028 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
طٰسۗمّۗ 1
طٓسٓمٓ
— عبدالمؤمن ميمڻتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
اِهي ڪتابِ مبين جون آيتون آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻنَتْلُوْا عَلَيْكَ مِنْ نَّبَاِ مُوْسٰى وَفِرْعَوْنَ بِالْـحَقِّ لِقَوْمٍ يُّؤْمِنُوْنَ 3
اسين، توکي موسى ۽ فرعون جون ڪجهه خبرون انهن ماڻهن جي لاءِ پڙهي ٻڌايون ٿا جيڪي مؤمن آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِي الْاَرْضِ وَجَعَلَ اَهْلَهَا شِيَعًا يَّسْتَضْعِفُ طَاۗىِٕفَةً مِّنْهُمْ يُذَ بِّحُ اَبْنَاۗءَهُمْ وَيَسْتَحْيٖ نِسَاۗءَهُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ مِنَ الْمُفْسِدِيْنَ 4
اها حقيقت آهي ته فرعون، زمين ۾ وڏي سرڪشي ڪئي ۽ ڌرتيءَ جي رهواسين ۾ ڦيٽو وجهي، کين ٽولا ٽولا ڪري ڇڏيائين. منجهانئن هڪڙن کي ايتري قدر ڪمزور رکيائين جو هو انهن جي ڇوڪرن کي ڪُهي ڇڏيندو هيو ۽ انهن جي عورتن کي زنده ڇڏيندو هيو(ته جيئن انهن جي عفت ۽ ناموس کي ڇيهون ڪندو رهي) لاشڪ، هو (ڌرتيءَ جي) فسادين منجهان تمام وڏو فسادي هيو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَنُرِيْدُ اَنْ نَّمُنَّ عَلَي الَّذِيْنَ اسْتُضْعِفُوْا فِي الْاَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ اَىِٕمَّةً وَّنَجْعَلَهُمُ الْوٰرِثِيْنَ 5ۙ
(ان جي باوجود) اسان اهو فيصلو ڪيو ته جيڪا قوم ڌرتيءَ تي سڀ کان وڌيڪ نِٻل (۽ ڪمزور) ڪئي وئي آهي ان تي احسان ڪيئون- ان ئي قوم (جي ماڻهن) کي سرداري بخشيون ۽ کين سلطنت جو وارث ڪيئون-
— عبدالمؤمن ميمڻوَنُمَكِّنَ لَهُمْ فِي الْاَرْضِ وَنُرِيَ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا يَحْذَرُوْنَ 6
۽ ڌرتيءَ تي انهن ڪمزور بڻايلن جي حڪومت قائم ڪرايون. فرعون ۽ هامان ۽ انهن ٻنهي جي لشڪرن کي انهن بني اسرائيل هٿان اهو (انقلاب) ڏيکاريون، جنهن کان اهي ڊڄندا هئا (۽ هزارين ٻچا ڪهي ڦٽي ڪيائين).
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَوْحَيْنَآ اِلٰٓى اُمِّ مُوْسٰٓى اَنْ اَرْضِعِيْهِ ۚ فَاِذَا خِفْتِ عَلَيْهِ فَاَلْقِيْهِ فِي الْيَمِّ وَلَا تَخَافِيْ وَلَا تَحْـزَنِيْ ۚ اِنَّا رَاۗدُّوْهُ اِلَيْكِ وَجَاعِلُوْهُ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 7
۽ اسان موسى جي ماءُ جي دل ۾ اها ڳالهه وجهي ڇڏي ته کيس ٿڃ پيار ۽ جيڪڏهن (فرعون جي ظلم کان) ان جي جان جو خوف ٿيئي ته کيس درياهه ۾ لوڙهي ڇڏ ۽ ڪنهن به قسم جو ڪو خوف يا الڪو نه ڪر اسان تنهنجي لختِ جگر کي تنهنجي هنج ۾ واپس ورائينداسون ۽ کيس پنهنجو رسول بڻائينداسون.
— عبدالمؤمن ميمڻفَالْتَقَطَهٗ ٓ اٰلُ فِرْعَوْنَ لِيَكُوْنَ لَهُمْ عَدُوًّا وَّحَزَنًا ۭ اِنَّ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا كَانُوْا خٰطِـــــِٕيْنَ 8
پوءِ آلِ فرعون کيس درياهه مان ڪڍي ورتو (۽ موسيٰ کي انهن پاليو نپايو) ته جيئن اڳتي هلي (الله جي مشيت جي مطابق) سندن ويري ۽ (سندن لاءِ) رنج جو باعث بڻجي. بي شڪ، فرعون ۽ هامان ۽ انهن جو لشڪر غلط هيو (جو دشمن کي پنهنجي گهرجي اندر نپائي رهيو هيو).
— عبدالمؤمن ميمڻوَقَالَتِ امْرَاَتُ فِرْعَوْنَ قُرَّةُ عَيْنٍ لِّيْ وَلَكَ ۭ لَا تَقْتُلُوْهُ ڰ عَسٰٓى اَنْ يَّنْفَعَنَآ اَوْ نَتَّخِذَهٗ وَلَدًا وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 9
فرعون جي زال (کيس) چيو؛ هي (ٻالڪ) منهنجي ۽ تنهنجي نيڻن جو ٺار آهي، ان کي قتل نه ڪر. ٿي سگهي ٿو ته اسان کي ڪو فائدو رسائي يا کڻي اسان کيس پنهنجو پُٽيلو بڻايون جڏهن ته فرعون وارا (انجام کان) بي خبر هيا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَصْبَحَ فُؤَادُ اُمِّ مُوْسٰى فٰرِغًا ۭ اِنْ كَادَتْ لَتُبْدِيْ بِهٖ لَوْلَآ اَنْ رَّبَطْنَا عَلٰي قَلْبِهَا لِتَكُوْنَ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 10
۽ (هوڏانهن) موسى جي ماءُ جي دل بي قرار ٿي پئي، جيڪڏهن اسان ان جي دل کي آٿت نه ڏيئون ها ته هوءَ اهو راز کولڻ تي هئي (۽ ائين ان ڪري ڪيوسون) ته جيئن هوءَ يقين ڪندڙن مان ٿئي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَقَالَتْ لِاُخْتِهٖ قُصِّيْهِ ۡ فَبَصُرَتْ بِهٖ عَنْ جُنُبٍ وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ ۙ11
موسيٰ جي ماءُ موسى جي ڀيڻ کي چيو؛ هُن جي پويان پويان وڃ-ته ڀيڻ ڪناري کان موسى کي ان انداز سان ڏسندي رهي ته جيئن هنن (يعني فرعون جي ماڻهن) کي ان جي (پويان اچڻ جي) کُڙڪ نه پوي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَحَرَّمْنَا عَلَيْهِ الْمَرَاضِعَ مِنْ قَبْلُ فَقَالَتْ هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰٓي اَهْلِ بَيْتٍ يَّكْفُلُوْنَهٗ لَكُمْ وَهُمْ لَهٗ نٰصِحُوْنَ 12
۽ اسان ته اڳواٽ ئي (ماءُ کانسواءِ ٻين) ٿڃ پياريندڙن جو کير موسى تي حرام ڪري ڇڏيو هيو، (نيٺ جڏهن موسى ڪنهن جي ٿڃ نه ورتي ته) اتي موسى جي ڀيڻ چيو؛ ڇا، مان توهان کي اهڙي گهراڻي جو ڏس ڏيان جيڪي توهان جي لاءِ هن ٻالڪ جي پالنا ڪن ۽ اهي هن (ٻالڪ) جا خير خواهه به هجن!
— عبدالمؤمن ميمڻفَرَدَدْنٰهُ اِلٰٓى اُمِّهٖ كَيْ تَــقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ وَلِتَعْلَمَ اَنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ وَّلٰكِنَّ اَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُوْنَ ۧ13
ان ريت، اسان موسى کي ان جي ماءُ وٽ واپس پهچائي ڇڏيو ته جيئن ماءُ جا نيڻ ٺرن ۽ هوءَ دلگير نه ٿئي ۽ اهو به يقين ڪري وٺي ته الله جو واعدو برحق آهي، پر گهڻا ماڻهو اهو ڄاڻن نه ٿا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَمَّا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَاسْتَوٰٓى اٰتَيْنٰهُ حُكْمًا وَّعِلْمًا ۭ وَكَذٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِيْنَ 14
۽ جڏهن موسى پنهنجي جوڀن کي پهتو ته اسان کيس ڏاهپ ۽ علم عطا ڪيو ۽ اسان نيڪوڪارن کي اهڙوئي صلو ڏيندا آهيون.
— عبدالمؤمن ميمڻوَدَخَلَ الْمَدِيْنَةَ عَلٰي حِيْنِ غَفْلَةٍ مِّنْ اَهْلِهَا فَوَجَدَ فِيْهَا رَجُلَيْنِ يَـقْتَتِلٰنِ ڭ هٰذَا مِنْ شِيْعَتِهٖ وَهٰذَا مِنْ عَدُوِّه ٖ ۚ فَاسْتَغَاثَهُ الَّذِيْ مِنْ شِيْعَتِهٖ عَلَي الَّذِيْ مِنْ عَدُوِّهٖ ۙ فَوَكَزَهٗ مُوْسٰى فَقَضٰى عَلَيْهِ ڭ قَالَ هٰذَا مِنْ عَمَلِ الشَّيْطٰنِ ۭ اِنَّهٗ عَدُوٌّ مُّضِلٌّ مُّبِيْنٌ 15
۽ جڏهن سڀ ماڻهو غافل هيا ته موسى شهر ۾ آيو ۽ اتي ٻن ماڻهن کي ڏٺائين- جيڪي پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا. انهن منجهان هڪڙو ماڻهو سندس قوم جو هيو. ۽ ٻيو سندس دشمن گروهه مان هيو. موسى کي ڏسي ان جي قوم جي ماڻهوءَ دشمن جي ظلم تي وٺي دانهن ڪئي، موسى دشمن کي هڪ، (هنڌائتو ۽ زوردار) ٺونشو هنيو ته همراهه پورو ٿي ويو. موسى دل ۾ چيو: (مار!) هي ته شيطاني ڪم ٿي پيو. بيشڪ ! شيطان انسان جو پڌرو ويري آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ رَبِّ اِنِّىْ ظَلَمْتُ نَفْسِيْ فَاغْفِرْ لِيْ فَغَفَرَ لَهٗ ۭ اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 16
موسى عرض ڪيو؛ اي منهنجا رب! مون پنهنجي پاڻُ تي ظلم ڪيو، تنهنڪري مون کي بخش ڪر. پوءِ الله کيس معاف ڪري ڇڏيو، بي شڪ! الله وڏو بخشڻهار نهايت مهربان آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ رَبِّ بِـمَآ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ فَلَنْ اَكُوْنَ ظَهِيْرًا لِّلْمُجْرِمِيْنَ 17
موسى عرض ڪيو؛ اي منهنجا رب! جيئن ته تون مون تي ٻاجهه ڪئي آهي تنهنڪري مان آئنده ڪڏهن به مجرمن جو مددگار نه ٿيندس.
— عبدالمؤمن ميمڻفَاَصْبَحَ فِي الْمَدِيْنَةِ خَاۗىِٕفًا يَّتَرَقَّبُ فَاِذَا الَّذِي اسْتَـنْصَرَهٗ بِالْاَمْسِ يَسْتَــصْرِخُهٗ ۭ قَالَ لَهٗ مُوْسٰٓى اِنَّكَ لَغَوِيٌّ مُّبِيْنٌ 18
هاڻي موسى، شهر ۾ خوف وچان لڪندو ٿي رهيو. اتفاق سان وري اهوئي ساڳيو همراهه جنهن ڪالهه کانئس مدد طلبي هئي، تنهن اڄ وري دانهن ڪئي، موسى چيو؛ تون وڏو ڪو گمراهه ماڻهو آهين. (ماڻهن سان وڙهندو ٿو رهين ۽ مون کي وتين ڦاسائيندو).
— عبدالمؤمن ميمڻفَلَمَّآ اَنْ اَرَادَ اَنْ يَّبْطِشَ بِالَّذِيْ هُوَ عَدُوٌّ لَّهُمَا ۙ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اَتُرِيْدُ اَنْ تَــقْتُلَنِيْ كَـمَا قَتَلْتَ نَفْسًۢا بِالْاَمْسِ ڰ اِنْ تُرِيْدُ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَ جَبَّارًا فِي الْاَرْضِ وَمَا تُرِيْدُ اَنْ تَكُوْنَ مِنَ الْمُصْلِحِيْنَ 19
پوءِ جڏهن موسى ان (قبطيءَ) تي حملو ڪرڻ چاهيو، جيڪو انهن ٻنهي جو دشمن هيو ته ان (فرياديءَ ڊڄي) چيو؛ موسى ! ڇا جيئن تو ڪالهه هڪ همراهه کي ماري وڌو هيو اڄ مون کي به پورو ڪرڻ ٿو چاهين؟ تون ڌرتيءَ تي ظالم بڻجي ٿو رهڻ چاهين؟، امن دوست ٿي رهڻ توکي پسند ناهي؟
— عبدالمؤمن ميمڻوَجَاۗءَ رَجُلٌ مِّنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ يَسْعٰى ۡ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اِنَّ الْمَلَاَ يَاْتَمِرُوْنَ بِكَ لِيَقْتُلُوْكَ فَاخْرُجْ اِنِّىْ لَكَ مِنَ النّٰصِحِيْنَ 20
۽ (جڏهن قتل جي خبر فرعون کي پهتي ته هن پلاند لاءِ مشوروڪرڻ ڪاڻ ڪامورا گڏ ڪيا-هوڏانهن) شهر جي پاسي مان هڪ همراهه ڊوڙندو آيو، چيائين ته؛ اي موسى ! سلطنت جا ڪامورا تنهنجي قتل بابت رٿابندي ڪري رهيا آهن، هاڻي تون هتان نڪري وڃ، مان تنهنج خير گهرندڙ آهيان توکي خير خواهيءَ جو مشورو ٿو ڏيان.
— عبدالمؤمن ميمڻ