004 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 176 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
يٰٓاَيُّھَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمُ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ وَّخَلَقَ مِنْھَا زَوْجَهَا وَبَثَّ مِنْهُمَا رِجَالًا كَثِيْرًا وَّنِسَاۗءً ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْ تَسَاۗءَلُوْنَ بِهٖ وَالْاَرْحَامَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلَيْكُمْ رَقِيْبًا 1
اي انسانؤ! پنهنجي پالڻهار (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو. جنهن پالڻهار توهان کي اڪيلي جان منجهان پيدا ڪيو (يعني پيءُ مان پيدا ڪيائين) ۽ ان مان ان جو جوڙو به پيدا ڪيائين (يعني جهڙيءَ طرح مرد جي نسل مان ڇوڪرو پيدا ٿيندو آهي ته ڇوڪري به پيدا ٿيندي آهي). وري انهن ٻنهي جي نسل مان مردن ۽ عورتن جو وڏو تعداد دنيا ۾ ڦهلائي ڇڏيائين (۽ اهڙيءَ طرح- هڪ اڪيلي ڄڻي جو نسل، خاندانن، قبيلن ۽ آبادين جي شڪل وٺي ويو ۽ ان ريت رشتن ۽ ناتن جو وسيع دائرو وجود ۾ اچي ويو) سو الله کان ڊڄو جنهن جي نالي تي هڪ ٻئي جي لاءِ (پيار محبت جي) گُهر ڪريو ٿا، پڻ مائٽيءَ جي معاملي ۾ لاپرواهه نه ٿيو، يقين ڄاڻو ته الله توهان تي (توهان جي عملن جو) نگهبان آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاٰتُوا الْيَــتٰـمٰٓى اَمْوَالَھُمْ وَلَا تَتَبَدَّلُوا الْـخَبِيْثَ بِالطَّيِّبِ ۠ وَلَا تَاْكُلُوْٓا اَمْوَالَھُمْ اِلٰٓى اَمْوَالِكُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ حُوْبًا كَبِيْرًا 2
۽ يتيمن جو مال (ديانتداريءَ سان) انهن جي حوالي ڪريو. (يتيمن جي ) چڱي شيءِ کي (پنهنجي) ردّي شيءِ سان بدلائي نه ڇڏيو ۽ انهن جو مال پنهنجي مال سان گڏائي، کائي چَٽُ نه ڪريو. يقيناَ يتيمن جو مال ڦٻائڻ تمام وڏو ڏوهه آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تُقْسِطُوْا فِي الْيَتٰـمٰى فَانْكِحُوْا مَا طَابَ لَكُمْ مِّنَ النِّسَاۗءِ مَثْنٰى وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ ۚ فَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَةً اَوْ مَا مَلَكَتْ اَيْـمَانُكُمْ ۭ ذٰلِكَ اَدْنٰٓى اَلَّا تَعُوْلُوْا 3ۭ
۽ جيڪڏهن (توهين نڪاح ڪرڻ چاهيو ۽) توهان کي الڪو هجي ته يتيم نياڻين جي معاملي ۾ انصاف نه ڪري سگهندؤ ته (انهن کي پنهنجي نڪاح ۾ نه آڻيو، بلڪه پنهنجي نگهبانيءَ ۾ آيل يتيم ڇوڪرين کان هٽي ٻيون) جيڪي عورتون توهان کي وڻن انهن سان نڪاح ڪريو. (هڪ وقت ۾) ٻه ٻه- ٽي ٽي-چار چار نڪاح ڪري سگهو ٿا بشرطيڪه (زالن سان انصاف ڪري سگهو يعني چئني زالن جا حق ادا ڪري سگهو ۽ چئني سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪري سگهو) جيڪڏهن توهان کي الڪو هجي ته انصاف نه ڪري سگهندؤ ته پوءِ هڪ زال کان وڌيڪ نه پرڻجو. يا وري جيڪي عورتون (جنگ جي قيدين منجهان) توهان جي هٿ آيون آهن (انهن کي به زال بڻائي رکو يعني انهن کي ٻانهيون بڻائي رکڻ کان باز اچو) نا انصافيءَ کان بچڻ جي لاءِ ايئن ڪرڻ وڌيڪ ثواب جو عمل آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاٰتُوا النِّسَاۗءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِـحْلَةٍ ۭ فَاِنْ طِبْنَ لَكُمْ عَنْ شَيْءٍ مِّنْهُ نَفْسًا فَكُلُوْهُ هَنِيْۗــــــًٔـا مَّرِيْۗـــــــًٔـا 4
۽ عورتن جو مَهر خوشيءَ سان ادا ڪندا ڪريو (عورتن جو حق مَهر جيستائين ادا نه ڪندؤ، توهان جي ذمي اهو باقي رهندو) ها! جيڪڏهن هو پنهنجي خوشيءَ سان اهو ڇڏي ڏين ته (ان ۾ ڪوئي حرج ڪونهي) توهين بنا جهجهڪ جي اهو مال پنهنجي ڪم آڻي سگهو ٿا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَا تُؤْتُوا السُّفَھَاۗءَ اَمْوَالَكُمُ الَّتِىْ جَعَلَ اللّٰهُ لَكُمْ قِيٰـمًا وَّارْزُقُوْھُمْ فِيْھَا وَاكْسُوْھُمْ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 5
۽ مال ملڪيت کي، خدا توهان جي لاءِ (معيشت کي) سگهارو ڪرڻ جو ذريعو بڻايو آهي، تنهن ڪري اهو مال ملڪيت بي سمجهه ماڻهن جي حوالي نه ڪريو (يعني ٻارن ۽ تجربي کان وانجهيلن جي حوالي نه ڪريو. جيڪڏهن وارث، ٻار آهن ته) انهن جي مال منجهان انهن جي کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي جو انتظام ڪيو وڃي ۽ وڏي فائدي جي ڳالهه انهن کي سمجهائي وڃي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَابْتَلُوا الْيَتٰـمٰى ﱑ اِذَا بَلَغُوا النِّكَاحَ ۚ فَاِنْ اٰنَسْتُمْ مِّنْھُمْ رُشْدًا فَادْفَعُوْٓا اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ ۚ وَلَا تَاْكُلُوْھَآ اِسْرَافًا وَّبِدَارًا اَنْ يَّكْبَرُوْا ۭ وَمَنْ كَانَ غَنِيًّا فَلْيَسْتَعْفِفْ ۚ وَمَنْ كَانَ فَقِيْرًا فَلْيَاْكُلْ بِالْمَعْرُوْفِ ۭ فَاِذَا دَفَعْتُمْ اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ فَاَشْهِدُوْا عَلَيْھِمْ ۭ وَكَفٰى بِاللّٰهِ حَسِـيْبًا 6
۽ يتيمن جي حالت تي نظر رکندي، کين پرکيندا رهو (ته انهن جي سمجهه جو ڪهڙو حال آهي)- ايستائين جو هو نڪاح جي عمر کي پهچي وڃن. پر جيڪڏهن انهن ۾ صلاحيت ڏسو ته انهن جو مال انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو. ۽ ان خيال کان ته وڏڙا ٿي مطالبو ڪندا، فضول خرچ ڪري تڪڙ تڪڙ ۾ انهن جو مال هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو. (يتيمن جي سرپرستن منجهان) جيڪو خوشحال هجي، تنهن کي گهرجي ته (يتيمن جي مال تي پنهنجي خرچ جو بار وجهڻ کان) پرهيز ڪري. ۽ جيڪو ضرورتمند هجي، اهو ان مان پنهنجي معقول ضرورت جيترو کائي سگهي ٿو پوءِ جڏهن يتيمن جو مال سندن حوالي ڪريو ته ان بابت ماڻهن کي گواهه ڪريو. ۽ (اهو نه وساريو ته) حساب چڪائڻ لاءِ الله ڪافي آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻلِلرِّجَالِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ ۠ وَلِلنِّسَاۗءِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ مِـمَّا قَلَّ مِنْهُ اَوْ كَثُرَ ۭ نَصِيْبًا مَّفْرُوْضًا 7
ماءُ-پيءُ ۽ مائٽن جي ڇڏيل ملڪيت ۾- گهڻي هجي يا ٿوري، مَردن جو حصو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ماءُ پيءُ ۽ مائٽن جي ڇڏيل ملڪيت ۾ عورتن جو به حصو آهي. ۽ ٻنهي جو حصو (خدا جي پاران) مقرر ڪيل حصو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذَا حَضَرَ الْقِسْمَةَ اُولُوا الْقُرْبٰي وَالْيَتٰـمٰى وَالْمَسٰكِيْنُ فَارْزُقُوْھُمْ مِّنْهُ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 8
۽ جڏهن ڇڏيل ملڪيت تقسيم ڪرڻ وقت (پري جا) مائٽ ۽ (خاندان جا) يتيم ۽ مسڪين ماڻهو به اچي حاضر ٿين ته مرحوم جي ملڪيت منجهان انهن کي به (گنجائش آهر) ونڊُ ڏيو ۽ (جيڪڏهن وارث، غريبن کي ڪجهه به نه ڏيڻ چاهيندا هجن ته ) غريبن کي سهڻي سلوڪ سان ڳالهه سمجهايو (ڇاڪاڻ جو اهي ضرورتمند آهن ۽ ضرورتمندن سان نرمي ۽ شفقت سان پيش اچڻ گهرجي.)
— عبدالمؤمن ميمڻوَلْيَخْشَ الَّذِيْنَ لَوْ تَرَكُوْا مِنْ خَلْفِھِمْ ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خَافُوْا عَلَيْھِمْ ۠ فَلْيَتَّقُوا اللّٰهَ وَلْيَقُوْلُوْا قَوْلًا سَدِيْدًا 9
۽ ماڻهن کي (ڪنهن حقدار جي حق ۾ ناانصافي ڪرڻ کان) ڊڄڻ گهرجي جيڪڏهن هو پنهنجي پويان ڪمزور اولاد ڇڏي وڃن ته کين ان اولاد بابت ڪيڏو فڪر ورائي وڃي!- (ٻين بابت به کين اهڙائي احساس رکڻ گهرجن) سو کين الله کان ڊڄڻ گهرجي ۽ اهڙي ڳالهه ڪرڻ گهرجي جيڪا سڌي سنئين هجي.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ الَّذِيْنَ يَاْكُلُوْنَ اَمْوَالَ الْيَتٰـمٰى ظُلْمًا اِنَّـمَا يَاْكُلُوْنَ فِيْ بُطُوْنِھِمْ نَارًا ۭ وَسَيَصْلَوْنَ سَعِيْرًا ۧ10
جيڪي ماڻهو يتيمن جو مال نا انصافيءَ سان هڙپ ڪري ڇڏين ٿا اهي دراصل پنهنجي پيٽ ۾ باهه ڀري رهيا آهن ۽ جلد دوزخ ۾ داخل ٿيندا.
— عبدالمؤمن ميمڻيُوْصِيْكُمُ اللّٰهُ فِيْٓ اَوْلَادِكُمْ ۤ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الْاُنْثَيَيْنِ ۚ فَاِنْ كُنَّ نِسَاۗءً فَوْقَ اثْنَتَيْنِ فَلَھُنَّ ثُلُثَا مَا تَرَكَ ۚ وَاِنْ كَانَتْ وَاحِدَةً فَلَھَا النِّصْفُ ۭ وَلِاَبَوَيْهِ لِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ مِـمَّا تَرَكَ اِنْ كَانَ لَهٗ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّهٗ وَلَدٌ وَّوَرِثَهٗ ٓ اَبَوٰهُ فَلِاُمِّهِ الثُّلُثُ ۚ فَاِنْ كَانَ لَهٗ ٓ اِخْوَةٌ فَلِاُمِّهِ السُّدُسُ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ اٰبَاۗؤُكُمْ وَاَبْنَاۗؤُكُمْ لَا تَدْرُوْنَ اَيُّھُمْ اَقْرَبُ لَكُمْ نَفْعًا ۭ فَرِيْضَةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِيْـمًا حَكِـيْـمًا 11
توهان جي اولاد جي باري ۾ الله توهان کي حڪم ڏئي ٿو ته ڇوڪري جي لاءِ ٻن ڇوڪرين جيترو حصو هجي (يعني ڇوڪريءَ کان ڇوڪري جو حصو ٻيڻو هجڻ گهرجي) جيڪڏهن ڇوڪريون ٻن کان وڌيڪ هجن ته ڇڏيل ملڪيت ۾ انهن جو حصو، ٻه ٽهايون ٿيندو ۽ جيڪڏهن اڪيلي هجي ته ان کي اڌ ملندو ۽ مرحوم جي پيءُ ماءُ منجهان هر هڪ کي ملڪيت جو ڇهون حصو ملندو. پر اهو ان صورت ۾ آهي ته مرحوم کي اولاد هجي، جيڪڏهن اولاد نه هجي ۽ وارث صرف پيءُ ماءُ هجن ته ماءُ جي لاءِ ٽهائي ٿي (باقي حصو پيءُ جو) جيڪڏهن (ماءُ پيءُ کان علاوه) مرحوم جا هڪ کان وڌيڪ ڀائر يا ڀينر به هجن ته ماءُ جو ڇهون حصو ٿيندو پر ياد رهي! مرحوم جيڪا وصيت ڪئي هجي يا ان تي ڪو قرض رهيل هجي ان (وصيت) تي عمل ڪرڻ ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ اهي حصا تقسيم ٿيندا. (ڏسو!) توهان جا ابا ڏاڏا به آهن ۽ توهان جي اولاد به آهي (يعني رشتي جي لحاظ کان مٿيان رشتا به آهن ۽ هيٺيان به) توهين نه ٿا ڄاڻو ته فائدي پهچائڻ جي لحاظ کان ڪهڙو رشتو توهان کي وڌيڪ ويجهو آهي (۽ ڪنهن جو حق وڌيڪ هجڻ گهرجي ۽ ڪنهن جو گهٽ؟) الله جي حڪمت ئي اهو فيصلو ڪري سگهي ٿي- تنهنڪري الله، (سڀني حقدارن جا) حصا مقرر ڪري ڇڏيا آهن ۽ هو (پنهنجن ٻانهن جي ضرورتن کي بهتر) ڄاڻڻ وارو ۽ (پنهنجن سمورن حڪمن ۾) حڪمت ڀريو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَكُمْ نِصْفُ مَا تَرَكَ اَزْوَاجُكُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّھُنَّ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَھُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْنَ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَلَھُنَّ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّكُمْ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَكُمْ وَلَدٌ فَلَھُنَّ الثُّمُنُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ مِّنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ تُوْصُوْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَاِنْ كَانَ رَجُلٌ يُّوْرَثُ كَلٰلَةً اَوِ امْرَاَةٌ وَّلَهٗ ٓ اَخٌ اَوْ اُخْتٌ فَلِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ ۚ فَاِنْ كَانُوْٓا اَكْثَرَ مِنْ ذٰلِكَ فَھُمْ شُرَكَاۗءُ فِي الثُّلُثِ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصٰى بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۙ غَيْرَ مُضَاۗرٍّ ۚ وَصِيَّةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَلِيْمٌ ۭ12
توهان جون زالون جيڪو ڪجهه ملڪيت ۾ ڇڏي وڃن، ان بابت حڪم هي آهي ته جيڪڏهن انهن منجهان اولاد نه هجي ته توهان جو (يعني مڙس جو) اڌ حصو آهي، جيڪڏهن اولاد هجي ته چوٿون حصو! پر اها تقسيم ان کانپوءِ ٿيندي جو هوءَ جيڪا وصيت ڪري وئي هجي، ان تي عمل ٿي چڪو هجي ۽ جيڪو مٿس قرض هجي، اهو ادا ٿي چڪو هجي، ۽ جيڪا ملڪيت توهين ڇڏي وڃو (يعني مڙس جيڪا ملڪيت ڇڏي وڃي) ته ان بابت حڪم اهو آهي ته جيڪڏهن توهان منجهان اولاد نه هجي ته زالن جو چوٿون حصو بيهندو، جيڪڏهن اولاد هوندو ته اٺون حصو، جيڪا توهين وصيت ڪري وڃو، ان تي عمل ٿئي ۽ جيڪو توهان تي قرض رهجي ويو آهي ان جي ادائيگي به ٿئي. ۽ جيڪڏهن ڪو مرد يا عورت ملڪيت ڇڏي وڃي ۽ هو ڪلالو هجي (يعني نه سندس پيءُ هجي نه پٽ) ۽ (ٻي ماءُ منجهان) ان جو ڀاءُ يا ڀيڻ هجي ته ان جو حڪم اهو آهي ته ڀاءُ ڀيڻ منجهان هر هڪ جو ڇهون حصو بيهندو. ۽ جيڪڏهن (ڀاءُ ڀيڻ) هڪ کان وڌيڪ هجن ته پوءِ ٽهائيءَ ۾ سڀ برابر جا شريڪ ٿيندا، پر ان وصيت تي عمل ٿيڻ کانپوءِ- جيڪا مرحوم ڪئي هجي- ۽ ان قرض جي ادائيگيءَ کانپوءِ- جيڪو مرحوم جي ذمي رهجي ويو هجي. بشرطيڪه (وصيت ۽ قرض مان) مقصود (حق دارن کي) نقصان پهچائڻ نه هجي. اهو (ڇڏيل ملڪيت جي باري ۾) الله جي طرفان حڪم آهي ۽ الله (ٻانهن جون مصلحتون) ڄاڻندڙ ۽ (انهن جي ڪمزورين جي لاءِ پنهنجن حڪمن ۽ قانونن ۾) ڏاڍو بردبار آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻتِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ يُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِھَا الْاَنْھٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْھَا ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 13
اهي الله جون (قائم ڪيل) حدون آهن، هاڻي جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو ته الله ان کي (ابدي راحتن جي) اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون. (يعني نهرن جي وهڪري جي ڪري باغن جي ساواڻ ۽ خوشگواري ڪڏهن به متاثر نه ٿيندي) اهي (سرور ۽ راحت) ۾ هميشه رهندا ۽ اها تمام وڏي ڪاميابي آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَنْ يَّعْصِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَيَتَعَدَّ حُدُوْدَهٗ يُدْخِلْهُ نَارًا خَالِدًا فِيْھَا ۠ وَلَهٗ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ ۧ14
پر جنهن الله ۽ ان جي رسول جي نافرماني ڪئي ۽ ان جي قائم ڪيل حدن جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا ته اُهو (جنت جي ابدي راحتن بجاءِ) باهه جي عذاب ۾ وڌو ويندو. هو هميشه باهه ۾ رهندو ۽ ان جي لاءِ رسوا ڪندڙ عذاب هوندو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَالّٰتِيْ يَاْتِيْنَ الْفَاحِشَةَ مِنْ نِّسَاۗىِٕكُمْ فَاسْتَشْهِدُوْا عَلَيْهِنَّ اَرْبَعَةً مِّنْكُمْ ۚ فَاِنْ شَهِدُوْا فَاَمْسِكُوْھُنَّ فِي الْبُيُوْتِ حَتّٰى يَتَوَفّٰىھُنَّ الْمَوْتُ اَوْ يَـجْعَلَ اللّٰهُ لَھُنَّ سَبِيْلًا 15
۽ توهان جي عورتن منجهان جيڪي عورتون بدچاليون ٿي پون ته پنهنجن ماڻهن منجهان چئن (بي داغ) مردن جي ان تي گواهي آڻيو. جيڪڏهن (اهڙا بي داغ) چار گواهه گواهي ڏين ته پوءِ اهڙين عورتن کي گهرن ۾ بند رکو ايستائين جو موت، انهن جي زندگي پوري ڪري ڇڏي يا، الله انهن جي لاءِ ڪا ٻي واٽ ڪڍي وٺي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَالَّذٰنِ يَاْتِيٰنِھَا مِنْكُمْ فَاٰذُوْھُمَا ۚ فَاِنْ تَابَا وَاَصْلَحَا فَاَعْرِضُوْا عَنْهُمَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ تَوَّابًا رَّحِـيْـمًا 16
۽ توهان منجهان جيڪي ٻه مرد بدچالا ٿي پون ته گهرجي ته انهن ٻنهي کي اذيت پهچايو (يعني مٿن اهڙي جسماني يا نفسياتي سختي ڪيو جنهن مان کين اذيت پهچي) پوءِ جيڪڏهن اهي توبهه ڪن ۽ پنهنجي حالت سڌاري وٺن ته انهن کي ڇڏي ڏيو. بي شڪ ! الله توبهه قبول ڪندڙ ۽ رحمت ڀريو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّـمَا التَّوْبَةُ عَلَي اللّٰهِ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السُّوْۗءَ بِـجَهَالَةٍ ثُـمَّ يَتُوْبُوْنَ مِنْ قَرِيْبٍ فَاُولٰۗىِٕكَ يَتُوْبُ اللّٰهُ عَلَيْھِمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِــيْـمًا حَكِـيْـمًا 17
باقي ياد رهي ته الله جي حضور ۾ توبهه جي قبوليت انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي ڪا بڇڙائي، جهالت سبب ڪري ويهندا آهن ۽ فوري طور توبهه ڪري وٺندا آهن (۽ سندن ضمير پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿي پوندو آهي) ته بي شڪ ! اهي ئي ماڻهو آهن جو الله به (پنهنجي رحمت سان) مٿن موٽي پوندو آهي ۽ هو يقيناَ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجن سمورن حڪمن ۾) حڪمت ڀريو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَيْسَتِ التَّوْبَةُ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السَّـيِّاٰتِ ۚ ﱑ اِذَا حَضَرَ اَحَدَھُمُ الْمَوْتُ قَالَ اِنِّىْ تُبْتُ الْــٰٔنَ وَلَا الَّذِيْنَ يَـمُوْتُوْنَ وَھُمْ كُفَّارٌ ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَعْتَدْنَا لَھُمْ عَذَابًا اَلِـــيْـمًا 18
باقي انهن ماڻهن جي توبهه، توبهه ئي نه آهي جيڪي (سموري ڄمار ته) بڇڙايون ڪندا رهيا پر جڏهن انهن منجهان ڪنهن جي آڏو موت اچي بيٺو ته چوڻ لڳو: هاڻي مان توبهه ٿو ڪريان (ظاهر آهي ته اها توبهه، سچي توبهه ته نه ٿي!) اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن جي توبهه به توبهه ناهي، جيڪي دنيا مان ڪفر جي حالت ۾ مري وڃن ٿا. اهڙن سمورن ماڻهن جي لاءِ اسين دردناڪ عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي. (جيڪو کين سندن ڪرتوتن جي ڪري پلئه پوڻو آهي)
— عبدالمؤمن ميمڻيٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَـحِلُّ لَكُمْ اَنْ تَرِثُوا النِّسَاۗءَ كَرْهًا ۭ وَلَا تَعْضُلُوْھُنَّ لِتَذْهَبُوْا بِبَعْضِ مَآ اٰتَيْتُمُوْھُنَّ اِلَّآ اَنْ يَّاْتِيْنَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۚ وَعَاشِرُوْھُنَّ بِالْمَعْرُوْفِ ۚ فَاِنْ كَرِھْتُمُوْھُنَّ فَعَسٰٓى اَنْ تَكْرَهُوْا شَـيْـــــًٔـا وَّيَـجْعَلَ اللّٰهُ فِيْهِ خَيْرًا كَثِيْرًا 19
مسلمانؤ! توهان جي لاءِ اها ڳالهه جائز ڪانهي جو عورتن کي (مرحوم جي) ميراث سمجهي انهن تي زبردستيءَ قبضو ڪري ويهو. ۽ نه ڪي توهان جي لاءِ اهو جائز آهي ته، جيڪو (مال ملڪيت) اهڙين زالن کي ڏئي چڪا آهيو ان منجهان ڪجهه ڦٻائڻ جي لاءِ انهن تي سختي ڪريو ۽ کين (نڪاح ڪرڻ کان) روڪي رکو، سواءِ ان جي ته هو سرِعام بدچاليون ٿي پون. ۽ عورتن سان وهنوار ڪرڻ ۾ نيڪي ۽ انصاف سامهون رکو. پوءِ جيڪڏهن توهان کي (ڪنهن سبب جي ڪري) اهي ناپسند هجن ته (ڇِتا ۽ اڻ جهليا نه ٿيو) عجب ناهي ته ڪا ڳالهه توهان کي ناپسند هجي ۽ ان ۾ الله توهان جي لاءِ بهتري رکي هجي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِنْ اَرَدْتُّـمُ اسْتِبْدَالَ زَوْجٍ مَّكَانَ زَوْجٍ ۙ وَّاٰتَيْتُمْ اِحْدٰىھُنَّ قِنْطَارًا فَلَا تَاْخُذُوْا مِنْهُ شَـيْـــًٔـا ۭ اَتَاْخُذُوْنَهٗ بُھْتَانًا وَّاِثْـمًا مُّبِيْنًا 20
۽ جيڪڏهن توهين (سهڻي سلوڪ سان نڀاءُ نه ڪري سگهو ۽) ارادو ڪريو ته هڪ زال ڇڏي ان جي جاءِ تي ٻي پرڻبئو ۽ پهرئين زال کي توهين (سون چانديءَ جو) ذخيرو به (حق مهر ۾) ڏئي ڇڏيو هجي ته (ان زال کي پاڻ کان الڳ ڪندي) ان مال مان کانئس ڪجهه به واپس نه وٺو. ڇا توهين چاهيو ٿا ته پنهنجو مال، بهتان مڙهي ۽ نسورو ظلم ڪري واپس وٺو؟!
— عبدالمؤمن ميمڻ