031 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 34 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
الۗمّۗ 1ۚ
الم- لام، ميم
— عبدالمؤمن ميمڻتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْـحَكِيْمِ 2ۙ
اهي حڪمت ڀريي ڪتاب جون آيتون آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻهُدًى وَّرَحْــمَةً لِّلْمُحْسِنِيْنَ 3ۙ
انهن نيڪوڪار ماڻهن جي لاءِ هدايت ۽ رحمت آهن-
— عبدالمؤمن ميمڻالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪواة ادا ڪن ٿا ۽ آخرت تي پورو يقين رکن ٿا.
— عبدالمؤمن ميمڻاُولٰۗىِٕكَ عَلٰي هُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
اهي ئي ماڻهو پنهنجي رب جي پاران سنئين واٽ تي آهن ۽ اهي ئي ماڻهو فلاح ماڻيندڙ آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّشْتَرِيْ لَهْوَ الْـحَدِيْثِ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ ڰ وَّيَتَّخِذَهَا هُزُوًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ 6
۽ انسانن منجهان ڪجهه اهڙا آهن جيڪي غافل ڪندڙ سامان خريد ڪري کڻي ٿا اچن، ته جيئن ماڻهن کي بغير علم جي الله جي واٽ کان ڀٽڪائي ڇڏين ۽ حق جي راهه جو مذاق اڏائين، اهڙن ماڻهن جي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰتُنَا وَلّٰى مُسْتَكْبِرًا كَاَنْ لَّمْ يَسْمَعْهَا كَاَنَّ فِيْٓ اُذُنَيْهِ وَقْرًا ۚ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ اَلِيْـمٍ 7
۽ جڏهن منجهانئن ڪنهن منڪر کي قرآن جون آيتون پڙهي ٻڌائجن ٿيون ته اهو غرور ۽ آڪڙ مان، ڪنڌ موڙي هلي پوي ٿو. ڄڻ ڪجهه ئي نه ٻڌائين، ڄڻ ڪنن ۾ ڳوراڻ (يعني ڪپهه ڏنل) هجيس سو تون کيس دردناڪ عذاب جي بشارت ڏي!
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ جَنّٰتُ النَّعِيْمِ 8ۙ
باقي جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا، انهن جي لاءِ نعمتن ڀريا باغ آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻخٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ وَعْدَ اللّٰهِ حَقًّا ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9
جن باغن ۾ هميشه رهندا- اهو الله جو سچو واعدو آهي ۽ هو زبردست، ڪامل حڪمت وارو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻخَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيْرِ عَـمَدٍ تَرَوْنَهَا وَاَلْقٰى فِي الْاَرْضِ رَوَاسِيَ اَنْ تَـمِيْدَ بِكُمْ وَبَثَّ فِيْهَا مِنْ كُلِّ دَاۗبَّةٍ ۭ وَاَنْزَلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً فَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 10
الله آسمانن کي پيدا ڪيو ۽ توهين ڏسو پيا ته ڪوئي ٿنڀ آسمانن کي جهلي نه بيٺو آهي ۽ زمين ۾ مضبوط پهاڙ کوڙي ڇڏيائين ته جيئن اها توهان کي کڻي ڍرڪي نه سگهي! ۽ ان ۾ هر قسم جا ساهدار ڦهلائي ڇڏيائين ۽ اسان آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ ان پاڻيءَ جي ذريعي زمين ۾ هر قسم جون عمديون شيون اُپايون سين.
— عبدالمؤمن ميمڻھٰذَا خَلْقُ اللّٰهِ فَاَرُوْنِيْ مَاذَا خَلَقَ الَّذِيْنَ مِنْ دُوْنِهٖ ۭ بَلِ الظّٰلِمُوْنَ فِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنٍ ۧ11
هي سڀ شيون ته الله جون پيدا ڪيل آهن. هاڻي مون کي اهو ڏيکاريو ته الله کان سواءِ ٻين خلقيو ڇا آهي؟ انهن ڪجهه به نه خلقيو آهي! دراصل اهي ظالم نسوري گمراهيءَ ۾ مبتلا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَقَدْ اٰتَيْنَا لُقْمٰنَ الْحِكْمَةَ اَنِ اشْكُرْ لِلّٰهِ ۭ وَمَنْ يَّشْكُرْ فَاِنَّـمَا يَشْكُرُ لِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ كَفَرَ فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِيٌّ حَمِيْدٌ 12
بي شڪ ! اسان لقمان کي ڏاهپ عطا ڪئي ته الله جو شڪر ادا ڪندو رهه ۽ جيڪو شڪر گذار ٿيندو ته اهو پنهنجي ئي ڀلي جي لاءِ شڪر ڪندو ۽ جنهن ناشڪري ڪئي ته الله بي نياز ۽ واکاڻيل آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذْ قَالَ لُقْمٰنُ لِابْنِهٖ وَهُوَ يَعِظُهٗ يٰبُنَيَّ لَا تُشْرِكْ بِاللّٰهِ ڼ اِنَّ الشِّرْكَ لَظُلْمٌ عَظِيْمٌ 13
۽ ياد ڪر جڏهن لقمان پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي چيو؛ پٽ !ا لله سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪر، بي شڪ، شرڪ وڏو ظلم آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ ۚ حَمَلَتْهُ اُمُّهٗ وَهْنًا عَلٰي وَهْنٍ وَّفِصٰلُهٗ فِيْ عَامَيْنِ اَنِ اشْكُرْ لِيْ وَلِوَالِدَيْكَ ۭ اِلَيَّ الْمَصِيْرُ 14
۽ اسان انسان کي سندس والدين بابت (ساڻن سهڻي سلوڪ جو) تاڪيد ڪيو آهي، انسان جي ماءُ سورن مٿان سور سهندي کيس (پيٽ ۾) رکيو ۽ ٻه سال ماءُ کي ٿڃ ڇڏائڻ ۾ لڳا. (تنهنڪري اي انسان!) تون منهنجو ۽ پنهنجي والدين جو شڪر گذار ٿي رهه- توکي آخرڪار مون ڏانهن ئي ورڻو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِنْ جَاهَدٰكَ عَلٰٓي اَنْ تُشْرِكَ بِيْ مَا لَيْسَ لَكَ بِهٖ عِلْمٌ ۙفَلَا تُطِعْهُمَا وَصَاحِبْهُمَا فِي الدُّنْيَا مَعْرُوْفًا ۡ وَّاتَّبِعْ سَبِيْلَ مَنْ اَنَابَ اِلَيَّ ۚ ثُـمَّ اِلَيَّ مَرْجِعُكُمْ فَاُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 15
۽ جيڪڏهن والدين توکي زور ڀرين ته مونسان ان کي شريڪ بناءِ، جنهن جي معبود هجڻ جو توکي علم ڪونهي ته والدين جي اهڙي ڳالهه نه مڃ، باقي دنيا ۾ ساڻن سهڻو ورتاءُ ڪر ۽ ان شخص جو پيروڪار ٿيءُ جيڪو مون ڏانهن ورندڙ هجي. آخرڪار توهين سڀ مون ڏانهن ئي ورڻا آهيو، ان وقت مان توهان کي آگاهه ڪندس ته توهين ڪهڙا ڪم ڪندا رهيا هيئو!
— عبدالمؤمن ميمڻيٰبُنَيَّ اِنَّهَآ اِنْ تَكُ مِثْقَالَ حَبَّةٍ مِّنْ خَرْدَلٍ فَتَكُنْ فِيْ صَـخْـرَةٍ اَوْ فِي السَّمٰوٰتِ اَوْ فِي الْاَرْضِ يَاْتِ بِهَا اللّٰهُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَطِيْفٌ خَبِيْرٌ 16
اي منهنجا پٽ ! ڪا شيءِ رائيءَ جي داڻي جيتري هجي پوءِ ڀل اها ڪنهن پٿر جي اندر هجي يا آسمانن ۾ هجي يا زمين ۾ (پوريل هجي) ته الله اها به حاضر ڪندو. بي شڪ ! الله نهايت باريڪ بين- هر شيءِ کان باخبر آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻيٰبُنَيَّ اَقِـمِ الصَّلٰوةَ وَاْمُرْ بِالْمَعْرُوْفِ وَانْهَ عَنِ الْمُنْكَرِ وَاصْبِرْ عَلٰي مَآ اَصَابَكَ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ مِنْ عَزْمِ الْاُمُوْرِ ۚ17
اي منهنجا پٽ ! نماز قائم ڪندو رهه. نيڪيءَ جو حڪم ڪندو رهه، برائيءَ کان روڪيندو رهه ۽ ان فرض جي ادائيگيءَ ۾ توکي جيڪي تڪليفون سهڻيون پون ته اهي سهندو رهه، اهو نهايت پختي ارادي ۽ اعلى درجي جو ڪم آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَا تُصَعِّرْ خَدَّكَ لِلنَّاسِ وَلَا تَـمْشِ فِي الْاَرْضِ مَرَحًا ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُـحِبُّ كُلَّ مُـخْـتَالٍ فَـخُــوْرٍ ۚ18
۽ ماڻهن سان بي رخيءَ سان پيش نه اچ ۽ نه ڪي زمين تي (آڪڙجي) متڪبرانه انداز ۾ هل، بي شڪ ! الله، ڪنهن خود غرض ۽ فخر جتائيندڙ کي پسند نه ڪندو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاقْصِدْ فِيْ مَشْيِكَ وَاغْضُضْ مِنْ صَوْتِكَ ۭ اِنَّ اَنْكَرَ الْاَصْوَاتِ لَصَوْتُ الْـحَمِيْرِ ۧ19
۽ پنهنجيءَ چال ۾ وچٿرائيَ رک ۽ آواز کي جهڪو رک. بي شڪ! مڙني آوازن ۾ مڪروهه آواز گڏهه جو آواز آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَلَمْ تَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ سَـخَّرَ لَكُمْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَاَسْبَغَ عَلَيْكُمْ نِعَمَهٗ ظَاهِرَةً وَّبَاطِنَةً ۭ وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّلَا هُدًى وَّلَا كِتٰبٍ مُّنِيْرٍ 20
ڇا توهين ڪڏهن ان ڳالهه تي غور ناهي ڪيو ته جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي، اهو سڀ الله توهان جي تابع ڪري ڇڏيو آهي، ۽ الله پنهنجون سموريون نعمتون ظاهري طور به ۽ باطني طور به (توهان جي لاءِ) پوريون ڪري ڇڏيون آهن. ۽ انسانن ۾ ڪجهه اهڙا آهن، جيڪي الله جي باري ۾ جهيڙو ڪن ٿا. جڏهن ته وٽن ڪو علم يا هدايت يا ڪو روشن ڪتاب به ڪونهي.
— عبدالمؤمن ميمڻ