032 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
الۗمّۗ 1ۚ
الف، لام، ميم-
— عبدالمؤمن ميمڻتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ لَا رَيْبَ فِيْهِ مِنْ رَّبِّ الْعٰلَمِيْنَ 2ۭ
هن ڪتاب جو نازل ڪرڻ، جنهن ۾ڪو به شڪ ناهي رب العالمين جي پاران آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۚ بَلْ هُوَ الْـحَـقُّ مِنْ رَّبِّكَ لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اَتٰىهُمْ مِّنْ نَّذِيْرٍ مِّنْ قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ يَهْتَدُوْنَ 3
ڇا اهي ماڻهو چون ٿا ته اهو قرآن (پيغمبر) پاڻ ٺاهيو آهي؟ ائين نه آهي بلڪه قرآن حق آهي تنهنجي رب جي پاران لاٿو ويو آهي ته جيئن تون هڪ اهڙي قوم کي حقيقت کان آگاهه ڪرين جنهن وٽ توکان پهريان ڪوئي آگاهه ڪرڻ وارو نه آيو، ته من اهي ماڻهو هدايت ماڻين.
— عبدالمؤمن ميمڻاَللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِيْ سِـتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰي عَلَي الْعَرْشِ ۭ مَا لَكُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّلِيٍّ وَّلَا شَفِيْعٍ ۭ اَفَلَا تَتَذَكَّرُوْنَ 4
الله ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ انهن سمورين شين کي جيڪي منجهن موجود آهن، ڇهن ڏينهن (جي اندازي) ۾ خلقيو. پوءِ هو عرش تي قائم ٿيو. الله کانسواءِ توهان جو ڪوئي دوست- مددگار نه آهي ۽ نه ڪي وري الله کانسواءِ ڪو سفارش ڪندڙ آهي، پوءِ ڇا توهين سوچيو نه ٿا؟
— عبدالمؤمن ميمڻيُدَبِّرُ الْاَمْرَ مِنَ السَّمَاۗءِ اِلَى الْاَرْضِ ثُـمَّ يَعْرُجُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ ٓ اَلْفَ سَـنَةٍ مِّـمَّا تَعُدُّوْنَ 5
الله، آسمان کان زمين تائين هر ڪم جي تدبير ڪندو آهي، پوءِ اهو ڪم (اعمالنامي ۾ لکجڻ لاءِ) هڪ ڏينهن ۾ مٿي پهچي ويندو آهي، جنهن ڏينهن جو مقدار توهان جي ڳڻپ جي حساب سان هڪ هزار سالن جيترو هوندو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻذٰلِكَ عٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 6ۙ
اهو (الله) آهي محسوس ۽ غير محسوس جو ڄاڻڻهار-سگهارو- رحمت ڀريو.
— عبدالمؤمن ميمڻالَّذِيْٓ اَحْسَنَ كُلَّ شَيْءٍ خَلَقَهٗ وَبَدَاَ خَلْقَ الْاِنْسَانِ مِنْ طِيْنٍ 7ۚ
جنهن هر شيءِ کي سهڻائي ۽ سيبتائيءَ سان جوڙيو آهي ۽ (اها ان جي قدرت ۽ حڪمت آهي جو) انسان جي تخليق جو عمل مٽيءَ مان شروع ڪيائين.
— عبدالمؤمن ميمڻثُـمَّ جَعَلَ نَسْلَهٗ مِنْ سُلٰلَةٍ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ 8ۚ
پوءِ انسان جي نسل جو سلسلو (رت جي) خلاصي مان جوڙيائين جيڪو رَتُ پهريان پاڻيءَ جو هڪ خسيس قطرو هوندو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻثُـمَّ سَوّٰىهُ وَنَفَخَ فِيْهِ مِنْ رُّوْحِهٖ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْاَبْصَارَ وَالْاَفْـــِٕدَةَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ 9
پوءِ انسان جي سمورين قوتن جي درستگي ڪيائين ۽ منجهس پنهنجي روح منجهان (هڪ گهڻ رخي صلاحيت ۽ قوت) ڦوڪيائين. ۽ ان طرح توهان جي لاءِ ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ فڪر ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪيائين (پر افسوس!) بنهه گهٽ توهين الله جي رحمت جا شڪرانا بجا آڻيو ٿا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَقَالُوْٓا ءَاِذَا ضَلَلْنَا فِي الْاَرْضِ ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ بَلْ هُمْ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ كٰفِرُوْنَ 10
۽ اهي ماڻهو چون ٿا ته؛ جڏهن اسان مٽيءَ ۾ ملي نابود ٿي وينداسين ته ڇا اسان وري نئين سري سان پيدا ڪيا وينداسين؟ اصل ڳالهه اها آهي ته اهي پنهنجي رب جي ملاقات کان انڪاري آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻقُلْ يَتَوَفّٰىكُمْ مَّلَكُ الْمَوْتِ الَّذِيْ وُكِّلَ بِكُمْ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ تُرْجَعُوْنَ ۧ11
تون چئه ته؛ موت جو اهو فرشتو- جيڪو توهان تي مقرر ڪيو ويو آهي توهان کي پوريءَ طرح پنهنجي قبضي ۾ آڻيندو ۽ پوءِ توهين پنهنجي رب جي طرف موٽايا ويندؤ.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَوْ تَرٰٓي اِذِ الْمُجْرِمُوْنَ نَاكِسُوْا رُءُوْسِهِمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ ۭ رَبَّنَآ اَبْصَرْنَا وَسَمِعْنَا فَارْجِعْنَا نَعْمَلْ صَالِـحًا اِنَّا مُوْقِنُوْنَ 12
(اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون گناهگارن کي ان وقت ڏسين جڏهن هو پنهنجي رب جي درٻار ۾ سر جهڪايون بيٺا هوندا (ان وقت رڙندي روئندي چئي رهيا هوندا؛) اسان چڱيءَ طرح ڏسي ورتو ۽ ٻڌي ورتو، تنهنڪري تون اسان کي واپس موڪل ته اسان چڱا ڪم ڪريون، اسان کي هاڻي پورو يقين ٿي چڪو آهي. (ته عجب کائين!)
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَوْ شِئْنَا لَاٰتَيْنَا كُلَّ نَفْسٍ هُدٰىهَا وَلٰكِنْ حَقَّ الْقَوْلُ مِنِّيْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الْــجِنَّةِ وَالنَّاسِ اَجْـمَعِيْنَ 13
جيڪڏهن اسان چاهيئون ها ته اڳواٽ ئي هر نفس کي ان جي هدايت ڏئي ڇڏيئون ها، پر منهنجي اها ڳالهه سچي ٿي جيڪا مون ڪئي هئي ته مان بهرحال جهنم کي انسانن ۽ جِنّن سان ڀري ڇڏيندس.
— عبدالمؤمن ميمڻفَذُوْقُوْا بِـمَا نَسِيْتُمْ لِقَاۗءَ يَوْمِكُمْ ھٰذَا ۚ اِنَّا نَسِيْنٰكُمْ وَذُوْقُوْا عَذَابَ الْـخُلْدِ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 14
تنهنڪري توهين (هاڻي) ان ڏينهن جي ملاقات کي وساري ڇڏڻ جي سزا ڀوڳيو. اسان به توهان کي وساري ڇڏيو. ۽ پنهنجن ڪرتوتن جي بدلي ۾ دائمي عذاب جو مزو چکو.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّـمَا يُؤْمِنُ بِاٰيٰتِنَا الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِّرُوْا بِهَا خَرُّوْا سُـجَّدًا وَّسَبَّحُوْا بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُوْنَ ۞ 15
اسان جي آيتن تي ته رڳو اهي ماڻهو ايمان آڻيندا آهن جن کي جڏهن آيتون ياد ڏياريون وينديون آهن ته هو سجدي ۾ ڪري پوندا آهن. ۽ پنهنجي رب جي حمد ۽ ثنا سان گڏ تسبيح ۽ تقديس ڪندا آهن ۽ هو ڪنهن به قسم جو تڪبر ۽ وڏائي نه ڪندا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻتَـتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِـعِ يَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَّطَمَعًا ۡ وَّمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 16
رات جو سندن پاسا بسترن کان الڳ هوندا آهن ۽ اميد ۽ خوف جي عالَم ۾ پاسا ورائيندي پنهنجي پالڻهار کان دعا گهرندا آهن. ۽ جيڪي ڪجهه اسان کين ڏنو آهي، ان منجهان هو (پنهنجين معقول ضرورتن کان واڌارو سمورو مال) (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪندا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻفَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّآ اُخْفِيَ لَهُمْ مِّنْ قُرَّةِ اَعْيُنٍ ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 17
پوءِ جيڪو اکين جي ٺار جو سامان سندن عملن جي جزا ۾ انهن جي لاءِ لڪائي رکيو ويو آهي ان جي ڪنهن به جيءَ کي خبر ڪانهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَفَـمَنْ كَانَ مُؤْمِنًا كَمَنْ كَانَ فَاسِقًا ڼ لَا يَسْـتَوٗنَ ۬18
ڇا هڪ مؤمن ٻانهي جا عمل ۽ نتيجا ڪنهن فاسق ۽ نافرمان ماڻهوءَ جي عملن جهڙا ٿي سگهن ٿا؟ (ڇا ٻئي برابر آهن.) هرگز نه-
— عبدالمؤمن ميمڻاَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُمْ جَنّٰتُ الْمَاْوٰي ۡ نُزُلًۢا بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 19
جن ماڻهن الله جي حڪمن تي ايمان آندو ۽ نيڪ عمل اختيار ڪيائون انهن جي لاءِ ڪاميابين جا وڻندڙ باغ هوندا جن ۾ هو خوش گذاريندا ۽ اهي باغ انهن جي نيڪ عملن جي بدلي ۾ مهمانيءَ طور هوندا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَمَّا الَّذِيْنَ فَسَقُوْا فَمَاْوٰىهُمُ النَّارُ ۭ كُلَّمَآ اَرَادُوْٓا اَنْ يَّخْـرُجُوْا مِنْهَآ اُعِيْدُوْا فِيْهَا وَقِيْلَ لَهُمْ ذُوْقُوْا عَذَابَ النَّارِ الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَ 20
باقي جن ماڻهن الله جي حڪمن جي مقابلي ۾ سرڪشي ڪئي ته انهن جو ٺڪاڻو ته بس باهه هوندو. جڏهن به ان باهه مان نڪرڻ چاهيندا ته وري ان ۾ موٽايا ويندا ۽ کين چيو ويندو ته جنهن عذاب کي توهين ڪوڙو ڀانئيندا هيئو ته هاڻي ان جو مزو چکو.
— عبدالمؤمن ميمڻ