003 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 200 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
الۗـۗمَّ 1ۙ
الف، لام،ميم.
— عبدالمؤمن ميمڻاللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ ۙ الْـحَيُّ الْقَيُّوْمُ 2ۭ
الله، ان کانسواءِ ڪوئي معبود ڪونهي، (ڪير به موجود ناهي سواءِ ان هڪ ذات جي) - هو “اَلحيَ!” آهي (يعني زنده: جنهن جي لاءِ زوال ۽ فنا ناهي) هو “اَلقَيُومُ!” آهي (جو ڪائنات جي هر شيءِ ان جي امر سان قائم آهي، يعني هو پاڻهي بيٺل ۽ جهان بيهاريندڙ جي صفت ۾ ڪنهن جو محتاج ڪونهي)
— عبدالمؤمن ميمڻنَزَّلَ عَلَيْكَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ وَاَنْزَلَ التَّوْرٰىةَ وَالْاِنْـجِيْلَ 3ۙ
هن توهان تي سچائيءَ سان “الڪتاب” (يعني قرآن) نازل ڪيو آهي هن کان پهريان جيترا ڪتاب نازل ٿي چڪا آهن، قرآن، انهن مڙني جي تصديق ڪندو آيو آهي. (يعني قرآن انهن ڪتابن کان الڳ ناهي) ۽ ان (حيُ و قيوم ذات) هن کان پهريان تورات ۽ انجيل نازل ڪيا هيا.
— عبدالمؤمن ميمڻمِنْ قَبْلُ ھُدًى لِّلنَّاسِ وَاَنْزَلَ الْفُرْقَانَ ڛ اِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ لَھُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ۭ وَاللّٰهُ عَزِيْزٌ ذُو انْتِقَامٍ 4
پڻ، هن “الفرقان” (يعني چڱي مَٺي ۽ حق باطل ۾ فرق ڪندڙ قوت) به نازل ڪئي آهي. جيڪي ماڻهو الله جي آيتن کان انڪار ڪن ٿا (۽ حق کي ڇڏي باطل جو ساٿ ڏين ٿا اهي ياد رکن!) کين (مڪافاتِ عمل طور ) سخت عذاب ملڻ وارو آهي ۽ الله سڀ تي غالب ۽ (مجرمن کي) سزا ڏيڻ وارو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ اللّٰهَ لَا يَـخْفٰى عَلَيْهِ شَيْءٌ فِي الْاَرْضِ وَلَا فِي السَّمَاۗءِ 5ۭ
بي شڪ! الله جي علم کان ڪائي ڳالهه اوجهل ڪانهي، خواه زمين ۾ هجي خواه آسمان ۾.
— عبدالمؤمن ميمڻھُوَ الَّذِيْ يُصَوِّرُكُمْ فِي الْاَرْحَامِ كَيْفَ يَشَاۗءُ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ الْعَزِيْزُ الْـحَكِيْمُ 6
اها ان جي ئي قدرت آهي جو جيئن چاهي ٿو ماءُ جي ڳِهڻ ۾ توهان جي مهانڊن جا (نيڻ نقشا) جوڙي ٿو. (۽ هن کان اڳ جو دنيا ۾ قدم رکو، توهان جي حالتن ۽ ضرورتن جي مطابق توهان کي هڪ موزون صورت ملي وڃي ٿي). يقيناَ ڪوئي معبود موجود ڪونهي- سواءِ ان غالب ۽ سگهاري ذات جي، (جو ان جي ئي حڪم ۽ طاقت سان سڀ پڌرو ٿئي ٿو) حڪمت ڀريو- (جو انسان جي ڄمڻ کان پهريان ئي ماءُ جي ڳِهڻ ۾ ئي سندس صورت جوڙي ڇڏي ٿو)
— عبدالمؤمن ميمڻھُوَ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلَيْكَ الْكِتٰبَ مِنْهُ اٰيٰتٌ مُّـحْكَـمٰتٌ ھُنَّ اُمُّ الْكِتٰبِ وَاُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ ۭ فَاَمَّا الَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ زَيْغٌ فَيَتَّبِعُوْنَ مَا تَشَابَهَ مِنْهُ ابْتِغَاۗءَ الْفِتْنَةِ وَابْتِغَاۗءَ تَاْوِيْلِهٖ څ وَمَا يَعْلَمُ تَاْوِيْلَهٗ ٓ اِلَّا اللّٰهُ ڤ وَالرّٰسِـخُوْنَ فِي الْعِلْمِ يَقُوْلُوْنَ اٰمَنَّا بِهٖ ۙ كُلٌّ مِّنْ عِنْدِ رَبِّنَا ۚ وَمَا يَذَّكَّرُ اِلَّآ اُولُوا الْاَلْبَابِ 7
(اي پيغمبر!) اهائي (حَيُ و قَيُوم) ذات آهي جنهن توتي “الڪتاب” نازل فرمايو آهي. جنهن ۾ هڪ قسم ته مُحڪم آيتن جو آهي (يعني: اهڙيون آيتون جيڪي پنهنجي معنى ۾ چٽيون ۽ سڌيون سنيون آهن) ۽ اُهي آيتون ڪتاب جو بنياد به آهن، ٻيو قسم متشابهات آيتن جو آهي. (يعني جن آيتن جو مطلب ڳُوڙهو آهي) پوءِ جن ماڻهن جي دلين ۾ ڏنگائي آهي (۽ سڌي طريقي سان ڳالهه نه ٿا سمجهي سگهن) اهي (محڪم آيتون ڇڏي) انهن آيتن جي ڪڍ پئجي ٿا وڃن جيڪي الله جي ڪتاب ۾ متشابهه (يعني ڳُوڙهيون) آهن، ته جيئن (انهن آيتن جا اُبتا مطلب بيان ڪري عوام ۾) فتنو پيدا ڪن ۽ انهن آيتن جي حقيقت معلوم ڪري سگهن!- حالانڪه انهن جي حقيقت الله کانسواءِ ڪوئي نه ٿو ڄاڻي. (ڇاڪاڻ جو اهڙين آيتن جو تعلق اهڙي عالَم سان آهي، جنهن تائين انسان جو علم ۽ حواس پهچي نه ٿا سگهن) سواءِ انهن ماڻهن جي، جيڪي علم ۾ پختا آهن اهي (متشابهات ذريعي ماڻهن کي منجهائڻ بجاءِ انهن تي ويساهه ڪندي) چون ٿا: “اسين انهن تي ايمان رکون ٿا، ڇاڪاڻ جو اهي سڀ اسان جي پالڻهار پاران آهن” ۽ حقيقت اها آهي ته (حق جي تعليم منجهان) ڏاهپ اهي ئي ماڻهو ماڻين ٿا جيڪي عقل ۽ بصيرت ڀريا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻرَبَّنَا لَا تُزِغْ قُلُوْبَنَا بَعْدَ اِذْ ھَدَيْتَنَا وَھَبْ لَنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً ۚ اِنَّكَ اَنْتَ الْوَھَّابُ 8
(اهڙن عقل ۽ بصيرت ڀرين ماڻهن جي وات هميشه اها وائي هوندي آهي ته:) يا خدا! اسان کي سنئين دڳ لائڻ کانپوءِ، اسان جي دلين کي ڊانوان ڊول نه ڪر. ۽ اسان کي پاڻ وٽان رحمت عطا فرماءِ. يقيناَ تون ئي آهين جو بخشش ۾ توکان وڌيڪ ٻيو ڪوئي به ناهي.
— عبدالمؤمن ميمڻرَبَّنَآ اِنَّكَ جَامِعُ النَّاسِ لِيَوْمٍ لَّا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُـخْلِفُ الْمِيْعَادَ 9ۧ
يا خدا! (آخرت جا معاملا اسان جي ناقص عقل ۾ اچن يا نه اچن، پر) ان ۾ ڪوئي شڪ ڪونهي ته تون هڪ ڏينهن سڀني کي پنهنجي آڏو پيش ڪرڻ وارو آهين. (اهو تنهنجو واعدو آهي ۽) يقيناَ تنهنجو واعدو ڪڏهن به خلاف ٿي نه ٿو سگهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَنْ تُغْنِىَ عَنْھُمْ اَمْوَالُھُمْ وَلَآ اَوْلَادُھُمْ مِّنَ اللّٰهِ شَـيْـــــًٔـا وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمْ وَقُوْدُ النَّارِ ۙ10
جن ماڻهن (ايمان ۽ سچائيءَ جي بجاءِ) ڪفر جي واٽ ورتي آهي ته (اهي ياد رکن!) انهن کي الله جي پڪڙ کان نه دولت بچائي سگهندي (جنهن جي گهڻائيءَ جي ڪري کين رڏي آهي) نه ڪي ڪٽنب ۽ آڪهه (کين بچائي سگهندي جيڪا دنيا جي مصيبتن ۽ مشڪلات ۾ سندن ڪم ايندي رهندي آهي). اِهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي باهه جي عذاب جو ٻارڻ بڻبا.
— عبدالمؤمن ميمڻكَدَاْبِ اٰلِ فِرْعَوْنَ ۙ وَالَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَا ۚ فَاَخَذَھُمُ اللّٰهُ بِذُنُوْبِهِمْ وَاللّٰهُ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 11
انهن ماڻهن جو ڍنگ به اهڙو ئي ٿيو جيڪو فرعون جي ٽولي ۽ ان کان اڳ گذري ويل سرڪش ماڻهن جو هيو! انهن الله جون نشانيون ٺڪرايون ته الله به کين مڪافات جي پاداش ۾ پڪڙي ورتو. ۽ (ياد رکو!) الله (ڏوهن جي سزا ڏيڻ ۾) نهايت سخت آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻقُلْ لِّـلَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَـتُغْلَبُوْنَ وَتُـحْشَرُوْنَ اِلٰى جَهَنَّمَ ۭ وَبِئْسَ الْمِهَادُ 12
(اي پيغمبر!) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي انهن کي چئي ڇڏ ته: “اهو وقت پري ڪونهي جڏهن (فرعون جي آل وانگر) توهين به (حق جي غلبي کان) مغلوب ٿي ويندؤ ۽ جهنم ڏانهن هڪليا ويندؤ. ۽ (جنهن ٽولي جو آخري ٽڪاڻو جهنم هجي ته ان جو ٽڪاڻو) ڪيڏو نه برو ٽڪاڻو آهي!
— عبدالمؤمن ميمڻقَدْ كَانَ لَكُمْ اٰيَةٌ فِيْ فِئَتَيْنِ الْتَقَتَا ۭ فِئَةٌ تُقَاتِلُ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَاُخْرٰى كَافِرَةٌ يَّرَوْنَھُمْ مِّثْلَيْهِمْ رَاْيَ الْعَيْنِ ۭ وَاللّٰهُ يُؤَيِّدُ بِنَصْرِهٖ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَعِبْرَةً لِّاُولِي الْاَبْصَارِ 13
بي شڪ ! توهان جي لاءِ انهن ٻنهي ٽولن ۾ (حق جي ڳالهه جي فتحمنديءَ جي) وڏي نشاني هئي جو (بدر جي ميدان ۾) هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا هيؤ. ان وقت هڪ ٽولو ته (آڱرين تي ڳڻڻ جيترن هٿين خالي مسلمانن جو هيو، جيڪو) الله جي راهه ۾ وڙهي رهيو هيو. ٻيو (ٽولو) حق جي منڪرن جو هيو جيڪو مسلمان پنهنجين اکين سان ڏسي رهيا هيا ته کانئن تعداد ۾ گهڻو آهي. (اهو سڀ ڪجهه هوندي به حق جي منڪرن کي شڪست ملي). ۽ الله جنهن جي چاهيندو آهي- پنهنجي نصرت سان واهر ڪندو آهي. بي شڪ ! انهن ماڻهن جي لاءِ، جيڪي اکين وارا آهن،ان معاملي ۾ وڏي عبرت رکيل آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻزُيِّنَ لِلنَّاسِ حُبُّ الشَّهَوٰتِ مِنَ النِّسَاۗءِ وَالْبَنِيْنَ وَالْقَنَاطِيْرِ الْمُقَنْطَرَةِ مِنَ الذَّھَبِ وَالْفِضَّةِ وَالْـخَيْلِ الْمُسَوَّمَةِ وَالْاَنْعَامِ وَالْـحَرْثِ ۭ ذٰلِكَ مَتَاعُ الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۚ وَاللّٰهُ عِنْدَهٗ حُسْنُ الْمَاٰبِ 14
انسان جي لاءِ مرد ۽ عورت جي رشتي ۾، اولاد ۾ ۽ سون چانديءَ جي ذخيرن ۾، ڀلي نسل جي گهوڙن ۾، چوپائي مال ۾، ٻني ٻاري ۾، دل جو اٽڪاءُ ۽ سونهن رکي وئي آهي. (تنهن ڪري قدرتي طور توهان کي به انهن شين جي خواهش ٿيندي) پر اهو جيڪو ڪجهه آهي دنيوي زندگيءَ جو فائدو آهي ۽ بهتر ٺڪاڻو ته الله وٽ ئي آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻقُلْ اَؤُنَبِّئُكُمْ بِـخَيْرٍ مِّنْ ذٰلِكُمْ ۭ لِلَّذِيْنَ اتَّقَوْا عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا وَاَزْوَاجٌ مُّطَهَّرَةٌ وَّرِضْوَانٌ مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِالْعِبَادِ ۚ15
(اي پيغمبر!) کين چئه: ڇا توهان کي ٻڌايان ته زندگيءَ جي انهن فائدن کان به توهان جي لاءِ وڌيڪ بهتر ڇا آهي؟ جيڪي ماڻهو متقي آهن، انهن جي لاءِ انهن جي پروردگار وٽ (ابدي نعمتن جا) باغ آهن جن جي هيٺان (يعني انڊر گراؤنڊ) نهرون وهي رهيون آهن (تنهن ڪري اهي باغ ڪڏهن به سوڪهڙي جي ور نه چڙهندا) اهي متقي هميشه انهن باغن ۾ رهندا، پاڪ ونيون انهن سان گڏ هونديون ۽ (سڀ کان وڏي نعمت اها هوندي ته) انهن کي الله جو رضا مندو حاصل هوندو. ۽ الله پنهنجن بندن جو حال ڏسي رهيو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَلَّذِيْنَ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَآ اِنَّنَآ اٰمَنَّا فَاغْفِرْ لَنَا ذُنُوْبَنَا وَقِنَا عَذَابَ النَّارِ ۚ16
(متقي انسان اهي آهن) جيڪي چون ٿا: “يا خدا! اسين توتي ايمان آندو آهي، تنهنڪري اسان جا گناهه بخش ۽ جهنم جي عذاب کان اسان کي بچاءِ.”-
— عبدالمؤمن ميمڻاَلصّٰبِرِيْنَ وَالصّٰدِقِيْنَ وَالْقٰنِـتِيْنَ وَالْمُنْفِقِيْنَ وَالْمُسْـتَغْفِرِيْنَ بِالْاَسْـحَارِ 17
(شدت ۽ مصيبت ۾ اهي بندا) صبر ڪندڙ، (قول ۽ عمل ۾) سچا، خشوع ۽ خضوع ۾ پڪا، نيڪيءَ جي راهه ۾ خرچ ڪندڙ ۽ رات جي پوئين پهر ۾ (جڏهن ماڻهو مٺي ننڊ ۾ هوندا آهن) الله جي حضور ۾ قيام ڪندڙ ۽ ان جي بخشش جا طلبگار هوندا آهن!
— عبدالمؤمن ميمڻشَهِدَ اللّٰهُ اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ ۙ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ وَاُولُوا الْعِلْمِ قَاۗىِٕمًۢا بِالْقِسْطِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ الْعَزِيْزُ الْـحَكِيْمُ ۭ18
الله ان ڳالهه جي گواهي پڌري ڪري ڇڏي ته ڪوئي معبود ڪونهي سواءِ الله جي يگاني ذات جي- عدل سان (سموري ڪائنات ۾) تدبير ۽ انتظام ڪرڻ واري ذات! فرشتا به (پنهنجن عملن سان) ان جي گواهي ڏيندا آهن ۽ اهي ماڻهو به گواهي ڏيندڙ آهن جيڪي علم وارا آهن! هائو، ڪوئي معبود ڪونهي سواءِ الله جي ذات جي!- طاقت ۽ غلبي وارو (جو ان جي ئي تدبير سان نظامِ هستي قائم آهي) حڪمت ڀريو- (جنهن عدل جي بنياد تي هن ڪائنات جي سموري آبادي قائم ڪري ڇڏي آهي.)
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ الدِّيْنَ عِنْدَ اللّٰهِ الْاِسْلَامُ ۣ وَمَا اخْتَلَفَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَھُمُ الْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَھُمْ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِاٰيٰتِ اللّٰهِ فَاِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 19
بي شڪ ! دين الله وٽ “اسلام” ئي آهي ۽ هي جيڪو اهلِ ڪتاب پاڻ ۾ اختلاف ڪري (۽ گروهه بنديون ڪري دين ۾ جيڪي فرقا جوڙي ڇڏيا) ته (اهو ان ڪري نه ٿيو ته اسلام کان سواءِ کين ڪنهن ٻئي دين جي واٽ ڏيکاري وئي هئي، يا دين جي واٽ ڪا مختلف ٿي سگهي ٿي، بلڪه) هن ڪري اختلاف ڪيائون جو علم جي حاصلات کانپوءِ هو دين تي قائم نه ر هيا ۽ پنهنجو پاڻ ۾ ضد ۽ هٺ جي ڪري فرقن ۾ ورهائجي ويا ۽ (ياد رکو!) جيڪو به الله جي آيتن کان انڪار ڪري ٿو (۽ هدايت تي گمراهيءَ کي ترجيح ڏئي ٿو) ته الله (جو جزا وارو قانون) به حساب چڪائڻ ۾ سست ڪونهي.
— عبدالمؤمن ميمڻفَاِنْ حَاۗجُّوْكَ فَقُلْ اَسْلَمْتُ وَجْهِيَ لِلّٰهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ ۭ وَقُلْ لِّلَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ وَالْاُمِّيّٖنَ ءَاَسْلَمْتُمْ ۭ فَاِنْ اَسْلَمُوْا فَقَدِ اھْتَدَوْا ۚ وَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنَّـمَا عَلَيْكَ الْبَلٰغُ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِالْعِبَادِ ۧ20
وري جيڪڏهن اهي ماڻهو توسان جهيڙو ڪن ته (اي پيغمبر!) تون چئه منهنجو ۽ منهنجن پيروڪارن جو طريقو اهو آهي ته اسين الله جي حضور ۾ اطاعت جو سِرڙو نمائي ڇڏيو آهي (يعني اسان جي واٽ خدا پرستيءَ کانسواءِ ٻي ڪابه ڪانهي) ۽ اهلِ ڪتاب ۽ (عرب جي) اُمّين کان پڇو ته، توهين به الله جي آڏو جهڪو ٿا يانه؟ جيڪڏهن اهي جهڪي پون ته (سمورو جهيڙو ختم ٿي ويو ۽) انهن کي دَڳُ ملي ويو. جيڪڏهن منهن موڙي ڇڏين ته پوءِ (جن ماڻهن کي خدا پرستيءَ کان ئي انڪار هجي ۽ رڳو فرقي پرستين کي دينداري سمجهي رهيا هجن انهن جي لاءِ دليل ۽ نصيحت ڪيئن ٿي فائديمند ٿي سگهي؟!) توهان جي ذمي جيڪو ڪجهه آهي اهو آهي: حق جو پيغام پهچائي ڇڏڻ! (۽ الله پنهنجن بندن جي حال کان غافل ڪونهي) هو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻ