1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

022 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 78 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

22:1

يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمْ ۚ اِنَّ زَلْزَلَةَ السَّاعَةِ شَيْءٌ عَظِيْمٌ 1‏۝

لوڪو! پنهنجي پالڻهار جي عذاب کان ڊڄو، يقين ڪريو! قيامت جو زلزلو وڏي شيءِ آهي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:2

يَوْمَ تَرَوْنَهَا تَذْهَلُ كُلُّ مُرْضِعَةٍ عَمَّآ اَرْضَعَتْ وَتَضَعُ كُلُّ ذَاتِ حَمْلٍ حَمْلَهَا وَتَرَى النَّاسَ سُكٰرٰي وَمَا هُمْ بِسُكٰرٰي وَلٰكِنَّ عَذَابَ اللّٰهِ شَدِيْدٌ 2‏۝

جنهن ڏينهن اها گهڙي توهان جي سامهون ايندي ته توهان ڏسندؤ، ان ڏينهن (ڪوئي به هوش ۾ نه هوندو) ٿڃ پياريندڙ مائرون پنهنجا ٿڃ پياڪ ٻچا وساري ويهنديون، ڳورهاريون عورتون (وقت کان اڳ) پنهنجا حمل ڪيرائي ويهنديون. ماڻهن کي تون ان حال ۾ ڏسندين (جهڙوڪر) نشي ۾ ڌُت آهن. حالانڪه اهي نشي ۾ ڌُت نه هوندا، پر الله جي عذاب جي دهشت تمام سخت آهي (جنهن ماڻهن کي نشئي ماڻهن جيان بي هوش ڪري ڇڏيو هوندو).

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:3

وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّيَتَّبِـعُ كُلَّ شَيْطٰنٍ مَّرِيْدٍ 3‏۝ۙ

۽ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي الله بابت الجهن ٿا ۽ وٽن ڪو علم به ڪونهي. اهي تڙيل شيطان جي ڪڍ لڳن ٿا.

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:4

كُتِبَ عَلَيْهِ اَنَّهٗ مَنْ تَوَلَّاهُ فَاَنَّهٗ يُضِلُّهٗ وَيَهْدِيْهِ اِلٰى عَذَابِ السَّعِيْرِ 4‏۝

شيطان جي لاءِ اها ڳالهه لکجي چڪي آهي ته جيڪو ان جو ساٿي ٿيو، هو ضرور کيس گمراهه ڪندو ۽ کيس جهنم جي عذاب تائين پهچائيندو.

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:5

يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنْ كُنْتُمْ فِيْ رَيْبٍ مِّنَ الْبَعْثِ فَاِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ مِنْ نُّطْفَةٍ ثُـمَّ مِنْ عَلَقَةٍ ثُـمَّ مِنْ مُّضْغَةٍ مُّخَلَّقَةٍ وَّغَيْرِ مُخَلَّقَةٍ لِّنُبَيِّنَ لَكُمْ ۭ وَنُقِرُّ فِي الْاَرْحَامِ مَا نَشَاۗءُ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ثُـمَّ نُخْرِجُكُمْ طِفْلًا ثُـمَّ لِتَبْلُغُوْٓا اَشُدَّكُمْ ۚ وَمِنْكُمْ مَّنْ يُّتَوَفّٰى وَمِنْكُمْ مَّنْ يُّرَدُّ اِلٰٓى اَرْذَلِ الْعُمُرِ لِكَيْلَا يَعْلَمَ مِنْۢ بَعْدِ عِلْمٍ شَيْــــًٔا ۭ وَتَرَى الْاَرْضَ هَامِدَةً فَاِذَآ اَنْزَلْنَا عَلَيْهَا الْمَاۗءَ اهْتَزَّتْ وَرَبَتْ وَاَنْۢبَتَتْ مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 5‏۝

لوڪو! جيڪڏهن توهان کي ان بابت ڪو شڪ آهي ته ماڻهو (ٻيهر) جيئرو ٿي اٿندو ته (ان ڳالهه تي غور ڪريو ته) اسان توهان کي (ڪهڙي شيءِ مان) پيدا ڪيو؟ توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيوسون! پوءِ (توهان جي پيدائش جو سلسلو ڪيئن جاري ٿيو؟ اهو) هيئن (جاري ٿيو ته ماڻهو) ته پهريون نطفو هوندو آهي، پوءِ “رت جو دِڳُ” ٺهندو آهي پوءِ پورو بڻايل ۽ اڻ پورو ماس جو هڪ لوٿڙو (بڻبو آهي) ۽ (تخليق جو اهو عمل) ان لاءِ هوندو آهي ته توهان تي (پنهنجي قدرت) واضح ڪريون. وري ڏسو! جنهن نطفي بابت اسين چاهيندا آهيون (ته ان کي تڪميل تائين پهچايون ته) ان کي عورت جي گرڀ (ڳهڻ) ۾ هڪ مقرر وقت تائين رکندا آهيون. وري (جڏهن، نطفو تڪميل جا سمورا اندروني مرحلا طئه ڪري وٺندو آهي ته) ٻارڙي جي صورت ۾ توهان کي ٻاهر ڪڍندا آهيون. پوءِ توهان (تي هڪ ٻئي پويان) اهڙيون حالتون طاري ڪندا آهيون جو (آخرڪار) پنهنجي جوڀن کي اچي رسندا آهيو. پوءِ توهان ۾ ڪو اهڙو هوندو آهي جيڪو (پوڙهپ کان اڳ ئي) مري ويندو آهي. ڪو اهڙو هوندو آهي جيڪو (پوڙهپ تائين پهچي ويندو آهي ۽ ان ريت) عمر جي (جهور پوڙهائي جي) نڪمي حالت ڏانهن موٽايو ويندو آهي جو سمجهه رکڻ کانپوءِ بي سمجهيءَ جي حالت ۾ اچي ويندو آهي. ۽ توهين ڏسندا آهيو ته زمين سڪل هوندي آهي پوءِ جڏهن ان تي پاڻي وسائيندا آهيون ته ڏسندي ئي ڏسندي اُسرڻ ۽ ٻهڪڻ لڳندي آهي. هر قسم جي گؤنچن منجهان سونهن جو لُڀائيندڙ منظر نسري پوندو آهي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:6

ذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ هُوَ الْـحَقُّ وَاَنَّهٗ يُـحْيِ الْمَوْتٰى وَاَنَّهٗ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 6‏۝ۙ

اهو ان ڳالهه جو دليل آهي ته الله جي هستي، هڪ حقيقت آهي ۽ هو، بي شڪ ! مئلن کي زنده ڪندو آهي ۽ هو هر ڳالهه تي وس وارو آهي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:7

وَّاَنَّ السَّاعَةَ اٰتِيَةٌ لَّا رَيْبَ فِيْهَا ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ يَبْعَثُ مَنْ فِي الْقُبُوْرِ 7‏۝

۽ اهو پڻ ان ڳالهه جو به (دليل آهي) ته مقرر ڪيل گهڙي اچڻي ئي آهي. ان ۾ ڪوئي شڪ ڪونهي ۽ اهو ان ڳالهه جو به (دليل آهي) ته الله، ضرور انهن کي اٿاريندو جيڪي قبرن ۾ پوريل آهن.

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:8

وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّلَا هُدًى وَّلَا كِتٰبٍ مُّنِيْرٍ 8‏۝ۙ

۽ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي الله جي ذات بابت جهڳڙو ڪندا آهن نه ڪي وٽن علم جي روشني آهي نه ڪي وٽن ڪنهن قسم جي ڪا رهنمائي آهي نه ڪي وٽن ڪو روشن ڪتاب ئي آهي!

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:9

ثَانِيَ عِطْفِهٖ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ لَهٗ فِي الدُّنْيَا خِزْيٌ وَّنُذِيْقُهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ عَذَابَ الْحَرِيْقِ 9‏۝

تڏهن به ٽڏجي الله بابت جهيڙو ڪن ٿا ته جيئن ماڻهن کي الله جي واٽ کان ڀٽڪائين اهڙي ماڻهوءَ جي لاءِ دنياوي زندگيءَ ۾ رسوائي آهي ۽ قيامت جي ڏينهن اسين ان کي باهه جي عذاب جو مزو چکائينداسين.

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:10

ذٰلِكَ بِـمَا قَدَّمَتْ يَدٰكَ وَاَنَّ اللّٰهَ لَيْسَ بِظَلَّامٍ لِّـلْعَبِيْدِ ۝ۧ10

(کيس ٻڌائينداسون ته) اهو ان جو نتيجو اٿئي جيڪو خود تنهنجن هٿن، اڳواٽ ئي تيار ڪري ڇڏيو هيو ۽ الله ته پنهنجن بندن جي لاءِ ڪڏهن به ظالم نه ٿو ٿي سگهي!

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:11

وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّعْبُدُ اللّٰهَ عَلٰي حَرْفٍ ۚ فَاِنْ اَصَابَهٗ خَيْرُ ۨاطْـمَاَنَّ بِهٖ ۚ وَاِنْ اَصَابَتْهُ فِتْنَةُ ۨانْقَلَبَ عَلٰي وَجْهِهٖ ڗ خَسِرَ الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةَ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الْخُسْرَانُ الْمُبِيْنُ ؀11

۽ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي الله جي بندگي ته ڪن ٿا پر دل سان نه ٿا ڪن! جيڪڏهن کين ڪوئي فائدو ملي ٿو ته مطمئن ٿي وڃن ٿا جيڪڏهن ڪنهن امتحان ۾ پون ٿا ته ساڳن پيرن تي پنهنجي (ڪفر جي) حالت ڏانهن موٽي وڃن ٿا. اهي دنيا ۾ به نامراد ٿيا ۽ آخرت ۾ به! ۽ اهائي ڏٺي وائٺي نامرادي آهي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:12

يَدْعُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا يَضُرُّهٗ وَمَا لَا يَنْفَعُهٗ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ ۝ۚ12

اهي الله کانسواءِ انهن هٿرادو هستين کي (پنهنجين حاجتن جي لاءِ) پڪارين ٿا جيڪي هستيون نه ڪي کين نقصان پهچائي سگهن ٿيون نه ڪي وري ڪو فائدو. اها نهايت ئي گهري گمراهي آهي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:13

يَدْعُوْا لَمَنْ ضَرُّهٗ ٓ اَقْرَبُ مِنْ نَّفْعِهٖ ۭ لَبِئْسَ الْمَوْلٰى وَلَبِئْسَ الْعَشِيْرُ ؀13

هو، اهڙي هستيءَ کي پڪارين ٿا جنهن مان نفعي کان وڌيڪ ان جو نقصان قريب تر آهي سو (اهڙو جڙتو معبود) ڪيڏو ته بڇڙو ڪارساز ٿيو ۽ ڪيڏو نه بڇڙو ساٿي ٿيو!

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:14

اِنَّ اللّٰهَ يُدْخِلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَفْعَلُ مَا يُرِيْدُ ؀14

جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل به ڪيائون ته ضرور، الله کين اهڙن باغن ۾ پهچائيندو جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون الله، جيڪو چاهيندو آهي سو ڪندو آهي. (هو مالڪ ۽ مختار آهي).

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:15

مَنْ كَانَ يَظُنُّ اَنْ لَّنْ يَّنْصُرَهُ اللّٰهُ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ فَلْيَمْدُدْ بِسَبَبٍ اِلَى السَّمَاۗءِ ثُـمَّ لْيَقْطَعْ فَلْيَنْظُرْ هَلْ يُذْهِبَنَّ كَيْدُهٗ مَا يَغِيْظُ ؀15

جيڪو ماڻهو (مايوس ٿي) اهو سمجهي ويهندو آهي ته الله، دنيا ۽ آخرت ۾ ان جي مدد نه ڪندو ته (ان جي لاءِ زندگيءَ جي ڪابه واٽ باقي نه بچي) ان کي گهرجي ته هڪ رسي کڻي وڃي ڇت سان ٻڌي اچي ۽ (ان ۾ ڦاهو کاهي، زمين کان) ڪاٽا ٿي وڃي. پوءِ ڏسي ته اِن تدبير، سندس غم ۽ غصو ٽاريو يا نه؟

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:16

وَكَذٰلِكَ اَنْزَلْنٰهُ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ ۙ وَّاَنَّ اللّٰهَ يَهْدِيْ مَنْ يُّرِيْدُ ؀16

۽ اهڙيءَ طرح اسان هي ڪلام روشن دليلن جي صورت ۾ لاٿو ۽ ان لاءِ لاٿوسين جو الله جنهن کي چاهيندو آهي (ڪاميابيءَ جي واٽ) سهائي ڇڏيندو آهي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:17

اِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَالَّذِيْنَ هَادُوْا وَالصّٰبِــِٕــيْنَ وَالنَّصٰرٰي وَالْمَجُوْسَ وَالَّذِيْنَ اَشْرَكُـوْٓا ڰ اِنَّ اللّٰهَ يَفْصِلُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ شَهِيْدٌ ؀17

جن ماڻهن ايمان آندو ۽ جيڪي يهودي آهن ۽ جيڪي صابي آهن ۽ جيڪي نصارى آهن ۽ جيڪي مجوسي آهن ۽ جيڪي مشرڪ آهن، قيامت ڏهاڙي انهن مڙني جي وچ ۾، الله فيصلو ڪندو (۽ انهن جي عملن جي حقيقت ظاهر ٿيندي). الله (کان ڪائي ڳالهه اوجهل ڪانهي، هو) سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:18

اَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ يَسْجُدُ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ وَالشَّمْسُ وَالْقَمَرُ وَالنُّجُوْمُ وَالْجِبَالُ وَالشَّجَرُ وَالدَّوَاۗبُّ وَكَثِيْرٌ مِّنَ النَّاسِ ۭ وَكَثِيْرٌ حَقَّ عَلَيْهِ الْعَذَابُ ۭ وَمَنْ يُّهِنِ اللّٰهُ فَـمَا لَهٗ مِنْ مُّكْرِمٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَفْعَلُ مَا يَشَاۗءُ ڍ ؀18

ڇا توهين نه ٿا ڏسو ته جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي ڪجهه زمين ۾ آهي، پڻ سج-چنڊ-تارا- جَبل- وڻ- چوپايا، سڀ الله جي آڏو سربسجود آهن ۽ ڪيترائي انسان به! هائو- کوڙ ساترا انسان اهڙا به آهن جو مٿن عذاب جي ڳالهه ثابت ٿي چڪي ۽ جنهن کي الله ذلت ۾ وجهي ته ان کي ڪير به عزت ڏئي نه ٿو سگهي، هو جيڪو چاهيندو آهي سوڪندو آهي.

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:19

ھٰذٰنِ خَصْمٰنِ اخْتَصَمُوْا فِيْ رَبِّهِمْ ۡ فَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا قُطِّعَتْ لَهُمْ ثِيَابٌ مِّنْ نَّارٍ ۭ يُصَبُّ مِنْ فَوْقِ رُءُوْسِهِمُ الْحَمِيْمُ ؀ۚ19

هي ٻه مخالف (ٽولا) آهن جيڪي پالڻهار بابت هڪ ٻئي جي مخالف ڳالهيون ڪن ٿا. منجهانئن، جن ڪفر جي واٽ ورتي انهن جي لاءِ باهه جي پوشاڪ نصيبُ ڪئي وئي-سندن مٿن تي ٻڙڪندڙ پاڻي پلٽيو ويندو.

— عبدالمؤمن ميمڻ

22:20

يُصْهَرُ بِهٖ مَا فِيْ بُطُوْنِهِمْ وَالْجُلُوْدُ ؀ۭ20

پاڻيءَ (جي تپش جي شدت) سان جيڪي ڪجهه سندن پيٽن ۾ آهي، سو سڙي ڳري ويندو، سندن جسم جي چمڙيءَ جوبه اهوئي حال ٿيندو.

— عبدالمؤمن ميمڻ