052 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 49 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
وَالطُّوْرِ 1ۙ
قسم آهي طور جبل جو -
— عبدالمؤمن ميمڻوَكِتٰبٍ مَّسْطُوْرٍ 2ۙ
۽ (قسم) لکيل ڪتاب جو
— عبدالمؤمن ميمڻفِيْ رَقٍّ مَّنْشُوْرٍ 3ۙ
جيڪو کليل ورقن ۾ آهي
— عبدالمؤمن ميمڻوَّالْبَيْتِ الْمَعْمُوْرِ 4ۙ
۽ آباد گهر جو قسم-
— عبدالمؤمن ميمڻوَالسَّقْفِ الْمَرْفُوْعِ 5ۙ
۽ اوچي ڇت جو قسم-
— عبدالمؤمن ميمڻوَالْبَحْرِ الْمَسْجُوْرِ 6ۙ
۽ جوش سان وهندڙ سمنڊ جو قسم-
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ لَوَاقِعٌ 7ۙ
بي شڪ! تنهنجي رب جو عذاب ضرور واقع ٿيڻو آهي-
— عبدالمؤمن ميمڻمَّا لَهٗ مِنْ دَافِعٍ 8ۙ
جنهن کي ڪوئي ٽارڻ وارو ڪونهي.
— عبدالمؤمن ميمڻيَّوْمَ تَـمُوْرُ السَّمَاۗءُ مَوْرًا 9ۙ
جڏهن آسمان زور سان ڌُڏي پوندو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَّتَسِيْرُ الْـجِبَالُ سَيْرًا ۭ10
۽ پهاڙ ڏاڍي تيزيءَ سان هلڻ لڳندا.
— عبدالمؤمن ميمڻفَوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ ۙ11
تنهنڪري تباهي آهي، ان ڏينهن- ٺڪرائيندڙن جي لاءِ!
— عبدالمؤمن ميمڻالَّذِيْنَ هُمْ فِيْ خَوْضٍ يَّلْعَبُوْنَ ۘ12
جيڪي اجائي بڪواس ۾ کيڏي رهيا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻيَوْمَ يُدَعُّوْنَ اِلٰى نَارِ جَهَنَّمَ دَعًّا ۭ13
جنهن ڏينهن منڪر ماڻهو ڌِڪا ڏئي دوزخ ڏانهن ڌوڪيا ويندا.
— عبدالمؤمن ميمڻهٰذِهِ النَّارُ الَّتِيْ كُنْتُمْ بِهَا تُكَذِّبُوْنَ 14
(کين چيو ويندو:) اها اُهائي باهه آهي جنهن کي توهين ڪوڙو چوندا هيئو.
— عبدالمؤمن ميمڻاَفَسِحْرٌ ھٰذَآ اَمْ اَنْتُمْ لَا تُبْصِرُوْنَ ۚ15
ڇا اهو جادو آهي يا توهان کي ڪجهه نظر نه ٿو اچي؟
— عبدالمؤمن ميمڻاِصْلَوْهَا فَاصْبِرُوْٓا اَوْ لَا تَصْبِرُوْا ۚ سَوَاۗءٌ عَلَيْكُمْ ۭ اِنَّـمَا تُـجْزَوْنَ مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 16
اچو ان دوزخ ۾ داخل ٿيو! هاڻي توهين صبر ڪريو يا نه ڪريو، توهان جي لاءِ ٻئي (حالتون) برابر آهن. بس توهان کي اهوئي بدلو ڏنو وڃي ٿو جهڙا توهين عمل ڪندا هيئو.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ الْمُتَّقِيْنَ فِيْ جَنّٰتٍ وَّنَعِيْمٍ ۙ17
متقي ماڻهو، بي شڪ! باغن ۽ مختلف قسم جي نعمتن ۾ هوندا.
— عبدالمؤمن ميمڻفٰكِهِيْنَ بِـمَآ اٰتٰىهُمْ رَبُّهُمْ ۚ وَوَقٰىهُمْ رَبُّهُمْ عَذَابَ الْـجَحِيْمِ 18
جيڪو ڪجهه کين سندن رب ڏنو هوندو، اهي ان ۾ خوش هوندا ۽ انهن جو رب کين دوزخ جي عذاب کان بچائي وٺندو.
— عبدالمؤمن ميمڻكُلُوْا وَاشْرَبُوْا هَنِيْۗــــًٔـــۢا بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ ۙ19
(کين چيو ويندو:) توهين انهن عملن جي بدلي ۾، جيڪي توهين ڪندا هيئو- مزي سان پيا کائو پيئو.
— عبدالمؤمن ميمڻمُتَّكِــــِٕيْنَ عَلٰي سُرُرٍ مَّصْفُوْفَةٍ ۚ وَزَوَّجْنٰهُمْ بِـحُوْرٍ عِيْنٍ 20
هو سليقي سان رکيل پلنگن تي ٽيڪ ڏنيون ويٺا هوندا ۽ اسين کين وڏين وڏين اکين واريون حورون پرڻائي ڏينداسون.
— عبدالمؤمن ميمڻ