044 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 59 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
حٰــمۗ ڔ 1
حٓا ، ميم
— عبدالمؤمن ميمڻوَالْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ ڒ 2
قسم آهي واضح ڪتاب جو !-
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ فِيْ لَيْلَةٍ مُّبٰرَكَةٍ اِنَّا كُنَّا مُنْذِرِيْنَ 3
ته اسان ان ڪتاب کي هڪ برڪت ڀري رات ۾ نازل ڪيو آهي. بي شڪ! اسين ماڻهن کي ڊيڄاريندا رهيا آهيون.
— عبدالمؤمن ميمڻفِيْهَا يُفْرَقُ كُلُّ اَمْرٍ حَكِيْمٍ 4ۙ
(هي اها رات آهي) جنهن ۾ هر حڪمت واري ڪم بابت فيصلو ڪيو ويندو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَمْرًا مِّنْ عِنْدِنَا ۭ اِنَّا كُنَّا مُرْسِلِيْنَ 5ۚ
بلڪل ان حڪم مطابق جيڪو اسان جي پاران نازل ٿيندو آهي. بي شڪ، اسين رسول موڪليندڙ آهيون.
— عبدالمؤمن ميمڻرَحْـمَةً مِّنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 6ۙ
تنهنجي رب جي مهر سان- بي شڪ! رب ٻڌندڙ- ڄاڻندڙ آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻرَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۘ اِنْ كُنْتُمْ مُّوْقِنِيْنَ 7
هو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪو ڪجهه انهن جي درميان آهي، سڀ جو مالڪ آهي- جيڪڏهن توهين واقعي يقين ڪندڙ آهيو ته!
— عبدالمؤمن ميمڻلَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ يُـحْيٖ وَيُمِيْتُ ۭ رَبُّكُمْ وَرَبُّ اٰبَاۗىِٕكُمُ الْاَوَّلِيْنَ 8
(ٻُڌو!) ان کانسواءِ ڪوئي عبادت جي لائق ڪونهي، اهوئي زندگي بخشيندو آهي ۽ اهوئي موت ڏيندو آهي. هو توهان جو به پالڻهار آهي ۽ توهان جي ابن ڏاڏن جو به.
— عبدالمؤمن ميمڻبَلْ هُمْ فِيْ شَكٍّ يَّلْعَبُوْنَ 9
حقيقت اها آهي ته اهي ماڻهو شڪ ۾ ٻڏل- راند ۾ رڌل آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻفَارْتَـقِبْ يَوْمَ تَاْتِي السَّمَاۗءُ بِدُخَانٍ مُّبِيْنٍ ۙ10
تنهنڪري (اي نبي!) تون ان ڏينهن جو انتظار ڪر جڏهن آسمان نج دونهون بڻجي ايندو.
— عبدالمؤمن ميمڻيَّغْشَى النَّاسَ ۭ ھٰذَا عَذَابٌ اَلِيْمٌ 11
اهو دونهون ماڻهن کي وڪوڙي ويندو- (۽ اعلان ڪيو ويندو ته) هيءَ هڪ دردناڪ سزا آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻرَبَّنَا اكْشِفْ عَنَّا الْعَذَابَ اِنَّا مُؤْمِنُوْنَ 12
(ڏوهي چوندا)؛ اي اسان جا رب! اسان تان عذاب هٽائي ڇڏ. بي شڪ، اسين مؤمن آهيون !
— عبدالمؤمن ميمڻاَنّٰى لَهُمُ الذِّكْرٰى وَقَدْ جَاۗءَهُمْ رَسُوْلٌ مُّبِيْنٌ ۙ13
(ان وقت) کين ڪٿان نصيحت ايندي؟ حالانڪه وٽن اهڙو رسول اچي چڪو هيو جنهن جو شان نمايان هيو.
— عبدالمؤمن ميمڻثُـمَّ تَوَلَّوْا عَنْهُ وَقَالُوْا مُعَلَّمٌ مَّجْنُوْنٌ ۘ14
پوءِ انهن کانئس منهن مٽي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳا ته (اهو ته ڪو) لکيو- پڙهيو چرياڻ آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّا كَاشِفُوا الْعَذَابِ قَلِيْلًا اِنَّكُمْ عَاۗىِٕدُوْنَ ۘ15
اسين ٿورڙي وقت لاءِ اهو عذاب ٽاري ته ڇڏينداسون پر توهين وري اهوئي ڪندؤ- (جيڪو پهريان ڪندا هيؤ).
— عبدالمؤمن ميمڻيَوْمَ نَبْطِشُ الْبَطْشَةَ الْكُبْرٰى ۚ اِنَّا مُنْتَقِمُوْنَ 16
جنهن ڏينهن اسين سخت پڪڙ ڪنداسين ان ڏينهن اسين سڀ پلاندَ پاڙي وٺنداسون.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَقَدْ فَتَنَّا قَبْلَهُمْ قَوْمَ فِرْعَوْنَ وَجَاۗءَهُمْ رَسُوْلٌ كَرِيْـمٌ ۙ17
اسان انهن کان پهريان فرعون جي قوم کي آزمايو هيو ۽ وٽن هڪ معزز رسول آيو هيو-
— عبدالمؤمن ميمڻاَنْ اَدُّوْٓا اِلَيَّ عِبَادَ اللّٰهِ ۭ اِنِّىْ لَكُمْ رَسُوْلٌ اَمِيْنٌ ۙ18
(ان رسول فرعون کي چيو ته:-) خدا جي انهن ٻانهن کي (آزاد ڪري) منهنجي حوالي ڪر- مان توهان ڏانهن هڪ امانتدار پيغمبر بڻجي آيو آهيان.
— عبدالمؤمن ميمڻوَّاَنْ لَّا تَعْلُوْا عَلَي اللّٰهِ ۭ اِنِّىْٓ اٰتِيْكُمْ بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ ۚ19
۽ توهين خدا جي مقابلي ۾ سرڪشي نه ڪيو، مان توهان جي آڏو هڪ واضح نشاني پيش ڪريان ٿو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِنِّىْ عُذْتُ بِرَبِّيْ وَرَبِّكُمْ اَنْ تَـرْجُـمُوْنِ ۡ20
۽ مان پنهنجي رب ۽ توهان جي رب جي پناهه ۾ اچي چڪو آهيان (متان سمجهو) ته توهين (مون تي حملو ڪندؤ ۽) مون کي سنگسار ڪندؤ!
— عبدالمؤمن ميمڻ