054 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 55 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
اِقْتَرَبَتِ السَّاعَةُ وَانْشَقَّ الْقَمَرُ 1
قيامت ويجهي اچي چڪي ۽ چنڊ چيرجي پيو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِنْ يَّرَوْا اٰيَةً يُّعْرِضُوْا وَيَقُوْلُوْا سِحْرٌ مُّسْتَمِرٌّ 2
۽ (ڪافرن جي اها حالت آهي جو) ڀلي ڪهڙو به معجزو ڏسن ان کان منهن مٽي ٿا ڇڏين ۽ چون ٿا؛ اهو ته هڪ هلندو ايندڙ جادو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَكَذَّبُوْا وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ وَكُلُّ اَمْرٍ مُّسْتَقِرٌّ 3
۽ هنن ڪوڙو چيو ۽ نفساني خواهشن جي ڪڍ لڳا ۽ هر معاملي جي هڪ حد آهي جتي آخرڪار اچي دنگ ڪندو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَقَدْ جَاۗءَهُمْ مِّنَ الْاَنْۢبَاۗءِ مَا فِيْهِ مُزْدَجَرٌ 4ۙ
۽ انهن جي آڏو (آڳاٽين قومن جا) اهي واقعا اچي چڪا آهن جو انهن ۾ (نافرمانيءَ کان روڪڻ جي لاءِ) ڪافي تنبيهه
— عبدالمؤمن ميمڻحِكْمَةٌۢ بَالِغَةٌ فَـمَا تُغْنِ النُّذُرُ 5ۙ
۽ اعلى درجي جي حڪمت موجود آهي پر انهن تي تنبيهون اثر نه ڇڏي سگهيون.
— عبدالمؤمن ميمڻفَتَوَلَّ عَنْهُمْ ۘ يَوْمَ يَدْعُ الدَّاعِ اِلٰى شَيْءٍ نُّكُرٍ 6ۙ
تنهنڪري (اي نبي!) کانئن ٽارو ڪر. جنهن ڏينهن سڏيندڙ هڪ اڻ وڻندڙ شيءِ ڏانهن سڏيندو.
— عبدالمؤمن ميمڻخُشَّعًا اَبْصَارُهُمْ يَخْرُجُوْنَ مِنَ الْاَجْدَاثِ كَاَنَّهُمْ جَرَادٌ مُّنْتَشِرٌ 7ۙ
ماڻهو جهڪيل نظرن سان قبرن مان ائين نڪرندا جهڙوڪر ٽڙيل پکڙيل ماڪڙ هجن.
— عبدالمؤمن ميمڻمُّهْطِعِيْنَ اِلَى الدَّاعِ ۭ يَقُوْلُ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا يَوْمٌ عَسِرٌ 8
اهي سڏيندڙ ڏانهن ڊوڙي رهيا هوندا. ڪافر چئي رهيا هوندا؛ هي ته ڪو ڏاڍو اڻائو ڏينهن آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ فَكَذَّبُوْا عَبْدَنَا وَقَالُوْا مَجْنُوْنٌ وَّازْدُجِرَ 9
انهن کان پهريان نوح جي قوم (قيامت کي) ڪوڙو چئي چڪي آهي. پوءِ انهن اسان جي ٻانهي (نوح) کي ڪوڙو چيو ۽ چيائون ته هي چرياڻ آهي ۽ کيس وڏي ڌمڪي ڏني وئي.
— عبدالمؤمن ميمڻفَدَعَا رَبَّهٗ ٓ اَنِّىْ مَغْلُوْبٌ فَانْتَصِرْ 10
نيٺ نوح رب کي پڪاريو ته؛ مان مغلوب ٿي چڪس هاڻي تون کانئن ڪا منهنجي واهر ڪر!
— عبدالمؤمن ميمڻفَفَتَحْنَآ اَبْوَابَ السَّمَاۗءِ بِـمَاۗءٍ مُّنْهَمِرٍ ڮ 11
پوءِ اسين ڌڌڪا ڪري وسندڙ مينهن سان آسمان جا دروازا کولي ڇڏيا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَّفَجَّــرْنَا الْاَرْضَ عُيُوْنًا فَالْتَقَى الْمَاۗءُ عَلٰٓي اَمْرٍ قَدْ قُدِرَ ۚ12
۽ زمين ڦاڙي ان مان چشمن جا واهڙ وهائي ڇڏيا سون، آخر جيڪو اندازو مقرر ٿيو هيو ان جي مطابق زمين ۽ آسمان جا پاڻي اچي پاڻ ۾ ملي ويا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَحَمَلْنٰهُ عَلٰي ذَاتِ اَلْوَاحٍ وَّدُسُرٍۙ13
۽ اسان نوح کي، تختن ۽ ڪوڪن سان ٺهيل ٻيڙي تي سوار ڪيو-
— عبدالمؤمن ميمڻتَـجْرِيْ بِاَعْيُنِنَا ۚ جَزَاۗءً لِّمَنْ كَانَ كُفِرَ 14
جيڪو اسان جي حفاظت ۽ نگرانيءَ ۾ پئي هليو- اهو سڀ ڪجهه ان شخص جو بدلو وٺڻ لاءِ ڪيو ويو جنهن جي بي قدري ڪئي وئي هئي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَقَدْ تَّرَكْنٰهَآ اٰيَةً فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 15
۽ اسين ان (واقعي ۽ ٻيڙي) کي هڪ نشاني بڻائي، ڇڏي ڏنو. پوءِ ڇا ڪوئي نصيحت ماڻيندڙ آهي؟
— عبدالمؤمن ميمڻفَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 16
هاڻي ڏسو ته ڪيئن هيو منهنجو عذاب ۽ ڪيئن هئي منهنجي تنبيهه!
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 17
۽ اسين قرآن کي نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ ڇا، ڪوئي نصيحت حاصل ڪندڙ آهي؟
— عبدالمؤمن ميمڻكَذَّبَتْ عَادٌ فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 18
عاد جي قوم به پيغمبرن کي ڪوڙو چيو ته ڏسو منهنجو عذاب ۽ منهنجون تنبيهون ڪيئن هيون؟
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّآ اَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْ يَوْمِ نَحْسٍ مُّسْتَمِرٍّ ۙ19
اسان مٿن دائمي نحوست جي ڏهاڙي ۾ ڏاڍي تکي هوا موڪلي-
— عبدالمؤمن ميمڻتَنْزِعُ النَّاسَ ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ مُّنْقَعِرٍ 20
جيڪا ماڻهن کي کڻي ايئن اڇلي رهي هئي ڄڻ اُهي کجيءَ جا اُکڙيل ٿُڙَ هجن.
— عبدالمؤمن ميمڻ