037 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 182 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
وَالصّــٰۗفّٰتِ صَفًّا 1ۙ
قسم آهي مجاهدن جي انهن گهوڙن جو جيڪي (دشمنن سان ويڙهه جي لاءِ) قطار ڪيون بيٺا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻفَالزّٰجِرٰتِ زَجْرًا 2ۙ
پوءِ (مجاهد- جوڌا) پنهنجن گهوڙن کي زور سان هڪليندي (دشمنن تي حملو ڪندا آهن)!
— عبدالمؤمن ميمڻفَالتّٰلِيٰتِ ذِكْرًا 3ۙ
پوءِ (لڙائيءَ مان فارغ ٿي ويندا آهن ته) الله جي پچار ۽ تلاوت ۾ مشغول ٿي ويندا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ اِلٰهَكُمْ لَوَاحِدٌ 4ۭ
بي شڪ ! توهان سڀني جو معبود برحق هڪ ئي معبود آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻرَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَرَبُّ الْمَشَارِقِ 5ۭ
الله آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪو ڪجهه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي، انهن سڀني جو رب آهي- ۽ اُهو الله رب آهي سمورن اوڀرن جو.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّا زَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِزِيْنَةِ ۨالْكَـوَاكِبِ 6ۙ
بي شڪ! اسان آسمان کي ستارن جي سونهن سان سينگاريو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَحِفْظًا مِّنْ كُلِّ شَيْطٰنٍ مَّارِدٍ 7ۚ
۽ هر سرڪش شيطان کان ان کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻلَا يَسَّمَّعُوْنَ اِلَى الْمَلَاِ الْاَعْلٰي وَيُقْذَفُوْنَ مِنْ كُلِّ جَانِبٍ ڰ 8
اهي (شيطان) ملاء اعلى جون ڳالهيون بلڪل نه ٿا ٻڌي سگهن ۽ هر پاسي کان، (اُماڙين سان) چُٽيا وڃن ٿا
— عبدالمؤمن ميمڻدُحُوْرًا وَّلَهُمْ عَذَابٌ وَّاصِبٌ 9ۙ
تڙجڻ واسطي۽ انهن جي لاءِ دائمي عذاب آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاِلَّا مَنْ خَطِفَ الْخَــطْفَةَ فَاَتْــبَعَهٗ شِهَابٌ ثَاقِبٌ 10
پر، جيڪو شيطان ڪا خبر لهي به وڃي ته هڪ اُماڙي سندس پيڇو ڪندي آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻفَاسْتَفْتِهِمْ اَهُمْ اَشَدُّ خَلْقًا اَمْ مَّنْ خَلَقْنَا ۭ اِنَّا خَلَقْنٰهُمْ مِّنْ طِيْنٍ لَّازِبٍ 11
هاڻي انهن ڪافرن کان پڇ ته آسمانن کي تخليق ڪرڻ ڏکيوآهي يا ماڻهن کي تخليق ڪرڻ ڏکيو آهي جن کي اسان خلقي چڪا آهيون!- ماڻهن کي اسان چيڪي مٽيءَ مان خلقيو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻبَلْ عَـجِبْتَ وَيَسْخَرُوْنَ ۠12
بلڪه توهين تعجب ۾ آهيو ۽ هو (حقيقت جو) مذاق اڏائين ٿا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذَا ذُكِّرُوْا لَا يَذْكُرُوْنَ ۠13
۽ جڏهن کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته اها، هو قبول نه ٿاڪن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذَا رَاَوْا اٰيَةً يَّسْتَسْخِرُوْنَ ۠14
۽ جڏهن ڪو معجزو ڏسن ٿا ته مسخري ٿا ڪن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَقَالُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِـحْرٌ مُّبِيْنٌ ښ 15
۽ چون ٿا؛ اهو ته نسورو جادو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻءَاِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَّعِظَامًا ءَاِنَّا لَمَبْعُوْثُوْنَ ۙ16
(۽ چون ٿا ته) جڏهن اسان مري وينداسون ۽ مٽي ۽ (ڳريل) هڏيون ٿي وينداسون ته ڇا اسان ٻيهر جيئرا ڪري اٿاريا وينداسين؟!
— عبدالمؤمن ميمڻاَوَاٰبَاۗؤُنَا الْاَوَّلُوْنَ ۭ17
۽ ڇا اسان جا اڳلا ابا ڏاڏا به (اٿاريا ويندا)؟!
— عبدالمؤمن ميمڻقُلْ نَعَمْ وَاَنْتُمْ دَاخِرُوْنَ ۚ18
تون چئه؛ هائو بلڪه توهين ذليل ٿيندؤ!
— عبدالمؤمن ميمڻفَاِنَّـمَا هِىَ زَجْرَةٌ وَّاحِدَةٌ فَاِذَا هُمْ يَنْظُرُوْنَ 19
ايئن ته بس هڪ ئي هڪل ٿيندي ته امالڪ اهي ڏسڻ لڳندا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَقَالُوْا يٰوَيْلَنَا ھٰذَا يَوْمُ الدِّيْنِ 20
۽ چوندا؛ ويل ڙي ويل! هي ته بدلي جو ڏينهن آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻ