041 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
حٰـمۗ 1ۚ
حٓا- ميم
— عبدالمؤمن ميمڻتَنْزِيْلٌ مِّنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 2ۚ
هي (ڪتاب) ان خدا جي پاران نازل ڪيو ويو آهي جيڪو نهايت مهربان ۽ بي حد ٻاجهارو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻكِتٰبٌ فُصِّلَتْ اٰيٰتُهٗ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّــقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 3ۙ
هي هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن جون آيتون علم واري قوم جي لاءِ کولي کولي بيان ڪيون ويون آهن- عربي ٻوليءَ ۾ پڙهجندڙ آيتون-
— عبدالمؤمن ميمڻبَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا ۚ فَاَعْرَضَ اَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُوْنَ 4
(ايمان ۽ عمل جي برڪتن جي) خوشخبري ڏيندڙ ۽ (حق کان انڪار جي بڇڙي نتيجي کان) ڊيڄاريندڙ آيتون! پوءِ به منجهانئن گهڻن ماڻهن منهن ڦيري ڇڏيو ۽ اهي ٻڌن ئي نه ٿا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَقَالُوْا قُلُوْبُنَا فِيْٓ اَكِنَّةٍ مِّـمَّا تَدْعُوْنَآ اِلَيْهِ وَفِيْٓ اٰذَانِنَا وَقْرٌ وَّمِنْۢ بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِـجَابٌ فَاعْـمَلْ اِنَّنَا عٰـمِلُوْنَ 5
۽ چون ٿا؛ توهان جي دعوت جي لاءِ نه ڪي اسان جي دلين ۾ ڪا جاءِ آهي ۽ نه ڪي ڪنن ۾ ٻڌڻ جي گنجائش آهي، اسان جي ۽ توهان جي درميان مخالفت جي هڪ ديوار (آئڙيل) آهي- جنهنڪري اسين توهان جي ڳالهه نه ٻڌنداسين- تنهنڪري تون پنهنجو ڪم ڪر، اسين پنهنجو ڪم ٿا ڪريون!
— عبدالمؤمن ميمڻقُلْ اِنَّـمَآ اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُوْحٰٓى اِلَيَّ اَنَّـمَآ اِلٰــهُكُمْ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ فَاسْتَقِيْمُوْٓا اِلَيْهِ وَاسْتَغْفِرُوْهُ ۭ وَوَيْلٌ لِّـلْمُشْرِكِيْنَ 6ۙ
اي پيغمبر! تون کين چئه ته مان به توهان جهڙو ئي هڪڙو ماڻهو آهيان، مون ڏانهن وحي ٿي اچي ته: توهان جو معبود فقط هڪڙو ئي معبود آهي، تنهنڪري توهين سڌا ان ڏانهن هلو ۽ کانئس معافي طلبيو ۽ مشرڪن جي لاءِ وڏو ويل آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻالَّذِيْنَ لَا يُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 7ۙ
جيڪي زڪواة نه ٿا ڏين ۽ جيڪي آخرت جا منڪر آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ اَجْرٌ غَيْرُ مَـمْنُوْنٍ 8ۧ
يقينا جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا انهن جي لاءِ اڻ کٽ اجر آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻقُلْ اَىِٕنَّكُمْ لَتَكْفُرُوْنَ بِالَّذِيْ خَلَقَ الْاَرْضَ فِيْ يَوْمَيْنِ وَتَجْعَلُوْنَ لَهٗ ٓ اَنْدَادًا ۭ ذٰلِكَ رَبُّ الْعٰلَمِيْنَ 9ۚ
تون کين چئه؛ ڇا توهين ان ذات جو انڪار ڪريو ٿا، جنهن ذات زمين ٻن ڏينهن ۾ خلقي ۽ ان ذات سان ٿا شرڪ ڪيو جيڪو رب العالمين آهي؟!
— عبدالمؤمن ميمڻوَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ مِنْ فَوْقِهَا وَبٰرَكَ فِيْهَا وَقَدَّرَ فِيْهَآ اَقْوَاتَهَا فِيْٓ اَرْبَعَةِ اَيَّامٍ ۭ سَوَاۗءً لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 10
۽ الله، زمين جي مٿاڇري تي پهاڙ کوڙي ڇڏيا ۽ منجهس برڪتون رکي ڇڏيائين ۽ زمين جي رهواسين جي لاءِ، رزق طلبيندڙن واسطي ٺيڪ اندازي سان خوراڪ جو سامان تيار ڪري ڇڏيوسون ۽ اهي سمورا ڪم چئن ڏهاڙن ۾ نمٽجي ويا.
— عبدالمؤمن ميمڻثُـمَّ اسْتَوٰٓى اِلَى السَّمَاۗءِ وَهِىَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْاَرْضِ ائْتِيَا طَوْعًا اَوْ كَرْهًا ۭ قَالَتَآ اَتَيْنَا طَاۗىِٕعِيْنَ 11
پوءِ هو آسمان ڏانهن متوجهه ٿيو- آسمان نج دونهون هيو، پوءِ آسمان کي ۽ زمين کي چيائين: وجود ۾ اچي وڃو- خوشيءَ وچان يا ڏاڍ سان- ته انهن چيو؛ اجهو اسين فرمانبردار ٿي آياسون- (اي اسان جا سائين!)
— عبدالمؤمن ميمڻفَقَضٰهُنَّ سَبْعَ سَمٰوَاتٍ فِيْ يَوْمَيْنِ وَاَوْحٰى فِيْ كُلِّ سَمَاۗءٍ اَمْرَهَا ۭ وَزَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِـمَصَابِيْحَ ڰ وَحِفْظًا ۭ ذٰلِكَ تَقْدِيْرُ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ 12
ته الله ٻن ڏينهن ۾ ست آسمان جوڙيا، ۽ هر آسمان ۾ ان جي حال سارو وحي جو حڪم موڪلي ڇڏيائين ۽ اسان دنياوي آسمان کي (ستارن جي) ڏيئن سان جرڪائي ڇڏيو ۽ ان کي چڱيءَ طرح محفوظ ڪري ڇڏيوسون. اهو سڀ ڪجهه هڪ زبردست- هر شيءِ کي خوب ڄاڻندڙ هستيءَ جو تڪيل توريل نظام آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻفَاِنْ اَعْرَضُوْا فَقُلْ اَنْذَرْتُكُمْ صٰعِقَةً مِّثْلَ صٰعِقَةِ عَادٍ وَّثَـمُوْدَ ۭ13
اڃا به جيڪڏهن اهي منهن موڙيندا وتن ته تون کين چئي ڇڏ ته مان توهان کي اوچتو ڪڙڪي پوندڙ عذاب کان ڊيڃاريندڙ آهيان. جهڙو عذاب عاد ۽ ثمود تي ڪڙڪيو هيو.
— عبدالمؤمن ميمڻاِذْ جَاۗءَتْهُمُ الرُّسُلُ مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ قَالُوْا لَوْ شَاۗءَ رَبُّنَا لَاَنْزَلَ مَلٰۗىِٕكَةً فَاِنَّا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ كٰفِرُوْنَ 14
جڏهن ته وٽن پيغمبر سندن آڏو ۽ سندن پويان (هر پاسي کان) آيا ۽ کين سمجهايو ته توهين هڪ الله کانسواءِ ڪنهن جي پوڄا نه ڪريو، پر انهن وراڻيو؛ جيڪڏهن اسان جي رب کي منظور هجي ها ته فرشتا لاهي وٺي ها، تنهنڪري جنهن وحي سميت توهين موڪليا ويا آهيو- اسين ان کي نه ٿا مڃئون.
— عبدالمؤمن ميمڻفَاَمَّا عَادٌ فَاسْـتَكْبَرُوْا فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْـحَقِّ وَقَالُوْا مَنْ اَشَدُّ مِنَّا قُوَّةً ۭ اَوَلَمْ يَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ الَّذِيْ خَلَقَهُمْ هُوَ اَشَدُّ مِنْهُمْ قُوَّةً ۭ وَكَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَـجْــحَدُوْنَ 15
باقي عاد قوم- سو انهن ڌرتيءَ تي وڏائي ڪئي ۽ چوڻ لڳا؛ ڪير، اسان کان وڌيڪ سگهارو آهي؟! ڇا انهن ڏٺو ناهي ته جنهن خدا کين خلقيو آهي اهو کانئن وڌيڪ سگهارو آهي بلڪه هو اسان جي آيتن جو انڪار ئي ڪندا رهيا.
— عبدالمؤمن ميمڻفَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْٓ اَيَّامٍ نَّحِسَاتٍ لِّنُذِيْقَهُمْ عَذَابَ الْخِــزْيِ فِي الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۭ وَلَعَذَابُ الْاٰخِرَةِ اَخْزٰى وَهُمْ لَا يُنْصَرُوْنَ 16
آخرڪار اسان منحوس ڏينهن ۾ مٿن طوفاني هوا موڪلي ته جيئن کين هن دنياوي زندگيءَ ۾ ئي ذلت ۽ خواريءَ جي عذاب جو مزو چکايون ۽ آخرت جو عذاب ان کان گهڻو وڌيڪ خوار ڪندڙ آهي ۽ اتي سندن ڪائي واهر ڪانه ڪئي ويندي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَهَدَيْنٰهُمْ فَاسْتَــحَبُّوا الْعَمٰى عَلَي الْهُدٰى فَاَخَذَتْهُمْ صٰعِقَةُ الْعَذَابِ الْهُوْنِ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ ۚ17
۽ باقي ثمود جي قوم- سو ان کي به اسان حق جي راهه ڏيکاري، پر انهن هدايت جي راهه ڇڏي انڌائپ جو رستو ورتو، آخرڪار انهن جي پرڪارن جي ڪري خوار ڪندڙ عذاب جي هڪل اچي کين سوگهو ڪيو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَنَجَّيْنَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَكَانُوْا يَتَّقُوْنَ ۧ18
۽ جيڪي شخص ايماندار ۽ پرهيزگار هيا، انهن کي اسان بچائي ورتو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَيَوْمَ يُحْشَرُ اَعْدَاۗءُ اللّٰهِ اِلَى النَّارِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 19
۽ (ان ڏينهن کي ياد ڪريو) جنهن ڏينهن الله جي دشمنن کي باهه ڏانهن وٺي وڃڻ جي لاءِ گڏ ڪيو ويندو، پوءِ انهن اڳين کي، پوين جي اچڻ تائين روڪيو ويندو.
— عبدالمؤمن ميمڻحَتّىٰٓ اِذَا مَا جَاۗءُوْهَا شَهِدَ عَلَيْهِمْ سَمْعُهُمْ وَاَبْصَارُهُمْ وَجُلُوْدُهُمْ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 20
ايستائين جو جڏهن اهي سڀ دوزخ جي ويجهو پهچي ويندا ته انهن جا ڪن ۽ انهن جون اکيون ۽ انهن جون چمڙيون انهن جي خلاف گواهي ڏينديون ته اهي دنيا ۾ ڪهڙا ڪم ڪندا هيا.
— عبدالمؤمن ميمڻ