033 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 73 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اتَّقِ اللّٰهَ وَلَا تُطِـعِ الْكٰفِرِيْنَ وَالْمُنٰفِقِيْنَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِـيْمًا حَكِــيْمًا 1ۙ
اي نبي! الله کان ڊڄندو رهه ۽ ڪافرن ۽ منافقن جي پيروڪاري نه ڪر ڇاڪاڻ جو الله ئي سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ ڪامل حڪمت وارو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَّاتَّبِـعْ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرًا 2ۙ
۽ تنهنجي رب جي طرفان جيڪا وحي موڪلي وڃي ٿي، ان جي تابعداري ڪر. بي شڪ ! الله انهن مڙني ڪمن کان باخبر آهي جيڪي توهين ڪندا آهيو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَّتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ ۭ وَكَفٰي بِاللّٰهِ وَكِيْلًا 3
۽ الله تي توڪل ڪريو، بي شڪ! الله ئي ڪارساز طور ڪافي آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻمَا جَعَلَ اللّٰهُ لِرَجُلٍ مِّنْ قَلْبَيْنِ فِيْ جَوْفِهٖ ۚ وَمَا جَعَلَ اَزْوَاجَكُمُ اڿ تُظٰهِرُوْنَ مِنْهُنَّ اُمَّهٰتِكُمْ ۚ وَمَا جَعَلَ اَدْعِيَاۗءَكُمْ اَبْنَاۗءَكُمْ ۭ ذٰلِكُمْ قَوْلُكُمْ بِاَفْوَاهِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَـقُوْلُ الْــحَـقَّ وَهُوَ يَهْدِي السَّبِيْلَ 4
الله ڪنهن شخص جي سيني ۾ ٻه دليون ناهن رکيون ۽ نه ڪي هن توهان جي زالن کي- جن سان توهين ‘ظِهار’ ڪريو ٿا، توهان جون مائرون بڻائي ڇڏيو آهي ۽ نه ڪي توهان جي سڏيل پٽن (يعني پُٽيلن) کي توهان جو حقيقي پٽ بڻايو آهي، اهي صرف توهان جي واتن مان نڪتل (ٻاڦيل) ڳالهيون آهن ۽ الله حق جي ڳالهه ڪندو آهي ۽ اهوئي سنئين دڳ لائيندو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاُدْعُوْهُمْ لِاٰبَاۗىِٕهِمْ هُوَ اَقْسَطُ عِنْدَ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ لَّمْ تَعْلَمُوْٓا اٰبَاۗءَهُمْ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ وَمَوَالِيْكُمْ ۭ وَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ فِيْمَآ اَخْطَاْتُـمْ بِهٖ ۙ وَلٰكِنْ مَّا تَعَمَّدَتْ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِـيْمًا 5
پُٽيلن کي سندن (حقيقي) پيئرن جي نسبت (يعني نالي) سان سڏيو- اها الله وٽ وڌيڪ انصاف جوڳي ڳالهه آهي. جيڪڏهن توهان کي انهن جا پيئر معلوم نه هجن ته هو توهان جا ديني ڀائر ۽ ساٿي آهن ۽ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ جيڪا ڳالهه ڪريو ان ۾ توهان تي ڪوئي گناهه ڪونهي. باقي ان ڳالهه تي پڪڙ ٿيندي جيڪا دل جي ارادي سان ڪندؤ ۽ الله وڏو بخشڻهار-نهايت مهربان آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَلنَّبِيُّ اَوْلٰى بِالْمُؤْمِنِيْنَ مِنْ اَنْفُسِهِمْ وَاَزْوَاجُهٗ ٓ اُمَّهٰتُهُمْ ۭ وَاُولُوا الْاَرْحَامِ بَعْضُهُمْ اَوْلٰى بِبَعْضٍ فِيْ كِتٰبِ اللّٰهِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُهٰجِرِيْنَ اِلَّآ اَنْ تَفْعَلُوْٓا اِلٰٓى اَوْلِيٰۗىِٕكُمْ مَّعْرُوْفًا ۭ كَانَ ذٰلِكَ فِي الْكِتٰبِ مَسْطُوْرًا 6
نبي ته مؤمنن کي سندن پنهنجيءَ ذات کان به وڌيڪ پيارو آهي ۽ نبيءَ جون زالون مؤمنن جون مائرون آهن. باقي الله جي ڪتاب جي حڪم موجب مائٽ، ٻين مؤمنن ۽ مهاجرن جي ڀيٽ ۾ هڪ ٻئي جا (وارث بڻجڻ ۾) وڌيڪ حقدار آهن، باقي جيڪڏهن توهين پنهنجي دوستن سان ڪاڀلائي (ڪرڻ چاهيوته) ڪري سگهو ٿا. اهو حڪم ڪتاب ۾ لکيل آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَ اِذْ اَخَذْنَا مِنَ النَّـبِيّٖنَ مِيْثَاقَهُمْ وَ مِنْكَ وَمِنْ نُّوْحٍ وَّ اِبْرٰهِيْمَ وَ مُوْسٰى وَ عِيْسَى ابْنِ مَرْيَـمَ ۠ وَاَخَذْنَا مِنْهُمْ مِّيْثَاقًا غَلِيْظًا 7ۙ
۽ (اي نبي!) ياد ڪر، جڏهن اسان مڙني نبين کان واعدو ورتو ۽ توکان به ۽ نوح، ابراهيم، موسى ۽ عيسى بن مريم کان به واعدو- سخت واعدو ورتوسين-
— عبدالمؤمن ميمڻلِّيَسْـَٔـلَ الصّٰدِقِيْنَ عَنْ صِدْقِهِمْ ۚ وَاَعَدَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابًا اَلِـــيْمًا 8ۧ
ته جيئن سچن ماڻهن کان (انهن جو رب) انهن جي سچائيءَ بابت پڇاڻو ڪري! ۽ الله ڪافرن جي لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَاۗءَتْكُمْ جُنُوْدٌ فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا وَّجُنُوْدًا لَّمْ تَرَوْهَا ۭ وَكَانَ اللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرًا 9ۚ
اي ايمان وارؤ! الله جي ان احسان کي ياد ڪريو، جيڪو احسان توهان تي ان وقت ڪيائين جڏهن کوڙ ساترا لشڪر توهان تي ڪاهه ڪري آيا پوءِ اسان مٿن هڪ آنڌي موڪلي ۽ پنهنجون فوجون روانيون ڪيون جيڪي توهان نه ٿي ڏٺيون ۽ جيڪي ڪجهه توهين ڪري رهيا هيئو، الله اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هيو.
— عبدالمؤمن ميمڻاِذْ جَاۗءُوْكُمْ مِّنْ فَوْقِكُمْ وَمِنْ اَسْفَلَ مِنْكُمْ وَاِذْ زَاغَتِ الْاَبْصَارُ وَبَلَغَتِ الْقُلُوْبُ الْحَـنَاجِرَ وَتَظُنُّوْنَ بِاللّٰهِ الظُّنُوْنَا 10
جڏهن اهي لشڪر توهان جي هيٺاهينءَ ۽ مٿاهينءَ کان توهان تي ڪاهه ڪري آيا هيا ۽ جڏهن اکيون ڦاٽي ويون هيون ۽ دليون (دهشت جي ڪري) نِڙگهٽن کي پهچي ويون هيون ۽ توهين الله بابت عجيب قسم جا گمان ڪري رهيا هيئو.
— عبدالمؤمن ميمڻهُنَالِكَ ابْتُلِيَ الْمُؤْمِنُوْنَ وَزُلْزِلُوْا زِلْزَالًا شَدِيْدًا 11
ان وقت مؤمن خوب آزمايا ويا ۽ وڏي سختيءَ سان ڌوڏيا ويا!
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذْ يَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَالَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ مَّا وَعَدَنَا اللّٰهُ وَرَسُوْلُهٗ ٓ اِلَّا غُرُوْرًا 12
۽ جڏهن منافق ۽ اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ روڳ هيو، چيائون ٿي ته الله ۽ ان جي رسول جيڪو واعدو اسان سان ڪيو هيو اهو ته نج دوکو هيو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذْ قَالَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ مِّنْهُمْ يٰٓاَهْلَ يَثْرِبَ لَا مُقَامَ لَكُمْ فَارْجِعُوْا ۚ وَيَسْتَاْذِنُ فَرِيْقٌ مِّنْهُمُ النَّبِيَّ يَقُوْلُوْنَ اِنَّ بُيُوْتَنَا عَوْرَةٌ ړ وَمَا هِىَ بِعَوْرَةٍ ڔ اِنْ يُّرِيْدُوْنَ اِلَّا فِرَارًا 13
جڏهن منجهانئن هڪ گروهه چيو؛ اي مديني وارؤ ! هاڻي هتي توهان جي ترسڻ جي ڪائي گنجائش ڪانهي تنهنڪري هتان موٽي هلو ۽ منجهانئن هڪ ٽولي نبيءَ کي اهو چئي ٿي رخصت طلبي ته اسان جا گهر کُليل (يعني غير محفوظ) آهن. حالانڪه انهن جا گهر کُليل نه هئا. اهي (منافق) محض (جنگ کان) ڀڄڻ جي چڪر ۾ هئا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَوْ دُخِلَتْ عَلَيْهِمْ مِّنْ اَقْطَارِهَا ثُـمَّ سُىِٕلُوا الْفِتْنَةَ لَاٰتَوْهَا وَمَا تَلَبَّثُوْا بِهَآ اِلَّا يَسِيْرًا 14
۽ جيڪڏهن مديني جي پاسن کان مٿن ڪو لشڪر شهر ۾ گهڙي اچي ها، پوءِکين فتني ۽ فساد برپا ڪرڻ جو چئجي ها ته فوراً فتني ۾ اچي شريڪ ٿي پون ها ۽ گهرن ۾ تمام ٿورا ماڻهو رهن ها.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَقَدْ كَانُوْا عَاهَدُوا اللّٰهَ مِنْ قَبْلُ لَا يُوَلُّوْنَ الْاَدْبَارَ ۭ وَكَانَ عَهْدُ اللّٰهِ مَسْـُٔــوْلًا 15
حالانڪه اهي ماڻهو، پهريان الله سان واعدو ڪري چڪا هيا ته هو پٺي نه ڏيندا!- ۽ الله سان ڪيل واعدي جو پڇاڻو ٿيڻو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻقُلْ لَّنْ يَّنْفَعَكُمُ الْفِرَارُ اِنْ فَرَرْتُمْ مِّنَ الْمَوْتِ اَوِ الْقَتْلِ وَاِذًا لَّا تُـمَـتَّعُوْنَ اِلَّا قَلِيْلًا 16
(اي نبي!) تون کين چئه؛ جيڪڏهن توهين موت يا قتل ٿيڻ کان ڀڄو ٿا ته اهو ڀڄڻ توهان کي ڪوئي فائدو هرگز نه ڏيندو ۽ ان کان پوءِ به ڪي ٿورا ڏينهن ئي توهان کي زندگيءَ مان فائدو ماڻڻ جو موقعو ملي سگهندو.
— عبدالمؤمن ميمڻقُلْ مَنْ ذَا الَّذِيْ يَعْصِمُكُمْ مِّنَ اللّٰهِ اِنْ اَرَادَ بِكُمْ سُوْۗءًا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ رَحْـمَةً ۭ وَلَايَجِدُوْنَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلِيًّا وَّلَا نَصِيْرًا 17
(اي نبي!) تون چئه؛ توهان کي الله کان ڪير ٿو بچائي سگهي؟ جيڪڏهن هو توهان کي نقصان پهچائڻ چاهي يا توهان تي مهرباني ڪرڻ چاهي ته ان جي رحمت کي ڪير ٿو روڪي سگهي؟ اهي ماڻهو الله کانسواءِ ڪوئي واهرو ۽ مددگار نه لهندا.
— عبدالمؤمن ميمڻقَدْ يَعْلَمُ اللّٰهُ الْمُعَوِّقِيْنَ مِنْكُمْ وَالْقَاۗىِٕلِيْنَ لِاِخْوَانِهِمْ هَلُمَّ اِلَيْنَا ۚ وَلَا يَاْتُوْنَ الْبَاْسَ اِلَّا قَلِيْلًا ۙ18
الله توهان مان انهن ماڻهن کي چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو جيڪي ماڻهن کي (جهاد کان) روڪين ٿا ۽ پنهنجن ڀائرن کي چون ٿا؛ اچو اسان ڏانهن ۽ اهي ماڻهو جهاد ۾ حصو نه ٿا وٺن سواءِ نالي ڳڻائڻ جي ! -
— عبدالمؤمن ميمڻاَشِحَّةً عَلَيْكُمْ ښ فَاِذَا جَاۗءَ الْخَوْفُ رَاَيْتَهُمْ يَنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ تَدُوْرُ اَعْيُنُهُمْ كَالَّذِيْ يُغْشٰى عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۚ فَاِذَا ذَهَبَ الْـخَوْفُ سَلَقُوْكُمْ بِاَلْسِـنَةٍ حِدَادٍ اَشِحَّةً عَلَي الْـخَــيْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَمْ يُؤْمِنُوْا فَاَحْبَطَ اللّٰهُ اَعْـمَالَهُمْ ۭ وَكَانَ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرًا 19
(منافق ماڻهو)تو بابت بخل جو جذبو رکيون ويٺا آهن، جڏهن ڪا اوڻائي ايندي ته توهين ڏسندؤ ته هو توهان ڏانهن ايئن گهُوري ڏسي رهيا هوندا- ڄڻ ڪنهن مرندڙ ماڻهوءَ تي بي هوشي طاري ٿيندي هجي. پوءِ جڏهن خطرو ٽري ويندو آهي ته اهي ماڻهو مال جي لوڀ ۾ تکن لفظن سان توکي طعنا ڏيڻ لڳندا آهن. انهن ماڻهن، حقيقت ۾ ايمان ئي ناهي آندو. تنهنڪري الله انهن جا عمل چٽ ڪري ڇڏيا ۽ ائين ڪرڻ الله جي لاءِ سولو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻيَحْسَبُوْنَ الْاَحْزَابَ لَمْ يَذْهَبُوْا ۚ وَاِنْ يَّاْتِ الْاَحْزَابُ يَوَدُّوْا لَوْ اَنَّهُمْ بَادُوْنَ فِي الْاَعْرَابِ يَسْاَلُوْنَ عَنْ اَنْۢبَاۗىِٕكُمْ ۭ وَلَوْ كَانُوْا فِيْكُمْ مَّا قٰتَلُوْٓا اِلَّا قَلِيْلًا ۧ20
(خوف جيڪري) سندن اهو خيال آهي ته (دشمن جون) فوجون اڃا واپس نه وريون آهن ۽ جيڪڏهن اهي فوجون ٻيهر واپس اچن ته انهن (منافقن) جي تمنا هوندي ته جيڪر ڪٿي صحرا ۾ ڳوٺاڻن ڏانهن هليا وڃن ۽ اتان توهان جا حالات معلوم ڪندا رهن. پوءِ جيڪڏهن هو توهان جي درميان رهندا به ته ويڙهه ۾ بنهه گهٽ حصو وٺندا.
— عبدالمؤمن ميمڻ