1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

005 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 120 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

5:1

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَوْفُوْا بِالْعُقُوْدِ ڛ اُحِلَّتْ لَكُمْ بَهِيْمَةُ الْاَنْعَامِ اِلَّا مَا يُتْلٰى عَلَيْكُمْ غَيْرَ مُـحِلِّي الصَّيْدِ وَاَنْتُمْ حُرُمٌ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَـحْكُمُ مَا يُرِيْدُ 1‏۝

مسلمانؤ! پنهنجا معاهدا پاڙيو، توهان جي لاءِ چوپايو مال حلال ڪيو ويو آهي (يعني انهن جو گوشت کائڻ حلال ڪيو ويو آهي). سواءِ انهن جانورن جي، جن بابت (اڳتي هلي) حڪم ٻڌايو ويندو جڏهن ته احرام جي حالت ۾ شڪار ڪرڻ حلال نه آهي. بي شڪ ! الله جيڪو چاهي ٿو، اهو حڪم ڏئي ٿو.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:2

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تُـحِلُّوْا شَعَاۗىِٕرَ اللّٰهِ وَلَا الشَّهْرَ الْـحَرَامَ وَلَا الْهَدْيَ وَلَا الْقَلَاۗىِٕدَ وَلَآ اٰۗمِّيْنَ الْبَيْتَ الْـحَرَامَ يَبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنْ رَّبِّهِمْ وَرِضْوَانًا ۭ وَاِذَا حَلَلْتُمْ فَاصْطَادُوْا ۭ وَلَا يَـجْرِمَنَّكُمْ شَـنَاٰنُ قَوْمٍ اَنْ صَدُّوْكُمْ عَنِ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ اَنْ تَعْتَدُوْا ۘ وَتَعَاوَنُوْا عَلَي الْبِرِّ وَالتَّقْوٰى ۠ وَلَا تَعَاوَنُوْا عَلَي الْاِثْـمِ وَالْعُدْوَانِ ۠ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 2‏۝

مسلمانؤ! خدا جي شعائر جي (يعني خدا پرستيءَ جي مقرر ڪيل ماڳ مڪانن ۽ رسمن جي) بي حرمتي نه ڪريو ۽ نه ڪي انهن مهينن جي بي حرمتي ڪريو، جيڪي حرمت جا مهينا آهن ۽ نه ڪي (حج جي) قربانيءَ جي، نه ڪي انهن جانورن جي جن جي گردنن ۾ (علامت طور) پٽا وجهجن ٿا (۽ ڪعبي تي نذر ڪرڻ جي لاءِ پري پري کان آندا وڃن ٿا). پڻ انهن ماڻهن جي به بي حرمتي نه ڪريو (يعني انهن جي راهه ۾ رڪاوٽ نه وجهو ۽ کين ڪنهن به قسم جو نقصان به نه پهچايو-) جيڪي بيت الحرام (يعني ڪعبي) جو ارادو ڪن ٿا ۽ پنهنجي پالڻهار جو فضل ۽ ان جي رضا جي تلاش ڪن ٿا. ۽ جڏهن توهين، احرام جي حالت مان نڪري اچو (يعني حج ۽ عمري کان فارغ ٿي احرام لاهي ڇڏيو) ته پوءِ شڪار ڪري سگهو ٿا. ۽ ايئن نه ٿئي جو ڪنهن ٽولي جي دشمني، توهان کي زيادتي ڪرڻ تي ڀڙڪائي وجهي، ڇاڪاڻ جو هنن توهان کي مسجد الحرام کان روڪي ڇڏيو هيو. توهان نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جي هر ڳالهه ۾ هڪ ٻئي جا مددگار ٿيو، گناهه ۽ ظلم ۾ هڪ ٻئي جا مددگار نه ٿيو. ۽ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو. يقيناَ هو، (برن عملن جي سزا ڏيڻ ۾) سخت آهي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:3

حُرِّمَتْ عَلَيْكُمُ الْمَيْتَةُ وَالدَّمُ وَلَـحْمُ الْـخِنْزِيْرِ وَمَآ اُهِلَّ لِغَيْرِ اللّٰهِ بِهٖ وَالْمُنْخَنِقَةُ وَالْمَوْقُوْذَةُ وَالْمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطِيْحَةُ وَمَآ اَ كَلَ السَّبُعُ اِلَّا مَا ذَكَّيْتُمْ ۣ وَمَا ذُبِــحَ عَلَي النُّصُبِ وَاَنْ تَسْـتَقْسِمُوْا بِالْاَزْلَامِ ۭ ذٰلِكُمْ فِسْقٌ ۭ اَلْيَوْمَ يَىِٕسَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ دِيْنِكُمْ فَلَا تَـخْشَوْهُمْ وَاخْشَوْنِ ۭ اَلْيَوْمَ اَكْـمَلْتُ لَكُمْ دِيْنَكُمْ وَاَتْـمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِيْ وَرَضِيْتُ لَكُمُ الْاِسْلَامَ دِيْنًا ۭ فَـمَنِ اضْطُرَّ فِيْ مَـخْمَصَةٍ غَيْرَ مُتَجَانِفٍ لِّاِثْـمٍ ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 3‏۝

(مسلمانؤ!) توهان تي (هي شيون-) حرام ڪيون ويون آهن: مئل جانور جو رتُ، سوئر جو گوشت، اهو (جانور) جيڪو غير الله جي نالي ڪيو ويو هجي، گهٽو ڏئي ماريل، ڌڪ هڻي ماريل، اهو جيڪو مٿان کان هيٺ ڪري مري وڃي، اهو جيڪو ڪنهن ٻئي جانور جي سِڱ يا ٽڪر لڳڻ جي ڪري مري وڃي، اهو جنهن کي درندو چيري کائي، ها، باقي! اهو جانور (حرام ناهي) جنهن کي توهين (ان جي مرڻ کان پهريان) ذبح ڪري وٺو. ۽ اهو جانور به حرام آهي، جيڪو آستانن تي ذبح ڪيو وڃي (يعني اهڙين جاين تي ذبح ڪيو وڃي جيڪي جايون بت پرستن، نذر نياز جي لاءِ مختص ڪري ڇڏيون هجن) ۽ اها ڳالهه به (توهان جي لاءِ حرام ڪئي وئي آهي) ته (ڪنهن جانور جو گوشت يا ڪا ٻي شيءِ، جوئا طور) تيرن جي ڦار سان پاڻ ۾ تقسيم ڪريو (جيئن عرب جا مشرڪ ڪندا هيا) اهي گناهه آهن. (مسلمانؤ!) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي هئي، اهي اڄ توهان جي دين کان مايوس ٿي چڪا آهن (جو توهين، حق جي واٽ ڇڏي انهن جو طريقو اپنائڻ لاءِ تيار نه آهيو). تنهنڪري انهن کان نه ڊڄو، مون کان ڊڄو (۽ منهنجي حڪم جي پيروڪاري ڪريو) اڄ، مون توهان جي لاءِ-توهان جو دين مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي نعمت، توهان تي پوري ڪري ڇڏي ۽ توهان جي لاءِ دين اسلام پسند ڪري ڇڏيو. تنهنڪري جيڪو بک وگهي صفا لاچار هجي، (۽ ڄاڻي ٻُجهي) گناهه ڪرڻ جو ارادو نه هجيس (ته ان صورت ۾ ڪا حرام شيءِ واپرائي) ته الله بخشڻهار- نهايت مهربان آهي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:4

يَسْـــَٔلُوْنَكَ مَاذَآ اُحِلَّ لَهُمْ ۭ قُلْ اُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ ۙ وَمَا عَلَّمْتُمْ مِّنَ الْـجَوَارِحِ مُكَلِّبِيْنَ تُعَلِّمُوْنَهُنَّ مِـمَّا عَلَّمَكُمُ اللّٰهُ ۡ فَكُلُوْا مِـمَّآ اَمْسَكْنَ عَلَيْكُمْ وَاذْكُرُوا اسْـمَ اللّٰهِ عَلَيْهِ ۠ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 4‏۝

(اي پيغمبر!) ماڻهو توکان پڇن ٿا: ڪهڙيون شيون سندن لاءِ حلال آهن؟ تون چئه: جيتريون به پاڪيزه شيون آهن، سڀ توهان جي لاءِ حلال ڪيون ويون آهن (يعني اهي شيون جيڪي صحت لاءِ نقصانڪار نه آهن). ۽ شڪاري جانور- جيڪو توهين شڪار جي لاءِ ڌاريو آهي ۽ (شڪار جو طريقو) جيڪو خدا توهان کي سيکاريو آهي (يعني خدا جي پاران مليل عقل ۽ ذهانت سان، توهين اهو طريقو سکي ورتو آهي) انهن (ڌاريل جانورن) کي سيکاريوَ ته اهي جيڪو (شڪار پڪڙين ۽) توهان جي لاءِ سنڀالي رکن ته توهين اهو (بي اُلڪا ٿي) کائي سگهو ٿا، ۽ (شڪاري جانور کي شڪار تي موڪلڻ وقت) الله جو نانءُ وٺندا ڪريو (جيئن ذبح ڪرڻ وقت وٺندا آهيو) ۽ (هر حال ۾) الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄندا رهو. (ياد رکو!) الله، (عملن جو) حساب چڪائڻ ۾ تمام تڪڙو آهي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:5

اَلْيَوْمَ اُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ ۭ وَطَعَامُ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ حِلٌّ لَّكُمْ ۠ وَطَعَامُكُمْ حِلٌّ لَّهُمْ ۡ وَالْمُحْصَنٰتُ مِنَ الْمُؤْمِنٰتِ وَالْمُحْصَنٰتُ مِنَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ مِنْ قَبْلِكُمْ اِذَآ اٰتَيْتُمُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ مُـحْصِنِيْنَ غَيْرَ مُسٰفِحِيْنَ وَلَا مُتَّخِذِيْٓ اَخْدَانٍ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِالْاِيْـمَانِ فَقَدْ حَبِطَ عَمَلُهٗ ۡ وَهُوَ فِي الْاٰخِرَةِ مِنَ الْـخٰسِرِيْنَ 5‏۝ۧ

اڄ ! (جڏهن دينِ حق مڪمل پڌرو ۽ ظاهر ٿي چڪو آهي) سڀ سٺيون شيون توهان تي حلال ڪيون ويون (جيڪي اجايون پابنديون، ماڻهن پاڻ تي مڙهي رکيون هيون، سڀ ختم ٿي چڪيون) اهلِ ڪتاب جو کاڌو توهان جي لاءِ حلال آهي ۽ توهان جو کاڌو انهن جي لاءِ حلال آهي. پڻ توهان جي لاءِ، مسلمان زالون ۽ اهلِ ڪتاب جون عورتون حلال آهن-بشرطيڪه انهن جا حق- مهر انهن جي حوالي ڪريو ۽ مقصد اهلِ ڪتاب جي عورتن کي نڪاح ۾ آڻڻ هجي. بدڪاري ۽ بدچاليءَ (شهوت پرستيءَ) جي نيت نه هجي ۽ (ياد رکو!) جيڪو ايمان کان انڪاري ٿيو ته ان جا سمورا عمل چَٽُ ٿي چڪا ۽ آخرت ۾ ان جو ٺڪاڻو خساري وارن ۾ هوندو.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:6

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا قُـمْتُمْ اِلَى الصَّلٰوةِ فَاغْسِلُوْا وُجُوْهَكُمْ وَاَيْدِيَكُمْ اِلَى الْمَرَافِقِ وَامْسَحُوْا بِرُءُوْسِكُمْ وَاَرْجُلَكُمْ اِلَى الْكَعْبَيْنِ ۭ وَاِنْ كُنْتُمْ جُنُبًا فَاطَّهَّرُوْا ۭ وَاِنْ كُنْتُمْ مَّرْضٰٓى اَوْ عَلٰي سَفَرٍ اَوْ جَاۗءَ اَحَدٌ مِّنْكُمْ مِّنَ الْغَاۗىِٕطِ اَوْ لٰمَسْتُمُ النِّسَاۗءَ فَلَمْ تَـجِدُوْا مَاۗءً فَتَيَمَّمُوْا صَعِيْدًا طَيِّبًا فَامْسَحُوْا بِوُجُوْهِكُمْ وَاَيْدِيْكُمْ مِّنْهُ ۭ مَا يُرِيْدُ اللّٰهُ لِيَجْعَلَ عَلَيْكُمْ مِّنْ حَرَجٍ وَّلٰكِنْ يُّرِيْدُ لِيُطَهِّرَكُمْ وَلِيُتِمَّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ 6‏۝

مسلمانؤ! جڏهن توهين نماز جو ارادو ڪريو ته پنهنجو منهن ۽ هٿ، ٺونٺين تائين ڌوئيندا ڪريو ۽ مٿي جو مَکُ ڪريو، پڻ پنهنجا ٻه پير ڀيڏين تائين ڌوئو. جيڪڏهن غسل جي حاجت هجي ته (وهنجي) پاڪ ۽ صاف ٿي وڃو. جيڪڏهن توهين بيمار آهيو (۽ پاڻيءَ جو استعمال هاڃيڪار ٿا سمجهو) يا سفر ۾ آهيو (۽ پاڻي اڻ لڀ آهي) يا توهان منجهان، ڪو پنهنجي (فطري) حاجت پوري ڪري آيو هجي يا توهين عورت کي ڇهيو هجي ۽ پاڻي ميسر نه هجي ته اهڙيءَ حالت ۾ گهرجي ته (وضوءَ جي بدران) پاڪ مٽيءَ مان ڪم وٺو ۽ (ان جو طريقو اهو آهي ته) پنهنجي منهن ۽ هٿن تي ان سان مسح ڪريو. الله نه ٿو چاهي ته توهان کي تنگيءَ ۾ وجهي، بلڪه چاهي ٿو ته توهان کي پاڪ ۽ صاف رکي. الله اهو به چاهي ٿو ته توهان کي هڪ سنجيده جماعت بڻائي توهان تي پنهنجي نعمت (هدايت) پوري ڪري ڇڏي ته جيئن توهين شڪر گذار ٿيو (يعني الله جي نعمتن جا قدردان ٿيو)

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:7

وَاذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَمِيْثَاقَهُ الَّذِيْ وَاثَقَكُمْ بِهٖٓ ۙ اِذْ قُلْتُمْ سَـمِعْنَا وَاَطَعْنَا ۡ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 7‏۝

۽ الله، توهان تي جيڪو انعام ڪيو آهي- ان جي ياد کان غافل نه ٿيو ۽ ان جو واعدو نه وساريو-جيڪو هو توهان کان پڪي نموني وٺي چڪو آهي، جڏهن توهين (ايمان جي دعوت قبول ڪندي) چيو هيو: (اي خدا!) اسين تنهنجو فرمان ٻڌو ۽ اسين اهو قبول ڪيو. (يعني خدا سان توهين حق جي اطاعت جو واعدو ڪري چڪا آهيو) ۽ (هر حال ۾) خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄندا رهو. جيڪو ڪجهه (توهان جي) سينن ۾ لڪل هوندو آهي، هو ان کي پوريءَ طرح ڄاڻي ٿو.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:8

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا كُوْنُوْا قَوّٰمِيْنَ لِلّٰهِ شُهَدَاۗءَ بِالْقِسْطِ ۡ وَلَا يَـجْرِمَنَّكُمْ شَنَاٰنُ قَوْمٍ عَلٰٓي اَلَّا تَعْدِلُوْا ۭ اِعْدِلُوْا ۣ هُوَ اَقْرَبُ لِلتَّقْوٰى ۡ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ خَبِيْرٌۢ بِــمَا تَعْمَلُوْنَ 8‏۝

مسلمانؤ! خدا (جي سچائيءَ) جي لاءِ، ڄمي بيهڻ وارا ۽ انصاف خاطر گواهي ڏيڻ وارا ٿيو. ۽ ڪنهن ٽولي جي دشمني، توهان کي ان ڳالهه تي نه ڀڙڪائي وجهي ته (ان سان) انصاف نه ڪريو. (هر حال ۾) انصاف ڪريو- اهائي تقوى جي ويجهو ڪندڙ ڳالهه آهي. ۽ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو. توهين جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا هو ان بابت خبر رکندڙ آهي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:9

وَعَدَ اللّٰهُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ عَظِيْمٌ 9‏۝

جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون ته الله جو انهن سان واعدو آهي ته انهن جي لاءِ بخشش آهي ۽ کين تمام وڏو اجر ملندو.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:10

وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَآ اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَـحِيْـمِ ۝10

پر جن ماڻهن انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي (سرڪشي ۽ شرارت سان) ٺڪرايائون ته اهي دوزخي آهن (انهن، بخشش ۽ اجر جي بجاءِ تباهي ۽ عذاب جي واٽ پسند ڪئي)

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:11

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَتَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ هَمَّ قَوْمٌ اَنْ يَّبْسُطُوْٓا اِلَيْكُمْ اَيْدِيَهُمْ فَكَفَّ اَيْدِيَهُمْ عَنْكُمْ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ ۝ۧ11

مسلمانؤ! پنهنجي مٿان الله جو اهو احسان ياد ڪريو جڏهن هڪ ٽولي پورو ارادو ڪري ورتو هيو ته (هو مارڌاڙ جو) توهان ڏانهن هٿ وڌائين ته خدا (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) هنن جا هٿ، توهان ڏانهن کڄڻ کان روڪي ڇڏيا. (۽ توهان کي ڪوبه نقصان نه پهتو) ۽ الله کان ڊڄندا رهو ۽ مؤمنن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:12

وَلَقَدْ اَخَذَ اللّٰهُ مِيْثَاقَ بَنِيْٓ اِ سْرَاۗءِيْلَ ۚ وَبَعَثْنَا مِنْهُمُ اثْنَيْ عَشَرَ نَقِيْبًا ۭ وَقَالَ اللّٰهُ اِنِّىْ مَعَكُمْ ۭ لَىِٕنْ اَقَـمْــتُمُ الصَّلٰوةَ وَاٰتَيْتُمُ الزَّكٰوةَ وَاٰمَنْتُمْ بِرُسُلِيْ وَعَزَّرْتُـمُوْهُمْ وَاَقْرَضْتُمُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَـنًا لَّاُكَفِّرَنَّ عَنْكُمْ سَيِّاٰتِكُمْ وَلَاُدْخِلَنَّكُمْ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْھٰرُ ۚ فَـمَنْ كَفَرَ بَعْدَ ذٰلِكَ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاۗءَ السَّبِيْلِ ؀12

۽ اها حقيقت آهي ته: الله، بني اسرائيل کان (به اطاعت جو) واعدو ورتو هيو ۽ منجهن ٻارهن سردار مقرر ڪيا هئائين. الله فرمايو هيو: مان توهان سان گڏ آهيان (يعني منهنجي مدد توهان جي ساٿ ۾ آهي) جيڪڏهن توهين نماز قائم ڪئي، زڪواة ادا ڪندا رهيؤ ۽ منهنجي سمورن رسولن تي (جيڪي توهان جي هدايت خاطر ايندا رهندا) ايمان آندؤ ۽ انهن جي مدد ڪندا رهيؤ ۽ الله کي سهڻو قرض ڏيندا رهيؤ (يعني نيڪيءَ جي واٽ ۾ پنهنجو مال خرچ ڪندا رهيؤ) ته مان ضرور توهان جون برايون ميساري ڇڏيندس ۽ مان ضرور(توهان کي راحت ۽ خوشين جي) باغن ۾ داخل ڪندس، جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون. پوءِ توهان منجهان، جنهن به ان کانپوءِ حق کان انڪار جي واٽ ورتي ته يقيناَ اهو (ڪاميابيءَ جي) سنئين واٽ وڃائي ويٺو.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:13

فَبِـمَا نَقْضِهِمْ مِّيْثَاقَهُمْ لَعَنّٰهُمْ وَجَعَلْنَا قُلُوْبَهُمْ قٰسِـيَةً ۚ يُـحَرِّفُوْنَ الْكَلِمَ عَنْ مَّوَاضِعِهٖ ۙ وَنَسُوْا حَظًّا مِّـمَّا ذُكِّرُوْا بِهٖ ۚ وَلَا تَزَالُ تَطَّلِعُ عَلٰي خَاۗىِٕنَةٍ مِّنْهُمْ اِلَّا قَلِيْلًا مِّنْهُمْ فَاعْفُ عَنْهُمْ وَاصْفَحْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُحْسِنِيْنَ ؀13

پوءِ، ڇاڪاڻ جو انهن ماڻهن، پنهنجي اطاعت جو واعدو ٽوڙي ڇڏيو ته اسين مٿن لعنت ڪئي ۽ اسين سندن دليون سخت ڪري ڇڏيون (ڇاڪاڻ جو، الله جو قانون آهي ته جيڪو به حق کان ڦري ويندو آهي، اهو رحمت کان محروم ٿي ويندو آهي ۽ ان جي دل بي حس بڻجي پوندي آهي) جنهنڪري اهي ماڻهو (خدا جي ڪتاب جون) ڳالهيون، پنهنجي بنيادي جاءِ تان ڦيري ڇڏيندا آهن (يعني الله جي ڪلام ۾ هيرا ڦيري ڪري ڇڏيندا آهن) جنهن ڳالهه جي کين وصيت ڪئي وئي هئي ان مان ڪوئي به فائدو نه ماڻيائون ۽ ان کي مورؤن وساري ويٺا. ۽ توهين (هاڻي به) انهن جي ڪنهن نه ڪنهن خيانت کان (جيڪا، هو الله جي ڪتاب ۾ هيرا ڦيري ڪندي جاري رکيو ٿا اچن) خبردار ٿيندا رهو ٿا. ۽ ڪي ٿورا ماڻهو آهن، جيڪي ايئن نه ٿا ڪن. تنهنڪري (اي پيغمبر!) تون اهڙن ماڻهن کان ٽارو ڪر۽ انهن کان پنهنجو توجهه هٽائي ڇڏ. بي شڪ ! الله انهن کي دوست رکي ٿو جيڪي چڱن لڇڻن وارا آهن.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:14

وَمِنَ الَّذِيْنَ قَالُوْٓا اِنَّا نَصٰرٰٓى اَخَذْنَا مِيْثَاقَهُمْ فَنَسُوْا حَظًّا مِّـمَّا ذُكِّرُوْا بِهٖ ۠ فَاَغْرَيْنَا بَيْنَهُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاۗءَ اِلٰي يَوْمِ الْقِيٰمَةِ ۭ وَسَوْفَ يُنَبِّئُهُمُ اللّٰهُ بِـمَا كَانُوْا يَصْنَعُوْنَ ؀14

۽ جيڪي ماڻهو، پنهنجو پاڻ کي نصارى (يعني عيسائي) چون ٿا انهن کان به اسين (ايمان ۽ عمل جو) واعدو ورتو هيو. (پر) وري ٿيو ايئن جو جنهن ڳالهه جي کين وصيت ڪئي وئي هئي، اِها وساري ڇڏيائون (۽ هڪ دين تي رهڻ جي بجاءِ گهڻن فرقن ۾ ورهائجي ويا) تنهنڪري اسين انهن جي (مختلف فرقن جي) درميان قيامت تائين وير ۽ ڪيني جي باهه ڀڙڪائي ڇڏي (يعني جڏهن هو هدايت تان ٿڙي مختلف فرقن ۾ ورهائجي ويا ته اسان جي طئه ڪيل قانون مطابق انهن جي پاڻ ۾ بغض ۽ ڪيني جي باهه ڀڙڪي پئي) ۽ اهو وقت پري ڪونهي جو جيڪو ڪجهه هو ڪندا رهن ٿا، الله ان جي حقيقت انهن جي آڏو وائکي ڪري ڇڏيندو.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:15

يٰٓاَهْلَ الْكِتٰبِ قَدْ جَاۗءَكُمْ رَسُوْلُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ كَثِيْرًا مِّـمَّا كُنْتُمْ تُـخْفُوْنَ مِنَ الْكِتٰبِ وَيَعْفُوْا عَنْ كَثِيْرٍ ڛ قَدْ جَاۗءَكُمْ مِّنَ اللّٰهِ نُوْرٌ وَّكِتٰبٌ مُّبِيْنٌ ؀ۙ15

اي اهلِ ڪتاب! اها حقيقت آهي ته: اسان جو رسول توهان ڏانهن اچي چڪو. الله جي ڪتاب (يعني تورات ۽ انجيل) جون کوڙ ڳالهيون جيڪي توهين (نفس جي هوس جي ڪري) لڪائيندا رهيؤ اهي توهان تي بيان ڪري ٿو ۽ کوڙ ڳالهين کان ٽارو ڪري ٿو (جو انهن جي بيان ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي) الله جي طرفان توهان وٽ (حق جي) روشني اچي چڪي ۽ اهڙو ڪتاب اچي چڪو جيڪو (پنهنجين ڳالهين ۾ نهايت) روشن ڪتاب آهي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:16

يَّهْدِيْ بِهِ اللّٰهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضْوَانَهٗ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُـخْرِجُهُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ بِاِذْنِهٖ وَيَهْدِيْهِمْ اِلٰي صِرَاطٍ مُّسْتَقِيْـمٍ ؀16

خدا هن ڪتاب جي ذريعي انهن ماڻهن تي جيڪي (نفس پرستيءَ جي بجاءِ) خدا جي خوشنوديءَ جا طلبگار آهن، سلامتيءَ جي واٽ کولي ڇڏي ٿو ۽ پنهنجي حڪم سان انهن کي انڌيرن مان ڪڍي، روشنيءَ ۾ آڻي ٿو ۽ کين (ڪاميابيءَ جي) سنئين واٽ سُهائي ٿو.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:17

لَقَدْ كَفَرَ الَّذِيْنَ قَالُوْٓا اِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْمَسِيْحُ ابْنُ مَرْيَـمَ ۭ قُلْ فَـمَنْ يَّـمْلِكُ مِنَ اللّٰهِ شَـيْـــًٔـا اِنْ اَرَادَ اَنْ يُّهْلِكَ الْمَسِيْحَ ابْنَ مَرْيَـمَ وَاُمَّهٗ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۭ وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۭ يَـخْلُقُ مَا يَشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ؀17

يقيناَ انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جن چيو: مريم جو پٽ مسيح، خدا آهي (اي پيغمبر!) تون انهن ماڻهن کي چئه: (اها ڪيڏي بدعقليءَ جي ڳالهه آهي، جيڪا توهين ڪيو پيا؟) جيڪڏهن خدا، مسيح ابن مريم کي ۽ ان جي ماءُ کي ۽ (نه رڳو ايترو بلڪه) روءِ زمين تي جيترا انسان وسن ٿا مڙني کي هلاڪ ڪرڻ چاهي ته ڪير آهي، جيڪو ان جي بادشاهيءَ ۾ دخل ڏيڻ جي جرئت ڪري؟ آسمان جي ۽ زمين جي ۽ جيڪو ڪجهه منجهن آهي، سڀ تي سلطاني الله جي ئي آهي ۽ هو جو ڪجهه چاهيندو آهي، پيدا ڪندو آهي ۽ هو هر شيءَ تي قدرت رکندڙ آهي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:18

وَقَالَتِ الْيَھُوْدُ وَالنَّصٰرٰى نَـحْنُ اَبْنٰۗؤُا اللّٰهِ وَاَحِبَّاۗؤُهٗ ۭ قُلْ فَلِمَ يُعَذِّبُكُمْ بِذُنُوْبِكُمْ ۭ بَلْ اَنْتُمْ بَشَرٌ مِّـمَّنْ خَلَقَ ۭ يَغْفِرُ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيُعَذِّبُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۡ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ ؀18

۽ يهودي ۽ عيسائي چون ٿا ته: اسين خدا جا پٽ ۽ ان جا پيارا آهيون (اسين جيڪو وڻي سو ڪريون اسان جي لاءِ هر حال ۾ نجات آهي) تون چئه: جيڪڏهن ايئن ئي آهي ته پوءِ خدا توهان جي بڇڙاين جي ڪري توهان کي (وقتاَ فوقتاَ) عذاب ڇو ڏيندو رهيو؟ (جنهن جو خود توهان کي به اعتراف آهي ۽ توهان جو ڪتاب: توريت توهان بابت خدا جي سزائن ۽ عذابن جي داستانن سان ڀريو پيو آهي) بلڪه حقيقت اها آهي ته الله جي پيدا ڪيل انسانن منجهان توهين به آهيو ۽ (انسان جي بخشش ۽ نجات جو وهنوار الله جي هٿ وس آهي.) هو جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي جنهن کي چاهي عذاب ڏي، آسمانن جي، زمين جي ۽سڀ جي جيڪو به انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي مالڪي ۽ بادشاهي صرف الله جي ئي آهي ۽ سڀ کي، نيٺ ان ڏانهن ئي ورڻو آهي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:19

يٰٓاَهْلَ الْكِتٰبِ قَدْ جَاۗءَكُمْ رَسُوْلُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ عَلٰي فَتْرَةٍ مِّنَ الرُّسُلِ اَنْ تَقُوْلُوْا مَا جَاۗءَنَا مِنْۢ بَشِيْرٍ وَّلَا نَذِيْرٍ ۡ فَقَدْ جَاۗءَكُمْ بَشِيْرٌ وَّنَذِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ۝ۧ19

اي اهلِ ڪتاب ! جڏهن رسولن جو اچڻ، عرصي کان بند هيو تڏهن اسان جو رسول (يعني پيغمبرِ اسلام) توهان وٽ آيو، جيڪو توهان تي (حق جا احڪام) واضح ڪري رهيو آهي ته جيئن توهين ائين نه چئو ته اسان ڏانهن بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪو به رسول نه موڪليو ويو ته هاڻي بشارت ڏيندڙ ۽ خبردار ڪندڙ رسول ته توهان وٽ اچي چڪو آهي (يعني توهان جي لاءِ عذاب کان بچڻ جو ڪوئي بهانو باقي نه بچيو آهي) ۽ الله هر ڳالهه تي قدرت رکندڙ آهي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

5:20

وَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهٖ يٰقَوْمِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَعَلَ فِيْكُمْ اَنْۢبِيَاۗءَ وَجَعَلَكُمْ مُّلُوْكًا ڰ وَّاٰتٰىكُمْ مَّا لَمْ يُؤْتِ اَحَدًا مِّنَ الْعٰلَمِيْنَ ؀20

۽ (اهو واقعو ياد ڪريو) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو هيو ته: لوڪو! الله جو پنهنجي مٿان احسان ياد ڪريو (ته هن توهان کي ڪيڏين مهانتائن سان نوازيو آهي!) هن توهان ۾ نبي پيدا ڪيا، توهان کي بادشاهه بڻايائين ۽ توهان کي اها نعمت عطا فرمايائين جيڪا دنيا ۾ ڪنهن کي (هاڻي تائين) نه ڏني وئي آهي (يعني نبوت ۽ بادشاهت ٻئي توهان کي عطا ڪيائين)

— عبدالمؤمن ميمڻ