027 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 93 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
طٰسۗ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْقُرْاٰنِ وَكِتَابٍ مُّبِيْنٍ 1ۙ
طا-سين- اهي قرآن ۽ پڌري ڪتاب جون آيتون آهن (جيڪو حق ۽ باطل، احڪامات ۽ هدايت کي صاف صاف بيان ڪندڙ آهي.)
— عبدالمؤمن ميمڻهُدًى وَّبُشْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2ۙ
مؤمنن جي لاءِ سراسر هدايت ۽ خوشخبريءَ جو ڪارڻ آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 3
جيڪي مؤمن نماز قائم ڪندا آهن ۽ زڪواة ادا ڪندا آهن ۽ اِهي مؤمن اُهي ئي ماڻهو آهن جيڪي آخرت تي يقين رکندا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُوْنَ 4ۭ
بي شڪ، جيڪي ماڻهو آخرت تي يقين نه رکندا آهن اسان سندن ڪرتوت کين لُڀائيندڙ ڪري ڏيکاريندا آهيون جنهنڪري هو ڀٽڪندا ويندا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ هُمُ الْاَخْسَرُوْنَ 5
اهي اُهي ماڻهو آهن جن جي لاءِ (دنيا ۾ به) بدترين عذاب آهي ۽ اِهي آخرت ۾ سڀ کان وڌيڪ خساري وارا هوندا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْاٰنَ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ عَلِيْمٍ 6
۽ (اي نبي !) توکي هي قرآن يقيناً وڏي حڪمت ۽ وڏي علم واري ذات جي پاران اماڻيو پيو وڃي.
— عبدالمؤمن ميمڻاِذْ قَالَ مُوْسٰي لِاَهْلِهٖٓ اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا ۭ سَاٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِخَــبَرٍ اَوْ اٰتِيْكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُوْنَ 7
(انهن جي آڏو اهو واقعو بيان ڪر) جڏهن موسى پنهنجي گهر واريءَ کي چيو ته؛ مون هڪ باهه (ٽمڪندي) ڏٺي آهي،(تنهنڪري تون هتي ترس ته) مان اتان يا ته (رستي جي) ڪا خبر لهي ايندس يا ٽانڊو آڻيندس ته جيئن تون (سيءَ کان بچڻ لاءِ) سيڪو وٺين.
— عبدالمؤمن ميمڻفَلَمَّا جَاۗءَهَا نُوْدِيَ اَنْۢ بُوْرِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا ۭ وَسُـبْحٰنَ اللّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 8
پوءِ جڏهن موسيٰ اتي پهتو ته کيس آواز آيو؛ برڪت ڀريو آهي جيڪو هن باهه جي اندر آهي ۽ جيڪو ڪجهه ان جي چؤڌاري آهي ۽ الله رب العالمين مڙني عيبن کان پاڪ آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻيٰمُوْسٰٓي اِنَّهٗ ٓ اَنَا اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9ۙ
اي موسى! اِهو مان آهيان- الله ! زبردست- حڪمت ڀريو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَلْقِ عَصَاكَ ۭ فَلَمَّا رَاٰهَا تَهْتَزُّ كَاَنَّهَا جَاۗنٌّ وَّلّٰى مُدْبِرًا وَّلَمْ يُعَقِّبْ ۭ يٰمُوْسٰي لَا تَخَفْ ۣ اِنِّىْ لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُوْنَ ڰ 10
۽ پنهنجي لٺ اڇل پوءِ جڏهن موسى اها لٺ اڇلي ته لٺ، نانگ جيان بُلَ پئي کاڌا ته موسى پٺي ڏئي وٺي پويان پير ڪيا ۽ پوئتي نه واجهايائين. (ارشاد ٿيو:) اي موسى ! ڊڄ نه منهنجي درٻار ۾ پهچي پيغمبر ڊڄندا ناهن.
— عبدالمؤمن ميمڻاِلَّا مَنْ ظَلَمَ ثُـمَّ بَدَّلَ حُسْـنًۢا بَعْدَ سُوْۗءٍ فَاِنِّىْ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 11
سواءِ ان(عام ماڻهوءَ) جي جنهن کان ڪوتاهي ٿي وڃي پوءِ هو ڪوتاهيءَ پڄاڻان ان جي تلافي ڪري وٺندو آهي ته مان بخشڻهار- مهربان آهيان.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَدْخِلْ يَدَكَ فِيْ جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاۗءَ مِنْ غَيْرِ سُوْۗءٍ ۣ فِيْ تِسْعِ اٰيٰتٍ اِلٰى فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهٖ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمًا فٰسِقِيْنَ 12
۽ پنهنجو هٿ پنهنجي گريبان مان بغل ۾ وجهه ته اهو ڪنهن عيب کان سواءِ ئي چمڪندي نڪرندو (اهي ٻَئي معجزا) ٺوس نشانين منجهان آهن، (اهي کڻي) فرعون ۽ ان جي قوم ڏانهن وڃ ڇاڪاڻ ته اها ڏاڍي بدڪردار قوم آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻفَلَمَّا جَاۗءَتْهُمْ اٰيٰتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوْا ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ ۚ13
پوءِ جڏهن اسان جون کليل نشانيون وٽس آيون ته فرعون جا درٻاري چوڻ لڳا؛ اهو ته سڌو سنئون جادو آهي!
— عبدالمؤمن ميمڻوَجَحَدُوْا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَآ اَنْفُسُهُمْ ظُلْمًا وَّعُلُوًّا ۭ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِيْنَ ۧ14
۽ انهن ظلم ۽ تڪبر طور انهن (نشانين) جو انڪار ڪري ڇڏيو، حالانڪه درٻارين جون دليون انهن (معجزن جي صداقت) تي يقين ڪري چڪيون هيون. تنهنڪري ڏسو ته انهن فسادين جو انجام ڇا ٿيو!
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ وَسُلَيْمٰنَ عِلْمًا ۚ وَقَالَا الْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ فَضَّلَنَا عَلٰي كَثِيْرٍ مِّنْ عِبَادِهِ الْمُؤْمِنِيْنَ 15
۽ بي شڪ ! اسان داؤد ۽ سليمان کي علم عطا فرمايو ۽ انهن چيو؛ سڀ تعريف الله جي لاءِ آهي جنهن اسان کي پنهنجن کوڙ مؤمن ٻانهن تي فضيلت بخشي آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَوَرِثَ سُلَيْمٰنُ دَاوٗدَ وَقَالَ يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنْطِقَ الطَّيْرِ وَاُوْتِيْنَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ ۭ اِنَّ ھٰذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِيْنُ 16
۽ سليمان، داؤد جو جانشين ٿيو ۽ ان چيو؛ لوڪو! اسان کي پکين جون ٻوليون سيکاريون ويون آهن ۽ اسان کي هر قسم جون ضروري شيون به عطا ڪيون ويون آهن، واقعي اهو (الله جو) پڌرو فضل آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَحُشِرَ لِسُلَيْمٰنَ جُنُوْدُهٗ مِنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 17
۽ هڪ ڀيري سليمان جي لاءِ جِنّن، انسانن ۽ پکين جا ڪٽڪ ڪَٺا ڪيا ويا ۽ اهي نظم وضبط سان ڪَٺا ڪيا ويندا هيا.
— عبدالمؤمن ميمڻحَتّىٰٓ اِذَآ اَتَوْا عَلٰي وَادِ النَّمْلِ ۙ قَالَتْ نَمْــلَةٌ يّـٰٓاَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوْا مَسٰكِنَكُمْ ۚ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمٰنُ وَجُنُوْدُهٗ ۙ وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 18
تان جو جڏهن اهي سڀ ڪِوِلين جي واديءَ ۾ پهتا ته هڪ ڪِوِل چيو؛ اي ڪِوِليئو! پنهنجن پنهنجن ٻِرن ۾ داخل ٿي وڃو ڪٿي ائين نه ٿئي جو سليمان ۽ ان جو لشڪر توهان کي بيخبريءَ ۾ لتاڙي وڃي ۽ کين پتو به نه پوي!
— عبدالمؤمن ميمڻفَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِّنْ قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَدْخِلْنِيْ بِرَحْمَتِكَ فِيْ عِبَادِكَ الصّٰلِحِيْنَ 19
ته سليمان ان جي ڳالهه تي مسڪرائيندي کِلي ڏنو ۽ چوڻ لڳو؛ اي منهنجا رب ! تون مون کي ان ڳالهه تي قائم رک ته مان تنهنجي احسانن جو شڪر ادا ڪندو رهان جيڪي احسان تو مون تي ۽ منهنجي پيءُ ماءُ تي ڪيا آهن ۽ مان اهڙا نيڪ ڪم ڪندو رهان جيڪي تنهنجا پسنديده هجن ۽ مون کي پنهنجيءَ رحمت سان پنهنجن نيڪ بندن ۾ شامل ڪر.
— عبدالمؤمن ميمڻوَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَآ اَرَى الْهُدْهُدَ ڮ اَمْ كَانَ مِنَ الْغَاۗىِٕـبِيْنَ 20
۽ سليمان پکين جو جائزو ورتو ته چيائين؛ ته مان (فلاڻي) هُد هُد کي نه ٿو ڏسان، يا اهو ڪٿي غائب ٿي ويو آهي؟
— عبدالمؤمن ميمڻ