034 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَلَهُ الْـحَمْدُ فِي الْاٰخِرَةِ ۭ وَهُوَ الْحَكِيْمُ الْخَبِيْرُ 1
سڀ تعريفون الله جي لاءِ آهن جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ هر شيءِ جو مالڪ آهي ۽ آخرت ۾ به اهوئي تعريف جو حقدار آهي ۽ اهوئي ڪمال حڪمت جو مالڪ ۽ هر شيءِ کان باخبر آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻيَعْلَمُ مَا يَـلِجُ فِي الْاَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنْزِلُ مِنَ السَّمَاۗءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيْهَا ۭ وَهُوَ الرَّحِيْمُ الْغَفُوْرُ 2
الله هر ان شيءِ کي ڄاڻي ٿو جيڪا زمين ۾ داخل ٿيندي آهي ۽ جيڪا ان مان نڪرندي آهي ۽ جيڪا آسمان کان لهندي آهي ۽ جيڪا آسمان ڏانهن چڙهندي آهي. ۽ هو نهايت مهرباني ڪندڙ-وڏو بخشڻهار آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَا تَاْتِيْنَا السَّاعَةُ ۭ قُلْ بَلٰى وَرَبِّيْ لَتَاْتِيَنَّكُمْ ۙ عٰلِمِ الْغَيْبِ ۚ لَا يَعْزُبُ عَنْهُ مِثْـقَالُ ذَرَّةٍ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ وَلَآ اَصْغَرُ مِنْ ذٰلِكَ وَلَآ اَكْبَرُ اِلَّا فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ ڎڎ 3
۽ ڪافر چون ٿا؛ اسان تي قيامت ڪونه ايندي. تون چئه؛ ڇونه؟ قسم آهي مون کي ربّ- عالم الغيب جو! قيامت ضرور ايندي. ان (الله) کان ذري برابر ڪا شيءِ نه ڪي آسمانن ۾ لڪل آهي نه ڪي زمين ۾. ۽ تر جيتري به شيءِ- ننڍي يا وڏي-هر شيءِ ڪتابِ مبين ۾ موجود آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻلِّيَجْزِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْمٌ 4
(قيامت جو اچڻ ان لاءِ به ضروري آهي) ته جيئن الله انهن ماڻهن کي- جن خدا تي ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا، ان جو (چڱو) بدلو عطا فرمائي. اهي ئي اُهي ماڻهو آهن جن جي لاءِ مغفرت ۽ عزت جي روزي آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَالَّذِيْنَ سَعَوْ فِيْٓ اٰيٰتِنَا مُعٰجِزِيْنَ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مِّنْ رِّجْزٍ اَلِــيْمٌ 5
۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن کي خسيس ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڊڪن ڊوڙن ٿا ته اِهي اُهي ماڻهو آهن جن کي سخت قسم جو دردناڪ عذاب ٿيڻو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَيَرَى الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ الَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ هُوَ الْــحَقَّ ۙ وَيَهْدِيْٓ اِلٰى صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْـحَمِيْدِ 6
۽ اهي ماڻهو جن کي صحيح علم ڏنو ويو آهي، اهي ڄاڻن ٿا ته جيڪو ڪجهه تنهنجي رب جي پاران (قرآن جي صورت ۾) توتي نازل ڪيو ويو آهي، اهو برابر حق آهي ۽ (قرآن) خدا جو رستو ڏيکاريندڙ آهي- جيڪو زبردست ۽ ساراهيل خدا آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا هَلْ نَدُلُّكُمْ عَلٰي رَجُلٍ يُّنَبِّئُكُمْ اِذَا مُزِّقْتُمْ كُلَّ مُـمَزَّقٍ ۙ اِنَّكُمْ لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ 7ۚ
۽ ڪافر چون ٿا؛ ڀلا اسان توهان کي اهڙي ماڻهوءَ بابت ٻڌايون، جيڪو توهان کي خبر ٿو ڏئي ته جڏهن توهين مري چڪنا چور ٿي ويندؤ ته وري نئين سري سان پيدا ڪيا ويندؤ.
— عبدالمؤمن ميمڻاَفْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا اَمْ بِهٖ جِنَّةٌ ۭ بَلِ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ فِي الْعَذَابِ وَالضَّلٰلِ الْبَعِيْدِ 8
ڇا ان ماڻهوءَ الله تي ڪو بهتان مڙهيو آهي يا کيس ڪا چريائپ آهي؟! (اهڙي ڪائي ڳالهه ڪانهي) بلڪه جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نه ٿا رکن اهي عذاب ڀوڳڻ وارا آهن ۽ وڏي گمراهيءَ ۾ ڦاٿل آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻاَفَلَمْ يَرَوْا اِلٰى مَا بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنْ نَّشَاْ نَخْسِفْ بِهِمُ الْاَرْضَ اَوْ نُسْقِطْ عَلَيْهِمْ كِسَفًا مِّنَ السَّمَاۗءِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 9ۧ
ڇا انهن ماڻهن آسمان ۽ زمين تي نگاهه ناهي ڪئي جيڪو انهن جي اڳيان ۽ پويان پٿريل آهي؟ جيڪڏهن اسان چاهيون ته کين زمين ۾ ڳڙڪائي ڇڏيون ۽ يا آسمان جا ڪجهه ٽڪرا مٿانئن ڪيرايون. بي شڪ! ان ۾ هر ان شخص جي لاءِ (عبرت جي) نشاني آهي جيڪو خدا ڏانهن رجوع ڪندڙ آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ مِنَّا فَضْلًا ۭ يٰجِبَالُ اَوِّبِيْ مَعَهٗ وَالطَّيْرَ ۚ وَاَلَنَّا لَهُ الْحَدِيْدَ ۙ10
۽ اسان داؤد کي پاڻ وٽان عزت عطا ڪئي. (۽ اسان پهاڙن کي حڪم ڏنو) ته اي پهاڙؤ! توهين داؤد سان گڏ تسبيح جهونگاريو ۽ پکين کي به (اهوئي حڪم ڏنوسون) ۽ اسان داؤد جي لاءِ لوهه کي ميڻُ ڪري ڇڏيو.
— عبدالمؤمن ميمڻاَنِ اعْمَلْ سٰبِغٰتٍ وَّقَدِّرْ فِي السَّرْدِ وَاعْمَلُوْا صَالِـحًا ۭ اِنِّىْ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 11
(۽ کيس هدايت ڪئي ته) اي داؤد ! زرهون ٺاهه ۽ زرهن جون ڪڙيون ٺيڪ رکج ۽ (اي آل داؤد!) چڱا ڪم ڪريو، بي شڪ! توهين جيڪو ڪجهه ڪندا آهيو، مان اهو سڀ ڪجهه ڏسندو آهيان.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلِسُلَيْمٰنَ الرِّيْحَ غُدُوُّهَا شَهْرٌ وَّ رَوَاحُهَا شَهْرٌ ۚ وَاَسَلْنَا لَهٗ عَيْنَ الْقِطْرِ ۭ وَمِنَ الْجِنِّ مَنْ يَّعْمَلُ بَيْنَ يَدَيْهِ بِاِذْنِ رَبِّهٖ ۭ وَمَنْ يَّزِغْ مِنْهُمْ عَنْ اَمْرِنَا نُذِقْهُ مِنْ عَذَابِ السَّعِيْرِ 12
۽ سليمان جي لاءِ هوا کي تابعدار ڪري ڇڏيوسون-جنهن هوا جي صبح جي مسافت هڪڙو مهينو ۽ شام جي مسافت به هڪڙو مهينو هئي ۽ اسان سليمان جي لاءِ رِجّيل ٽامي جو چشمو وهايو ۽ جِنّن منجهان ڪجهه اهي هيا جيڪي سليمان جي رب جي حڪم سان ان جي آڏو ڪم ڪندا رهيا. ۽ (کين اسان جو حڪم هيو ته) منجهانئن جيڪو اسان جي حڪم کان ڪنڌ ڪڍائيندو ته اسان ان کي ڀڙڪندڙ باهه جو مزو چکائينداسون.
— عبدالمؤمن ميمڻيَعْمَلُوْنَ لَهٗ مَا يَشَاۗءُ مِنْ مَّحَارِيْبَ وَتَمَاثِيْلَ وَجِفَانٍ كَالْجَــوَابِ وَقُدُوْرٍ رّٰسِيٰتٍ ۭ اِعْمَلُوْٓا اٰلَ دَاوٗدَ شُكْرًا ۭ وَقَلِيْلٌ مِّنْ عِبَادِيَ الشَّكُوْرُ 13
جِنّ، سليمان جي لاءِ اُهي شيون جوڙيندا هئا جيڪي سُليمان چاهيندو هيو- (جهڙوڪ؛) جنگي قلعا- مورتيون- تلائن جيڏا پيالا ۽ وڏيون وڏيون ديڳيون جيڪي هڪ ئي هنڌ کُتل رهن. اي آلِ داؤد! (انهن نعمتن جا) شڪرانا بجا آڻيو ۽ نيڪ عمل ڪريو ۽ (حقيقت اها آهي ته) منهنجن بندن ۾ بنهه ٿورا شڪر گذار بندا هجن ٿا.
— عبدالمؤمن ميمڻفَلَمَّا قَضَيْنَا عَلَيْهِ الْمَوْتَ مَا دَلَّهُمْ عَلٰي مَوْتِهٖٓ اِلَّا دَاۗبَّةُ الْاَرْضِ تَاْكُلُ مِنْسَاَتَهٗ ۚ فَلَمَّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الْجِنُّ اَنْ لَّوْ كَانُوْا يَعْلَمُوْنَ الْغَيْبَ مَا لَبِثُوْا فِي الْعَذَابِ الْمُهِيْنِ ۭ14
پوءِ جڏهن اسان سليمان تي موت جو فيصلو ڪري ڇڏيو ته جِنن کي ان جي موت بابت ڌرتيءَ جي جيت آگاهه ڪيو جيڪو سندس لٺ کي کائيندو رهيو. پوءِ جڏهن سليمان ڪري پيو، تڏهن جنن تي اها حقيقت پڌري ٿي ته جيڪڏهن هو غيب ڄاڻندا هجن ها ته (سخت مشقت جي) هن رسوا ڪندڙ عذاب ۾ ڦاٿا نه رهن ها.
— عبدالمؤمن ميمڻلَقَدْ كَانَ لِسَـبَاٍ فِيْ مَسْكَنِهِمْ اٰيَةٌ ۚ جَنَّتٰنِ عَنْ يَّـمِيْنٍ وَّ شِمَالٍ ڛ كُلُوْا مِنْ رِّزْقِ رَبِّكُمْ وَاشْكُرُوْا لَهٗ ۭ بَلْدَةٌ طَيِّبَةٌ وَّرَبٌّ غَفُوْرٌ 15
بي شڪ! سبا وارن جي لاءِ انهن جي وطن (مآرب) ۾ وڏي نشاني موجود هئي- ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٻه باغ موجود هيا: (کين چيل هيو ته) پنهنجي رب جو ڏنل رزق کائو ۽ ان جو شڪر بجا آڻيو. عمدو ۽ پاڪ شهر آهي ۽ رب بخشڻهار آهي-
— عبدالمؤمن ميمڻفَاَعْرَضُوْا فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ سَيْلَ الْعَرِمِ وَبَدَّلْنٰهُمْ بِجَنَّتَيْهِمْ جَنَّتَيْنِ ذَوَاتَىْ اُكُلٍ خَـمْطٍ وَّاَثْلٍ وَّشَيْءٍ مِّنْ سِدْرٍ قَلِيْلٍ 16
پر هنن منهن مَٽي ڇڏيو، آخرڪار اسان مٿن بند (ٽوڙي) ٻوڏ آڻي ڇڏي ۽ انهن جي ٻن باغن جي بدلي کين ٻه باغ ٻيا ڏئي ڇڏياسون جن ۾ ڪسارا ميوا ۽ ڪجهه لَيون ۽ ٻيرين جاوڻ هيا.
— عبدالمؤمن ميمڻذٰلِكَ جَزَيْنٰهُمْ بِـمَا كَفَرُوْا ۭ وَهَلْ نُجٰزِيْٓ اِلَّا الْكَفُوْرَ 17
اها اسان کين سندن ناشڪريءَ جي سزا ڏني ۽ اسان ناشڪرن سان ائين ئي پلاند ڪندا آهيون.
— عبدالمؤمن ميمڻوَجَعَلْنَا بَيْنَهُمْ وَبَيْنَ الْقُرَى الَّتِيْ بٰرَكْنَا فِيْهَا قُرًى ظَاهِرَةً وَّقَدَّرْنَا فِيْهَا السَّيْرَ سِيْرُوْا فِيْهَا لَيَالِيَ وَاَيَّامًا اٰمِنِيْنَ 18
۽ اسان سبا وارن ۽ انهن جي ڳوٺن جي وچ ۾ جن کي اسان برڪت عطا ڪئي هئي، ڏاڍا سهڻا (۽ لاڳيتا) ڳوٺڙا آباد ڪيا ۽ انهن ۾ سفر جي لاءِ هڪ فاصلو رکيو هيو ته جيئن توهين انهن ۾ ڪيتريون ئي راتيون ۽ ڏينهن (لاڳيتو) امن سان سفر ڪندا رهو.
— عبدالمؤمن ميمڻفَقَالُوْا رَبَّنَا بٰعِدْ بَيْنَ اَسْفَارِنَا وَظَلَمُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَـجَعَلْنٰهُمْ اَحَادِيْثَ وَمَزَّقْنٰهُمْ كُلَّ مُمَــزَّقٍ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 19
پر هنن چيو؛ اي اسان جا رب ! اسان جي سفر جا فاصلا ڊگها ڪر ۽ هنن (اهڙي گهُر ڪري) پاڻ تي ظلم ڪيو. نيٺ اسان کين افسانو بڻائي ڇڏيو ۽ کين منتشر ڪري ڇڏيوسون. بي شڪ! ان واقعي ۾ هر صبر ڪندڙ- شڪر ڪندڙ جي لاءِ (وڏيون عبرت جون) نشانيون آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَقَدْ صَدَّقَ عَلَيْهِمْ اِبْلِيْسُ ظَنَّهٗ فَاتَّبَعُوْهُ اِلَّا فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 20
بي شڪ! انهن جي معاملي ۾ ابليس پنهنجو چوڻ (لَاَحْتَنِکَنَّ(-) وارو ۽ لَاٰتِیَنَّہُمْ (-) وارو) سچو ڪري ڏيکاريو! (نتيجو هي نڪتو جو) سواءِ ايمان وارن جي ٿورڙي جماعت جي باقي سڀ ابليس جي ڪڍ لڳا.
— عبدالمؤمن ميمڻ