ڏياري اهو، الله ۽ رسول ۽ (رسول جي) رشتيدارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن جي لاءِ آهي ته جيئن اهو مال توهان مان آسودن ماڻهن جي ئي درميان گردش نه ڪندو رهي ۽ الله جورسول توهان کي جنهن شيءِ جو حڪم ڏئي، اهو قبول ڪريو. ۽ جنهن شيءِ کان روڪي ان کان رڪجي وڃو ۽ الله (جي عذاب) کان ڊڄندا رهو- بي شڪ! خدا، (دولت کي گڏ ڪري پاڻ تائين محدود رکڻ وارن کي) سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻلِلْفُقَرَاۗءِ الْمُهٰجِرِيْنَ الَّذِيْنَ اُخْرِجُوْا مِنْ دِيَارِهِمْ وَاَمْوَالِهِمْ يَبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَرِضْوَانًا وَّيَنْصُرُوْنَ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصّٰدِقُوْنَ 8ۚ
(پڻ انهن ‘فَيءِ’ جي مالن ۾) انهن فقيرن، مهاجرن جو به حق آهي جيڪي پنهنجن گهرن ۽ ملڪيت کان ٻاهر ڪڍيا ويا، اهي الله جي فضل ۽ رضامندي جا طلبگار آهن. ۽ الله ۽ ان جي رسول جي حمايت ۾ لڳا رهندا آهن. اهي ئي ماڻهو حقيقي سچار آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَالَّذِيْنَ تَبَوَّؤُ الدَّارَ وَالْاِيْـمَانَ مِنْ قَبْلِهِمْ يُـحِبُّوْنَ مَنْ هَاجَرَ اِلَيْهِمْ وَلَا يَجِدُوْنَ فِيْ صُدُوْرِهِمْ حَاجَةً مِّمَّآ اُوْتُوْا وَيُؤْثِرُوْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِهِمْ وَلَوْ كَانَ بِهِمْ خَصَاصَةٌ ڵ وَمَنْ يُّوْقَ شُحَّ نَفْسِهٖ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 9ۚ
۽ (فَیءِ جي مالن جا اهي انصار به حقدار آهن) جيڪي انهن مهاجرن کان پهريان دارالهجرت (يعني مديني) ۾ رهائش پذير آهن- اهي پاڻ وٽ هجرت ڪري آيلن سان محبت به ڪن ٿا. ۽ مهاجرن کي جيڪو ڪجهه ڏنو وڃي ٿو، ان سان سندن دل ۾ ڪائي به ڪدورت پيدا نه ٿي ٿئي ۽ مهاجرن کي، پاڻ تي ترجيح ڏين ٿا-کڻي پاڻ کي ضرورت ڇو نه هجين! ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي طبعي بخل ۽ حرص کان بچايا ويا ته اهڙا ئي ماڻهو ڪامياب آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَالَّذِيْنَ جَاۗءُوْ مِنْۢ بَعْدِهِمْ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَا اغْفِرْ لَنَا وَلِاِخْوَانِنَا الَّذِيْنَ سَبَقُوْنَا بِالْاِيْـمَانِ وَلَا تَجْعَلْ فِيْ قُلُوْبِنَا غِلًّا لِّلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا رَبَّنَآ اِنَّكَ رَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ ۧ10
۽ (‘فيءِ’ جي مالن ۾ انهن ماڻهن جوبه حق آهي) جيڪي انهن (مهاجرن ۽ انصارن) کانپوءِ آيا آهن، جيڪي چون ٿا ته اي اسان جا رب! اسان کي ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي بخشي ڇڏ جن اسان کان پهريان ايمان آندو آهي ۽ اسان جي دلين ۾ مؤمنن جي لاءِ ڪدورت ۽ ڪينو پيدا ٿيڻ نه ڏي، اي اسان جا پالڻهار! تون وڏو شفقت ڪندڙ نهايت مهربان آهين.
— عبدالمؤمن ميمڻاَلَمْ تَرَ اِلَى الَّذِيْنَ نَافَقُوْا يَقُوْلُوْنَ لِاِخْوَانِهِمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ لَىِٕنْ اُخْرِجْتُمْ لَنَخْرُجَنَّ مَعَكُمْ وَلَا نُطِيْعُ فِيْكُمْ اَحَدًا اَبَدًا ۙ وَّاِنْ قُوْتِلْتُمْ لَنَنْصُرَنَّكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَشْهَدُ اِنَّهُمْ لَكٰذِبُوْنَ 11
(اي نبي!) ڇا تو انهن ماڻهن کي ناهي ڏٺو جن منافقت اپنائي آهي منافق پنهنجن ڀائرن (يعني) اهل ڪتاب جي ڪافرن کي چون ٿا؛ جيڪڏهن توهين جلا وطن ڪيا ويؤ ته يقينا اسين به توهان سان گڏجي نڪرنداسين ۽ اسين توهان بابت ڪڏهن به ڪنهن جوبه چيو نه مڃينداسين ۽ جيڪڏهن توهان سان جنگ جوٽي وئي ته اسين توهان جي مدد ڪنداسين- پر الله گواهي ٿو ڏئي ته اهي ماڻهو نسورا ڪوڙا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻلَىِٕنْ اُخْرِجُوْا لَا يَخْرُجُوْنَ مَعَهُمْ ۚ وَلَىِٕنْ قُوْتِلُوْا لَا يَنْصُرُوْنَهُمْ ۚ وَلَىِٕنْ نَّصَرُوْهُمْ لَيُوَلُّنَّ الْاَدْبَارَ ۣ ثُـمَّ لَا يُنْصَرُوْنَ 12
جيڪڏهن اهلِ ڪتاب (مديني مان) ڪڍيا ويا ته منافق انهن سان گڏجي هرگز نه نڪرندا. ۽ اهلِ ڪتاب سان جنگ ڇڙي وئي ته اهي انهن جي مدد به نه ڪندا. ۽جيڪڏهن فرض ڪريو انهن جي مدد ڪندا به ته پٺي ڏئي ڀڄي ويندا، پوءِ ڪٿان به ڪائي مدد نه لهندا.
— عبدالمؤمن ميمڻلَاَانْتُمْ اَشَدُّ رَهْبَةً فِيْ صُدُوْرِهِمْ مِّنَ اللّٰهِ ۭ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَفْقَهُوْنَ 13
انهن منافقن جي دلين ۾ الله جي خوف کان وڌيڪ توهان جو خوف آهي- ڇاڪاڻ جو اهي سمجهه نه ٿا رکن.
— عبدالمؤمن ميمڻلَا يُقَاتِلُوْنَكُمْ جَمِيْعًا اِلَّا فِيْ قُرًى مُّحَصَّنَةٍ اَوْ مِنْ وَّرَاۗءِ جُدُرٍ ۭ بَاْسُهُمْ بَيْنَهُمْ شَدِيْدٌ ۭ تَحْسَبُهُمْ جَمِيْعًا وَّقُلُوْبُهُمْ شَتّٰى ۭ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْقِلُوْنَ ۚ14
اهي سڀ ملي ڪري به توهان سان (ٻاهر ميدان تي) وڙهي نه ٿا سگهن، سواءِ ان جي ته محفوظ قلعن يا مورچن جي پويان هجن. انهن جي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان سخت مخالفت آهي، تون کين (بظاهر) متحد ڏسندين حالانڪه انهن جون دليون (هڪ ٻئي کان) ڦِريل آهن انهن جي اها حالت ان ڪري آهي جو هو بي عقل ماڻهو آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻكَمَثَلِ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ قَرِيْبًا ذَاقُوْا وَبَالَ اَمْرِهِمْ ۚ وَلَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ ۚ15
منافق انهن ماڻهن وانگر آهن جيڪي کانئن ٿورو وقت اڳ ئي پنهنجي ڪيتي جي لوڙ لوڙي چڪا آهن، (آخرت ۾) انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻكَمَثَلِ الشَّيْطٰنِ اِذْ قَالَ لِلْاِنْسَانِ اكْفُرْ ۚ فَلَمَّا كَفَرَ قَالَ اِنِّىْ بَرِيْۗءٌ مِّنْكَ اِنِّىْٓ اَخَافُ اللّٰهَ رَبَّ الْعٰلَمِيْنَ 16
منافقن جو مثال شيطان وانگر آهي جنهن انسان کي چيو ته ڪفر ڪر جڏهن انسان ڪفر ڪيو ته (پوءِ هو الڳ ٿي ويو ۽) چوڻ لڳو؛ منهنجو ان ڪم سان ڪوئي واسطو ڪونهي مان تنهنجي ڪفر کان بلڪل بيزار آهيان مان جهانن جي پالڻهار کان ڊڄان ٿو!
— عبدالمؤمن ميمڻفَكَانَ عَاقِبَتَهُمَآ اَنَّهُمَا فِي النَّارِ خَالِدَيْنِ فِيْهَا ۭ وَذٰلِكَ جَزٰۗؤُا الظّٰلِمِيْنَ ۧ17
پوءِ ٻنهي جو انجام اهو آهي ته اهي ٻئي هميشه لاءِ باهه ۾ پوندا ۽ ظالمن جي اهائي سزا آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَلْتَنْظُرْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ لِغَدٍ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ 18
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ هر شخص کي گهرجي ته- ڏسي ته هن سڀاڻي لاءِ اڳتي ڇا موڪليو آهي؟ ۽ الله (جي عذاب) کان ڊڄندا رهو. يقينا الله توهان جي سمورن عملن کان باخبر آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَا تَكُوْنُوْا كَالَّذِيْنَ نَسُوا اللّٰهَ فَاَنْسٰـىهُمْ اَنْفُسَهُمْ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ 19
۽ انهن ماڻهن وانگر نه ٿيو جن الله کي وساري ڇڏيو، نتيجو اهو نڪتو جو اُهي پنهنجو پاڻ کان ئي غافل ٿي ويا، اهي ئي ماڻهو نافرمان ۽ بدڪار آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻلَا يَسْتَوِيْٓ اَصْـحٰبُ النَّارِ وَاَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ ۭ اَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ 20
اصحابِ جنت ۽ اصحابِ دوزخ (پنهنجن نتيجن ۽ عملن ۾) برابر ٿي نه ٿا سگهن، ڪامياب ماڻهو اهي آهن جيڪي اصحابِ جنت آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻ