021 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 112 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
اِقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُهُمْ وَهُمْ فِيْ غَفْلَةٍ مُّعْرِضُوْنَ 1ۚ
وقت اچي ويجهو پهتو آهي ته- ماڻهن کان (سندن عملن جو) حساب چڪائجي. حالانڪه سندن حال اهو آهي جو منهن مَٽيون غفلت ۾ ورتا پيا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنْ رَّبِّهِمْ مُّحْدَثٍ اِلَّا اسْتَـمَعُوْهُ وَهُمْ يَلْعَبُوْنَ 2ۙ
سندن پالڻهار جي پاران، مٿن لڳاتار نصيحت جون ڳالهيون اينديون رهيون پر ڪڏهن به انهن دل سان نه ٻڌيون- هو ٻڌن ته ٿا پر (ٻڌڻ دوران) تماشي ۾ لڳا رهن ٿا!
— عبدالمؤمن ميمڻلَاهِيَةً قُلُوْبُهُمْ ۭ وَاَسَرُّوا النَّجْوَي ڰ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا ڰ هَلْ ھٰذَآ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ ۚ اَفَتَاْتُوْنَ السِّحْرَ وَاَنْتُمْ تُبْصِرُوْنَ 3
۽ دليؤن مورؤن غافل! ۽ ظلم ڪندڙ لِڪي لِڪي، هڪ ٻئي کي ڪن ۾ چوندا رهيا: هي ته نج پج اسان جهڙو ئي ماڻهو آهي! ڇا پوءِ توهين ڄاڻي ٻڄهي اهڙي هنڌ ٿا اچو جتي جادوءَ کانسواءِ ڪا شيءِ ڪونهي؟
— عبدالمؤمن ميمڻقٰلَ رَبِّيْ يَعْلَمُ الْقَوْلَ فِي السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۡ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 4
(پيغمبر) چيو: آسمان ۽ زمين ۾ جيڪا به ڳالهه ٿيندي آهي (ڀل پوءِ اها لڪ ڇپ ۾ ٿيندي هجي يا ظاهر ظهور) منهنجو پالڻهار هر شيءِ ڄاڻندو آهي هو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻبَلْ قَالُـوْٓا اَضْغَاثُ اَحْلَامٍۢ بَلِ افْتَرٰىهُ بَلْ هُوَ شَاعِرٌ ښ فَلْيَاْتِنَا بِاٰيَةٍ كَـمَآ اُرْسِلَ الْاَوَّلُوْنَ 5
(رڳو ايترو ئي نه!) بلڪ انهن چيو: اهي ته ڇڙو خيالي ڳالهيون آهن، بلڪه جڙتو دعوائون آهن- نه نه اهو ته شاعر آهي. جيڪڏهن ائين ڪونهي ته (ڀلا) ڪا (برباديءَ جي) نشاني ئي آڻي ڏيکاري. جيئن آڳاٽي زماني جا رسول نشانين سميت موڪليا ويا هئا.
— عبدالمؤمن ميمڻمَآ اٰمَنَتْ قَبْلَهُمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا ۚ اَفَهُمْ يُؤْمِنُوْنَ 6
پر کانئن پهريان اسان جيڪي وسنديون برباد ڪيون، انهن مان ته ڪنهن به (برباديءَ جون نشانيون ڏسڻ جي باوجود به) ايمان ڪونه آندو هيو. ڇا پوءِ اهي ماڻهو ايمان آڻيندا؟
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَآ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ اِلَّا رِجَالًا نُّوْحِيْٓ اِلَيْهِمْ فَسْــَٔـلُوْٓا اَهْلَ الذِّكْرِ اِنْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ 7
۽ (اي پيغمبر!) اسان توکان اڳ جيڪو به پيغمبر موڪليو، سو ماڻهو ئي هيو- مٿس اسان جي وحي نازل ٿي هئي تنهن ڪري (اي منڪرؤ!) جيڪڏهن توهان کي اها ڳالهه معلوم ڪانهي ته اهلِ ڪتاب کان پڇي وٺو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَا جَعَلْنٰهُمْ جَسَدًا لَّا يَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَمَا كَانُوْا خٰلِدِيْنَ 8
۽ اسان انهن پيغمبرن کي ڪڏهن به اهڙو جسم ڪونه ڏنو هيو جو هو کاڌو نه کائيندا هجن ۽ نه ڪي هو سدائين جيئرا رهندڙ هئا.
— عبدالمؤمن ميمڻثُـمَّ صَدَقْنٰهُمُ الْوَعْدَ فَاَنْجَيْنٰهُمْ وَمَنْ نَّشَاۗءُ وَاَهْلَكْنَا الْمُسْرِفِيْنَ 9
(اسان تو وانگر ئي انسانن کي پيغمبر بڻائي موڪليو هيو) پوءِ جنهن ڳالهه جو واعدو ڪيو هيوسين، اهو کين سچو ڪري ڏيکاريوسون. اسان، پيغمبرن کي ۽ (ساڻن گڏ) جنهن کي چاهيوسين، نجات ڏني ۽ حدون اورانگهيندڙن کي تباهه ڪري ڇڏيوسون.
— عبدالمؤمن ميمڻلَقَدْ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكُمْ كِتٰبًا فِيْهِ ذِكْرُكُمْ ۭ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ ۧ10
اسان توهان جي لاءِ هڪ ڪتاب نازل ڪيو آهي، جنهن ۾ توهان جي لاءِ نصيحت آهي، (هاڻي ان کان وڌيڪ توهان کي ٻيو ڇا گهرجي؟) ڇا توهين سمجهو نه ٿا؟
— عبدالمؤمن ميمڻوَكَمْ قَصَمْنَا مِنْ قَرْيَةٍ كَانَتْ ظَالِمَةً وَّاَنْشَاْنَا بَعْدَهَا قَوْمًا اٰخَرِيْنَ 11
۽ ڪيتريون ئي وسنديون، جيڪي ظلم ۽ شرارت ۾ رُڌل هيون، اسان تباهه ڪري ڇڏيون ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن کي آباد ڪيوسين.
— عبدالمؤمن ميمڻفَلَمَّآ اَحَسُّوْا بَاْسَنَآ اِذَا هُمْ مِّنْهَا يَرْكُضُوْنَ ۭ12
جڏهن انهن اسان جو عذاب محسوس ڪيو ته امالڪ ڳوٺن مان ڀڄندا ويا.
— عبدالمؤمن ميمڻلَا تَرْكُضُوْا وَارْجِعُوْٓا اِلٰى مَآ اُتْرِفْتُمْ فِيْهِ وَمَسٰكِنِكُمْ لَعَلَّكُمْ تُسْــَٔـلُوْنَ 13
(کين چيو ويو ته) هاڻي ڀڄو ڪيڏانهن ٿا؟ پنهنجي ساڳئي عيش عشرت ۾ موٽي اچو (جنهن ۾ توهين ايڏو مگن هيئو)۽ انهن جاين ۾(جن جي مضبوطين تي توهان کي ناز هيو، ممڪن آهي ته ان بابت صلاح مشوري ۾ توهان جي ضرورت پوي ۽) توهان کان ڪجهه پڇيو وڃي.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالُوْا يٰوَيْلَنَآ اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 14
ڳوٺن جي رهواسين راڙيون ڪيون: اسان تي افسوس! بي شڪ اسين ظالم هئاسون.
— عبدالمؤمن ميمڻفَـمَا زَالَتْ تِّلْكَ دَعْوٰىهُمْ حَتّٰى جَعَلْنٰهُمْ حَصِيْدًا خٰمِدِيْنَ 15
پوءِ هو لڳاتار اهي ئي راڙيون ڪندا رهيا، تان جو اسان کين ختم ڪري ڇڏيو، لڻيل فصلن وانگر- اجهاڻل ٽانڊن وانگر!
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَا خَلَقْنَا السَّمَاۗءَ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا لٰعِبِيْنَ 16
۽ اسين آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي ڪجهه انهن جي درميان آهي، ڪو، چرچا ڀوڳ ڪندي ناهي ٺاهيو (بلڪه ڪنهن مقصد ۽ حڪمت تحت پيدا ڪيو آهي)
— عبدالمؤمن ميمڻلَـوْ اَرَدْنَآ اَنْ نَّتَّخِذَ لَهْوًا لَّاتَّخَذْنٰهُ مِنْ لَّدُنَّآ ڰ اِنْ كُنَّا فٰعِلِيْنَ 17
جيڪڏهن اسان کي تماشو ئي ڪرڻو يا بنائڻو هجي ها ته (اسان کي ان کان ڪير پئي روڪي سگهيو؟) اسين پاڻ ئي پنهنجي پاران اهڙو چرخو جوڙي ڇڏيئون ها، پر اسان کي ايئن ڪرڻو ڪونه هيو.
— عبدالمؤمن ميمڻبَلْ نَقْذِفُ بِالْـحَقِّ عَلَي الْبَاطِلِ فَيَدْمَغُهٗ فَاِذَا هُوَ زَاهِقٌ ۭ وَلَـكُمُ الْوَيْلُ مِـمَّا تَصِفُوْنَ 18
بلڪه (هتي ته حقيقت ئي ڪا ٻي آهي) ۽ اسين حق کي باطل تي ڦهڪائي ڇڏيندا آهيون ته حق، باطل کي ڪچلي ڇڏيندو آهي ۽ ترت ئي کيس فنا ڪري ڇڏيندو آهي- افسوس توهان تي! توهين ڳالهيون ڪهڙيون ويٺا ڪريو؟!
— عبدالمؤمن ميمڻوَ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَ مَنْ عِنْدَهٗ لَا يَسْـتَكْبِرُوْنَ عَنْ عِبَادَتِهٖ وَ لَا يَسْتَحْسِرُوْنَ ۚ19
آسمانن ۾ جيڪي ڪجهه آهي ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه آهي، سڀ ان (الله پاڪ) جا آهن، جيڪي (فرشتا) ان جي حضور ۾ آهن، اهي ڪڏهن به ٽڏجي (ڦونڊجي) ان جي بندگيءَ کان انڪار نه ڪندا آهن، نه ڪي ڪڏهن (بندگيءَ کان) ٿڪبا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻيُسَبِّحُوْنَ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ لَايَفْتُرُوْنَ 20
فرشتا رات ڏينهن ان جي پاڪائيءَ جا گيت ڳائيندا رهندا آهن، اهي ڪڏهن به سست نه ٿيندا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻ