050 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 45 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
قۗ ڗ وَالْقُرْاٰنِ الْمَجِيْدِ 1ۚ
ق- قسم آهي قرآن وڏي شان مان واري جو! (ته تون اسان جو رسول آهين)
— عبدالمؤمن ميمڻبَلْ عَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ فَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا شَيْءٌ عَـجِيْبٌ 2ۚ
بلڪه کين ان ڳالهه تي تعجب ٿيو ته وٽن منجهانئن ئي هڪڙو ڊيڄاريندڙ آيو- جنهن تي ڪافر چوڻ لڳا: اها هڪ عجيب ڳالهه آهي!
— عبدالمؤمن ميمڻءَاِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا ۚ ذٰلِكَ رَجْعٌۢ بَعِيْدٌ 3
ڇا اسين جڏهن مري وينداسين ۽ مٽي ٿي وينداسون (ته ٻيهر اٿاريا وينداسين؟) اهو (ٻيهر اٿارڻ) ته عقل کان ئي ٻاهر آهي!
— عبدالمؤمن ميمڻقَدْ عَلِمْنَا مَا تَنْقُصُ الْاَرْضُ مِنْهُمْ ۚ وَعِنْدَنَا كِتٰبٌ حَفِيْظٌ 4
(الله فرمايو:) اسين ڄاڻئون ٿا ته زمين سندن لاشن مان ڇا ٿي ڳاري ۽ اسان وٽ هڪ محفوظ دفتر آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻبَلْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ فَهُمْ فِيْٓ اَمْرٍ مَّرِيْــجٍ 5
بلڪه (اصل ڳالهه اها آهي ته) جڏهن حق وٽن آيو ته انهن ٿڏي تي ئي ان کي ٺڪرائي ڇڏيو، مطلب ته اهي ماڻهو مونجهاري ۾ آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻاَفَلَمْ يَنْظُرُوْٓا اِلَى السَّمَاۗءِ فَوْقَهُمْ كَيْفَ بَنَيْنٰهَا وَزَيَّنّٰهَا وَمَا لَهَا مِنْ فُرُوْجٍ 6
ڇا انهن ماڻهن آسمان ڏانهن نظر کڻي ناهي ڏٺو ته اسان ڪيئن ته ان کي جوڙيو آهي ۽ ڪيڏي ته اسان ان جي نظاري ۾ سونهن پيدا ڪري ڇڏي آهي- وري اهو به (ڏسو) ته آسمان ۾ ڪٿي به ڪو ڏار ڪونهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَالْاَرْضَ مَدَدْنٰهَا وَاَلْقَيْنَا فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 7ۙ
۽ اهڙيءَ طرح زمين کي ڏسو، ڪيئن ته اسان ان کي فرش وانگر وڇائي ڇڏيو ۽ منجهس پهاڙ کوڙي ڇڏياسون وري زمين ۾ ڪيڏا ته قسمين قسمين رونقدار سلا ڄماياسون؟
— عبدالمؤمن ميمڻتَبْصِرَةً وَّذِكْرٰى لِكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 8
هر ان ٻانهي جي لاءِ جيڪو حق ڏانهن ورندڙ آهي- ان ۾ غور ڪرڻ جو سامان ۽ نصيحت جي روشني آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَنَزَّلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً مُّبٰرَكًا فَاَنْۢبَتْنَا بِهٖ جَنّٰتٍ وَّحَبَّ الْـحَصِيْدِ 9ۙ
۽ (ڏسو!) آسمان مان اسان برڪت ڀريو پاڻي لاٿو، پوءِ ان مان کوڙ باغ ۽ اناج اپاياسون جنهن اناج جا فصل لڻيا وڃن ٿا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَالنَّخْلَ بٰسِقٰتٍ لَّهَا طَلْعٌ نَّضِيْدٌ ۙ10
۽ ڊگها ڊگها کجيءَ جا وڻ ڄماياسون جن جا ڇُڳا ڳُتيل آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻرِّزْقًا لِّلْعِبَادِ ۙ وَاَحْيَيْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّيْتًا ۭ كَذٰلِكَ الْـخُرُوْجُ 11
(اهو سڀ ڪجهه) بندن کي رزق ڏيڻ واسطي آهي، ۽ ان پاڻيءَ مان اسان زمين کي زندگي بخشي، اهڙيءَ طرح (مئلن جو زنده ٿي قبرن مان) نڪرڻ (به ضرور ممڪن) آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّاَصْـحٰبُ الرَّسِّ وَثَـمُوْدُ ۙ12
کانئن پهريان نوح جي قوم ۽ اصحاب الرس ۽ ثمود-
— عبدالمؤمن ميمڻوَعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ وَاِخْوَانُ لُوْطٍ ۙ13
۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جا ڀائي بند-
— عبدالمؤمن ميمڻوَّ اَصْـحٰبُ الْاَيْكَةِ وَقَوْمُ تُبَّعٍ ۭ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ وَعِيْدِ 14
۽ اَيڪه وارن ۽ تُبع (جي قوم جي ماڻهن) به حق کي ڪوڙو چيو. انهن سڀني قومن پيغمبرن کي ڪوڙو چيو آخرڪار منهنجي سزا مٿن لازم ٿي چڪي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَفَعَيِيْنَا بِالْــخَلْقِ الْاَوَّلِ ۭ بَلْ هُمْ فِيْ لَبْسٍ مِّنْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ۧ15
ڇا اسان پهريون ڀيرو پيدا ڪري ٿڪجي پيا آهيون؟ (نه!) بلڪه اهي ماڻهو نئين تخليق بابت شڪ ۾ مبتلا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ وَنَعْلَمُ مَا تُوَسْوِسُ بِهٖ نَفْسُهٗ ښ وَنَــحْنُ اَقْرَبُ اِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيْدِ 16
۽ يقيناََ انسان کي اسان پيدا ڪيو آهي ۽ ان جي دل ۾ پيدا ٿيندڙ وسوسا به اسين ڄاڻندا آهيون ۽ اسين کيس سندس ساهه واري (شهه) رڳ کان به وڌيڪ ويجها آهيون.
— عبدالمؤمن ميمڻاِذْ يَتَلَقَّى الْمُتَلَقِّيٰنِ عَنِ الْيَمِيْنِ وَعَنِ الشِّمَالِ قَعِيْدٌ 17
جڏهن ساڄي ۽ کاٻي ويٺل ٻه فرشتا دفتر ٺاهيندا رهندا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻمَا يَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ اِلَّا لَـدَيْهِ رَقِيْبٌ عَتِيْدٌ 18
(ماڻهو) جيڪو به لفظ زبان مان ڪڍندو آهي ته وٽس (سندس گفتگو نوٽ ڪرڻ جي واسطي) هڪ نگهبان (فرشتو) تيار ويٺو هوندو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَجَاۗءَتْ سَكْرَةُ الْمَوْتِ بِالْـحَقِّ ۭ ذٰلِكَ مَا كُنْتَ مِنْهُ تَـحِيْدُ 19
۽ واقعي، موت جي سختي اچي چڪي- (موت اچڻ وقت مجرم کي چئبو ته) اِهائي اها شيءِ اٿئي جنهن کان تون ڀڄندو وتندو هئين.
— عبدالمؤمن ميمڻوَنُفِخَ فِي الصُّوْرِ ۭ ذٰلِكَ يَوْمُ الْوَعِيْدِ 20
۽ صور ڦوڪي ويندي- اهوئي ڏينهن عذاب جي واعدي جو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻ