030 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 60 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
الۗمّۗ 1ۚ
الف- لام- ميم.
— عبدالمؤمن ميمڻغُلِبَتِ الرُّوْمُ 2ۙ
(ايرانين پاران شڪست کائڻ سبب) رومي، مغلوب ٿي چڪا
— عبدالمؤمن ميمڻفِيْٓ اَدْنَى الْاَرْضِ وَهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ غَلَبِهِمْ سَيَغْلِبُوْنَ 3ۙ
ويجهي ملڪ ۾ ۽ هو، پنهنجي ان مغلوب ٿيڻ کانپوءِ ستت ئي ڳچ (ايرانين تي) غالب ٿي ويندا.
— عبدالمؤمن ميمڻفِيْ بِضْعِ سِنِيْنَ ڛ لِلّٰهِ الْاَمْرُ مِنْ قَبْلُ وَمِنْۢ بَعْدُ ۭ وَيَوْمَىِٕذٍ يَّفْرَحُ الْمُؤْمِنُوْنَ 4ۙ
ڳچ سالن جي اندر، الله جو ئي اختيار آهي- پهريان به ۽ پوءِ به. ۽ ان ڏينهن ايمان وارن جي لاءِ خوشي هوندي.
— عبدالمؤمن ميمڻبِنَصْرِ اللّٰهِ ۭ يَنْصُرُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 5ۙ
الله جي مدد ۽ نصرت جي اچڻ سان، الله جنهن جي چاهيندو آهي مددڪندو آهي ۽ الله عزيز ۽ رحيم آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَعْدَ اللّٰهِ ۭ لَا يُخْلِفُ اللّٰهُ وَعْدَهٗ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُوْنَ 6
يقين ڄاڻو ته اهو الله جو واعدو آهي ۽ الله ڪڏهن به پنهنجي واعدي جي خلاف ورزي نه ڪندو آهي. پر کوڙ ماڻهو اها حقيقت نه ٿا ڄاڻن.
— عبدالمؤمن ميمڻيَعْلَمُوْنَ ظَاهِرًا مِّنَ الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ښ وَهُمْ عَنِ الْاٰخِرَةِ هُمْ غٰفِلُوْنَ 7
اهي اُهي ماڻهو آهن جن جو علم بس دنيا جي ظاهري زندگيءَ تائين محدود آهي ۽ آخرت جي زندگيءَ کان هو صفا غافل آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻاَوَلَمْ يَتَفَكَّرُوْا فِيْٓ اَنْفُسِهِمْ ۣ مَا خَلَقَ اللّٰهُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ اِلَّا بِالْـحَقِّ وَاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ وَاِنَّ كَثِيْرًا مِّنَ النَّاسِ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ لَكٰفِرُوْنَ 8
ڇا انهن ماڻهن پنهنجي دل ۾ ڪڏهن ان ڳالهه تي غور ناهي ڪيو، ته الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي ڪجهه انهن جي درميان آهي فالتو ۽ اجايو نه بڻايو آهي؟! ضروري آهي ته آسمان ۽ زمين کي حڪمت ۽ مصلحت سان جوڙيو هجائين ۽ انهن جي لاءِ هڪ مقرر وقت طئه ڪري ڇڏيو هجائين- اصل ڳالهه اها آهي ته ماڻهن ۾ کوڙ اهڙا آهن جيڪي پنهنجي رب سان ملاقات جا مورؤن منڪر آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻاَوَلَمْ يَسِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَيَنْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ كَانُوْٓا اَشَدَّ مِنْهُمْ قُوَّةً وَّاَثَارُوا الْاَرْضَ وَعَـمَرُوْهَآ اَكْثَرَ مِـمَّا عَـمَرُوْهَا وَجَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ ۭ فَـمَا كَانَ اللّٰهُ لِيَظْلِمَهُمْ وَلٰكِنْ كَانُوْٓا اَنْفُسَهُمْ يَظْلِمُوْنَ 9ۭ
ڇا اهي ماڻهو زمين تي گهمن ڦرن نه ٿا؟ (يعني جيڪڏهن گهمن ڦرن ها) ته ڏسن ها ته اهي قومون جيڪي کانئن پهريان گذري چڪيون آهن، انهن جو انجام ڇا ٿيو! اِهي اُهي قومون هيون جيڪي کانئن تمدن ۽ ترقيات ۽ جسماني سگهه ۾ وڌيڪ سگهاريون هيون. انهن ڌرتيءَ تي پنهنجا نشان ڇڏيا ۽ توهان جيتريءَ ترقي ڪئي آهي، ان کان وڌيڪ انهن ترقي ڪئي هئي (پر جڏهن) اسان جا رسول منجهن موڪليا ويا ۽ اسان جون نشانيون کين ڏيکاريون ويون (ته انهن سرڪشي ۽ هٺ جي ڪري اهي ٺڪرائي ڇڏيون ته تباهه و برباد ٿي ويا) خدا ظلم ڪندڙ نه هيو پر انهن پاڻ پنهنجي مٿان ظلم ڪيو.
— عبدالمؤمن ميمڻثُـمَّ كَانَ عَاقِبَةَ الَّذِيْنَ اَسَاۗءُوا السُّوْۗآٰى اَنْ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ وَكَانُوْا بِهَا يَسْتَهْزِءُوْنَ ۧ10
آخرڪار جن ماڻهن بڇڙايون ڪيون هيون، انهن جو انجام به بڇڙو ٿيو. ان ڪري جو انهن الله جون آيتون ٺڪرايون هيون ۽ هو انهن جو مذاق اڏائيندا هيا.
— عبدالمؤمن ميمڻاَللّٰهُ يَبْدَؤُا الْـخَــلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ ثُـمَّ اِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ 11
الله ئي مخلوق کي نئين سر پيدا ڪندو آهي وري اهوئي کين ٻيهر بڻائيندو وري توهين سڀ (آخرڪار) ان ڏانهن موٽايا ويندؤ.
— عبدالمؤمن ميمڻوَيَوْمَ تَقُوْمُ السَّاعَةُ يُبْلِسُ الْمُجْرِمُوْنَ 12
۽ جنهن ڏينهن قيامت برپا ٿيندي ته ڏوهي ماڻهو مايوس ٿي رهجي ويندا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَمْ يَكُنْ لَّهُمْ مِّنْ شُرَكَاۗىِٕهِمْ شُفَعٰۗـــؤُا وَكَانُوْا بِشُرَكَاۗىِٕهِمْ كٰفِرِيْنَ 13
۽ انهن جي جُڙتو شريڪن مان ڪوبه سندن واهر نه ڪندو ۽ هو پاڻ به پنهنجن جُڙتو شريڪن جا منڪر ٿي بيهندا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَيَوْمَ تَقُوْمُ السَّاعَةُ يَوْمَىِٕذٍ يَّتَفَرَّقُوْنَ 14
۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي- ان ڏينهن سڀ ماڻهو الڳ الڳ (ٽولن ۾ ورهائجي) ويندا.
— عبدالمؤمن ميمڻفَاَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُمْ فِيْ رَوْضَةٍ يُّحْبَرُوْنَ 15
پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا ته اهي بهشت جي باغن ۾ خوش هوندا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَمَّا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَا وَلِقَاۗئِ الْاٰخِرَةِ فَاُولٰۗىِٕكَ فِي الْعَذَابِ مُـحْضَرُوْنَ 16
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن ۽ آخرت جي ملاقات کي ڪوڙو چيائون ته اهي ماڻهو عذاب ۾ جڪڙيل هوندا.
— عبدالمؤمن ميمڻفَسُــبْحٰنَ اللّٰهِ حِيْنَ تُمْسُوْنَ وَحِيْنَ تُصْبِحُوْنَ 17
مطلب ته الله پاڪ آهي جڏهن توهان تي شام ايندي آهي ۽ جڏهن توهان تي صبح ايندو آهي
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَهُ الْحَمْــدُ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَعَشِـيًّا وَّحِيْنَ تُظْهِرُوْنَ 18
۽ آسمان ۽ زمين ۾ ان جي واکاڻ ٿيندي رهندي آهي- ۽ جڏهن ڏينهن جو آخري پهر هوندو آهي ۽ جڏهن توهين ٻيپهري ڪندا آهيو. (مطلب ته هر وقت الله جي واکاڻ جاري رهي ٿي تنهنڪري توهين به هروقت ان جي واکاڻ ڪندا رهو)
— عبدالمؤمن ميمڻيُخْرِجُ الْـحَيَّ مِنَ الْمَيِّتِ وَيُخْرِجُ الْمَيِّتَ مِنَ الْـحَيِّ وَيُـحْيِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۭ وَكَذٰلِكَ تُـخْرَجُوْنَ ۧ19
الله جيئري کي مُردي مان ڪڍندو آهي ۽ مُردي کي جئيري مان ڪڍندو آهي. ۽ زمين کي، ان جي ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪندو آهي. ان ريت توهين به (موت جي حالت مان) ڪڍيا ويندؤ.
— عبدالمؤمن ميمڻوَمِنْ اٰيٰتِهٖٓ اَنْ خَلَقَكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ اِذَآ اَنْتُمْ بَشَرٌ تَنْتَشِرُوْنَ 20
۽ الله جي نشانين منجهان هڪ نشاني اها آهي ته هن توهان کي (يعني آدم کي) مٽيءَ مان پيدا ڪيو. پوءِ اِجهو توهين بشر (ان جي اولاد) آهيو- جيڪي (زمين ۾) ڦهلبا پيا وڃو.
— عبدالمؤمن ميمڻ